سوئس بينڪن ۾ موجود پاڪستانين جي رقم ۾ 34 سيڪڙو گهٽتائي
پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ سوئس بينڪن ۾ پاڪستانين جي ناجائز 200 ارب ڊالرن هجڻ بابت ڳالهائيندي رهي آهي. پي ٽي آءِ جو موقف رهيو آهي ته انهن جي حڪومت اها رقم ملڪ ۾ واپس آڻيندي. ڪالهه سوئس بينڪن پاران شايع ٿيل هڪ رپورٽ ۾ پاڪستاني ماڻهن ۽ ادارن جي موجود رقم ۾ گهٽتائي ٿي وئي آهي. 2017 ۾ اها رقم 1.1 ارب ڊالر هئي. جڏهن ته هن وقت اها رقم 73 ڪروڙ 80 لک ڊالر رهجي وئي آهي. واضح رهي ته 2014 ۾ ان وقت جي خزاني واري وزير اسحاق ڊار اسيمبلي ۾ ٻڌايو هيو ته سوئس بينڪن ۾ پاڪستانين جا 200 ارب ڊالر موجود آهن. اسحاق ڊار مطابق اها رقم ڪرپشن ذريعي ڪمايل هئي. ان ڪري ان رقم کي واپس ملڪ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي. جنهن بعد 2014 ۾ ئي پاڪستان ۽ سئٽزرلينڊ وچ ۾ معاهدو ٿيو هيو پر اها رقم واپس آڻڻ جي عمل تي ڪم نه ٿي سگهيو هيو. جنهن بعد پي ٽي آءِ به ان رقم کي واپس آڻڻ لاءِ واعدا ڪندي رهندي هئي. پر هيستائين ان به ڪو عملي قدم نه کنيو آهي. هاڻي رپورٽ اچڻ بعد معلوم ٿيو آهي ته ان رقم مان 34 سيڪڙو رقم گهٽ ٿي وئي آهي.

