خاص

ڀلي گرفتار ڪريو، 15 اپريل کان دڪان کولينداسين: ڪراچي جا واپاري

ڪراچي جي واپارين 15 اپريل تي مارڪيٽون کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي اليڪٽرونڪس مارڪيٽ ايسوسئيشن ۽ سمال ٽريڊرز جي رضوان احمد، محمود حامد ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 14 اپريل تي لاڪ ڊائون جو مدو وڌايو ويو ته حڪومتي حڪم نه مڃينداسين ڀلي حڪومت گرفتاريون ڪري هر صورت ۾ 15 اپريل تي دڪان کولينداسين. هنن چيو ته واپارين کي لاڪ ڊائون سبب نقصان ٿيو آهي. بنا قرض جي وياج ڏنو وڃي ۽ بجلي جا بل معاف ڪري اليڪٽرڪ اوور بلنگ ختم ڪئي وڃي. هنن چيو ته حڪومت اسان سان ويهي ايس او پي ٺاهي، اسان دڪاندارن کي ايس او پي تحت پابند بڻائينداسين هاڻي وڌيڪ صبر جي گنجائش نه آهي، واپارين کي امدادي پئڪيج ڏنو وڃي. هنن چيو ته وزيراعظم صنعتون کولڻ جو اعلان ڪري پيو. جيڪڏهن صنعتون کليون ته سمورا ڪاروبار به کوليا ويندا. فقط من پسند صنعتڪارن کي نوازڻ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ نرمي واريون پاليسيون آنديون پيون وڃن اهڙي پاليسي نه مڃينداسين