2001ع کانپوءِ، ويهن سالن جي عرصي ۾ آمريڪا 145 بلين ڊالر افغانستان تي (بي مقصد) امداد جي صورت خرچ به ڪري چڪو هو، جنهن ۾ هنن جي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين اها ڪوشش هئي ته اهي افغانستان کي وري ٻيهر تعمير ڪن، ڇو ته افغان حڪومتن ملڪ کي تباھ ڪري ڇڏيو هو ۽ هي ماڻهن ۾ رهي، حڪومت ڪري اتي خوشحالي آڻيندا ۽ عام فلاحي ۽ بهبود جا ڪم ڪندا ۽ برطانيا وانگي جو جڏهن به اهي دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي حملو ڪري قابض به ٿيندا هئا يا انهن جي مٿان پنهنجو تسلط به قائم ڪندا هئا ته انهن ۾ تعليم، ترقي، ٽرانسپورٽيشن، صنعتن، زراعت (ڀلي پوءِ اهي ڪالونائيزيشن جي ٽرينڊ ۾ به هئا) ۾ ترقيون وٺرائيندا هئا ۽ ائين هي آمريڪي به پاڻ مڃائيندا، پر الٽو هنن ٻه چاپڙائپ ڪئي ۽ افغانستان کي پهرين نور کان به ڪڍي ڇڏين. مائيڪل ڪوجلمين (جيڪو سائوٿ ايشين جو واشنگٽن افيئرز جي لاءِ نمائندو آهي) ان جي رپورٽ مطابق يو ايس جي اسپيشل انسپيڪٽر جنرل فار افغانستان اهو ظاهر ڪيو هو ته آمريڪا جي بي مقصد سيڙپڪاري ۽ ڊالرن جي انڌاڌنڌ بارش به افغانين جي حالتن کي سڌاري نه سگهي، ايڏي وڏي سيڙپ ۾ به ڪجھه نه ٿي سگهيو، پر اتان جي ماڻهن ۾ رڳو خلفشار پيدا ٿيندو رهيو آهي، ڇو ته آمريڪا جي ڪوشش ۾ اهو به هيو ته هي افغانستان ۾ سيڪيورٽي فورسن جون حالتون صحيح ڪجن، انهن جي تربيت ڪجي، انهن جي دهشتگردن ۽ شدت پسنديءَ واري رجحان کي نيست ۽ نابود ڪجي، سولين گورنمينٽ جي سڀني ادارن ۾ بهتري آڻجي، اتان جي معيشت بهتر ڪجي، اتان جي سول سوسائٽيءَ ۾ بهتري آڻجي ۽ اتي اهڙي طرح گھڻو ڪجھه ڪري سگهجي پيو، ڇو ته پينٽاگون سرڪار تنهن مهل تائين 837 بلين ڊالر هڻي چڪي هئي، جنهن ۾ هنن رڳو جنگي خرچ کاٻار هلايا. ان دوران 2443 آمريڪي فوجي به مارجي چڪا هئا، 1144 الائيڊ فورسن جا ماڻهو به مارجي چڪا هئا ۽ 20666 آمريڪي فوجي زخمي به ٿي چڪا هئا، پر انهن کي ويھن سالن تائين اها خبر نه پئي ته ڪرڻو ڇا آهي، ان جنگ جو مقصد ڇا آهي؟ جتي 6600 هزار افغاني فوجي به انهن آمريڪي جهيڙن ۾ مارجي به چڪا هئا، 48 هزار افغاني شهري به مختلف بم ڌماڪن ۾، ڊرون حملن ۽ خودڪش ڌماڪن ۾ مارجي ويا هئا ۽ هيل تائين 75000 افغاني شهري به زخمي ٿي چڪا آهن. 26 آگسٽ 2021 تي هڪ حملي ۾ 13 آمريڪي فوجي مارجي ويا وري بدلي ۾ ڊرون حملو ڪري آمريڪا 170 افغاني ماري وڌا، پوءِ اهي ڪير هئا جن خودڪش حملو ڪيو، طالبان يا غير طالبان)، پر ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو، جو اهڙي سول وار جو آخر مقصد ڇا هو؟