خاصنئون

   ڪراچي ۾ رينجرز جي اختيارين ۾ ٽي مهينن جي واڌ

داخلا واري صوبائي ۽ وفاقي وزارتن پاران منظوري بعد سنڌ رينجرز کي ڪراچي ۾ پوليس جي اختيارين ۾ ٽن مهينن جي واڌ ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن تحت رينجرز کي ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ 1997 تحت ڇاپن ۽ گرفتاري جا خاص اختيار حاصل ٿي ويا آهن. هاڻي انهن اختيارين کي پهرين جنوري 2020 تائين وڌايو ويو آهي. ايڪٽ مطابق رينجرز اهلڪار ڪراچي ۾ دهشتگردن ۽ عام ملزمن خلاف آزادي سان ڪارروايون ڪري سگهندا.