خاصنئون

 حڪومت ملڪ اندر هڪ جهڙو تعليمي نظام آڻڻ چاهي ٿي: شفقت محمود

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته حڪومت ملڪ اندر صوبن وچ ۾ ويڇا ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ اسان سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي نظام آڻڻ چاهيون ٿا. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف وائرولوجي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن وقت سرڪار ڪجهه اهڙن پروجيڪٽن تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن سان تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهندي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اعليٰ تعليم لاءِ 59 ارب رپيا رکيا آهن.