مالي سال 20-2019 لاءِ سنڌ جو 12 کرب 118 ارب رپين جو بجيٽ پيش
سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي اڳواڻي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا کان منظور ٿيل سنڌ صوبي جو 20-2019 جو بجيٽ پيش ڪيو ويو، بجيٽ پيش ڪندي مراد علي شاهه چيو ته اسان عوام جا خادم ۽ نمائندا آهيون ناخواندگي ۽ بيمارين کي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين. بجيٽ پيش ڪندي وڏي وزير ٻڌايو ته نئين سال جي بجيٽ جو ڪاٿو 12 کرب 118 ارب رپيا آهي. هن چيو ته وفاق کان هن سال روينيو جي مد ۾ 835 ارب ملڻ جي توقع آهي. جڏهن ته صوبائي روينيو مان 355 ارب رپيا ۽ ايف بي آر کان 145 ارب رپيا روينيو کي ملندا. هن چيو ته ايندڙ سال بجيٽ لاءِ 2 سئو 83 ارب 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. تعليم لاءِ هڪ سئو اٺهتر ارب رپيا صوبي ۾ امن امان لاءِ 109 ارب 78 ڪروڙ رپيا، توانائي جي شعبي لاءِ 94 ارب 92 ڪروڙ رپيا ۽ آبپاشي لاءِ 23 ڪروڙ خرچ ڪيا ويندا. بجيٽ پيش ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نئين سال جي بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه پيو لڳايو وڃي. جنهن سان گڏ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي.

