خاصنئون

 وزيراعظم جي ورلڊ بينڪ جي اڳواڻ ۽ آءِ ايم ايف جي عبوري ايم ڊي سان ملاقات

وزيراعظم عمران خان واشنگٽن ۾ ورلڊ بينڪ جي اڳواڻ ڊيوڊ ملپاس سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستاني معيشيت جي مختلف شعبن ۾ ترقي ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪردار کي ساراهيو. پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ورلڊ بينڪ جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان کان علاوه وزيراعظم ورلڊ بينڪ جي اڳواڻ کي صحت، تعليم ۽ نوجوانن جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت به آگاهه ڪيو. ان کان علاوه عمران خان آءِ ايم ايف جي قائم مقام ايم ڊي ڊيوڊ لپٽن سان به ملاقات ڪئي ۽ آءِ ايم ايف بورڊ جي پاڪستان لاءِ پيڪيج جي منظوري تي اظهار تشڪر ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جي تحت ملڪي معيشيت ۽ پيداوار کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته وڏي عرصي واري معاشي ترقي جي پلان لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ٻئي طرف آءِ ايم ايف جي عبوري مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊيوڊ لپٽن وزيراعظم سان ملاقات جي باري ۾ ٽوئيٽ ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان سان ملي خوشي ٿي آهي. پاڪستان ۾ اصلاحاتي عملداري جي عمل لاءِ ملي ڪري ڪم ڪرڻ ۽ اصلاحاتي عمل ذريعي روينيو موبلائيزيشن لاءِ ڪوشش ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي.