مريخ تان موسمياتي خبرون اچڻ لڳيون
آمريڪي خلائي اداري ناسا ويجهڙ ۾ هڪ خلائي جهاز مريخ ڏانهن موڪليو. هن خلائي جهاز جو نالو انسائيٽ (Insight) رکيو ويو آهي جنهن ۾ حساس قسم جا اوزار لڳل آهن جنهن جي مدد سان سياري جي موسم ۾ ايندڙ تبديلي جهڙوڪ گرمي پد ۾ ڦير گهير، هوا جي رفتار ۽ دٻاءُ وغيره کي معلوم ڪري سگهن ٿا، جنهن بعد اها معلومات زمين تائين به موڪلي سگهن ٿا. ناسا جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي خلائي جهاز نه صرف مريخ جي موسم بابت خبرون ڏيندو رهندو پر ان جي سطح اندر ٿيندڙ تبديلين بابت به معلومات مهيا ڪندو رهندو. ناسا مطابق هن خلائي جهاز بعد مريخ زمين بعد ٻيو اهڙو سيارو بڻجي چڪو آهي جنهن جون موسمي خبرون وٺي سگهجن ٿيون ناسا پنهنجي ويب سائيٽ تي انهن موسمي خبرن کي رکيو آهي جتان هر ڪوئي انهن کي ڏسي سگهي ٿو.
مريخ جي موسم بابت خبرون هن ويب سائيٽ تي پڙهي سگهجن ٿيون
https://mars.nasa.gov/insight/weather/

