ڪوئٽا جي سبزي منڊي ڌماڪي ۾ 20 ڄڻا اجل جو شڪار، 48 زخمي
ڪوئٽا جي هزار گنجي سبزي منڊي ۾ ڌماڪو 2 ٻارن سميت 20 ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته 4 ايف سي اهلڪارن سميت 48 ڄڻا زخمي تي پيا آهن. ڌماڪي جي شدت سبب ويجهن عمارتن کي به نقصان پهتو آهي. ڊي آءِ جي ڪوئٽا جي چوڻ مطابق فوت ٿيندڙ 8 ڄڻن جي تعلق هزارا ڪميونٽي سان آهي. سبزي منڊي ۾ ڌماڪي وارو مواد پٽاٽن جي ٻوري ۾ رکيو ويو هيو. ڌماڪو رموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو يا ٽائيم ڊوائيس ذريعي ان جي تفتيش ڪئي پئي وڃي. لاشن ۽ زخمين کي بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسن پاران علائقي کي گهيري ۾ وٺي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. جڏهن ته واقعي واري هنڌ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ملڪ جي صدر، وزير اعظم، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، ملڪي داخلا واري وزير وزير اعليٰ بلوچستان ۽ ٻين سياسي اڳواڻن هن واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

