نئون

نجم سيٺي پاران سرفراز احمد کي ميچ فڪسنگ جي پيشڪش جي تصديق

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيئرمين نجم سيٺي تصديق ڪي آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کي ميچ فڪس ڪرڻ لاءِ پيشڪش ڪئي وئي آهي. خبرن موجب ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد پاران بورڊ سان رابطو ڪري آگاهه ڪيو ويو هو ته هڪ نامعلوم شخص پاران ابو ظهبي جي بازار ۾ ملاقات ڪري هن کي اهڙي پيشڪش ڪئي وئي هئي. سرفراز اهڙو انڪشاف به ڪيو ته اهو شخص شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو ملازم آهي. اهڙي آفر ٿيڻ کانپوءِ سرفراز جلد ئي PCB کي اهڙو اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ اهو معاملو ICC جي آڏو رکيو ويو آهي. بين الاقوامي ڪرڪيٽ قانون موجب اهڙي قسم جي پيشڪش جي صورت ۾ رانديگرن کي جلد ئي بورڊ کي آگاهه ڪرڻو هوندو آهي ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ ان کي گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينن لاءِ يا پوري عمر لاءِ کيڏڻ تي پابندي لڳائي سگهجي ٿي.