پاڪستاني ڇوڪري ورلڊ ٽائيڪوانڊو چئمپين شپ ۾ برانز ميڊل حاصل ڪري ورتو
مينگورا سان تعلق رکندڙ 8 سالن جي عائشه اياز دبئي ۾ ٿيندڙ ورلڊ ٽائيڪوانڊو چئمپين شپ ۾ پتل جو ميڊل حاصل ڪري ورتو آهي. گهٽ عمر واري عائشه اياز گذريل سال انڊر 23 راندين ۾ به حصو ورتو ۽ بهترين رانديگرياڻي جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. هن سال هن کي دبئي ۾ ٿيندڙ چئمپين شپ لاءِ چونڊيو ويو جتي هن ميڊل حاصل ڪيو آهي.

