نئون

بلاگنئون

وليرام ولڀ جون ترجمانگاريءَ ۾ خدمتون

18 آگسٽ 1941ع تي ٿرپارڪر جي علمي ۽ ادبي طور زرخيز زمين تي جنم وٺندڙ، ديوان ولي رام ولڀ ولد ڪيول رام جو شمار سنڌي ٻولي ۽ ادب جي انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جن پنهنجيون پوريون حياتيون هن لاکيڻيءَ ٻوليءَ جي خدمت ۾ گذاريون. ولي رام ولڀ جي انهن ڪوششن کي سنڌي نثر جي تاريخ ۽ هر دور ۾ مڃتا ملندي رهندي. هن نثر ۾ ڪهاڻيون، ناول، جيون ڪهاڻيون، خط، انٽرويو، مضمون ۽ مقالا لکيا ۽ ترجمو ڪيا آهن. انکان سواءِ تاريخ، فلسفي ۽ مذهب جو موضوعن تي پڻ ڪتاب لکيا اٿن ته درسي ڪتاب جي حوالي سان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون.

Read More
بلاگنئون

مضبوط ارادن جي مالڪ عورت

لاڙ جي ضلعي بدين سان تعلق ھوندي مون کي اھو اطمينان رھيو آھي ته سڄي سنڌ جيان عورت کي ڪاري ڪري مارڻ جو رجحان اسان وٽ نه ھئڻ جي برابر رھيو آھي. ھتي جي عورت کي ڪجھ ڪري ڏيکارڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ جا موقعا ڀلي گھٽ ملندا ھجن پوءِ به ھوءَ سنڌ جي ٻين ضلعن سان لاڳاپيل عورتن کان ڪنھن به صورت ۾ گھٽ نه رھي آھي. مون وٽ ماضي جي عظيم ڪردارن شاعره مرکان شيخڻ يا پنھنجي مرشد حضرت سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان نقشبندي قدس سره جي شان ۾ ڳيچ چوندڙ ٽالپر قوم سان تعلق رکندڙ نامعلوم مريدياڻي (منھنجي تحقيق جاري آھي) ۽ سومرن جي دور جي سورمي ٻاگھي جا مثال ڏيڻ سان گڏ بدين جي ڪجھ موجوده عورت ڪردارن جا نالا به آھن، بدين شھر جي ڪولھي برادري سان تعلق رکندڙ جوڊو ڪراٽي جي ماھر برکا ڪولھي به لاڙ پٽي جي عورتن لاءِ ھمت ۽ شجاعت جو نمونو رھي آھي! پاڻ ھن وقت دبئي ۾ پنھنجي انسٽيٽيوٽ ۾ جوڊو ڪراٽي جي تربيت ڏئي ٿي. ٻيا به گھڻا نالا آھن انھن ۾ سلميٰ تبسم جو نالو به اچي ٿو.

Read More
بلاگنئون

انساني حقن جو چئمپين شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

سنڌ جي تاريخ لکين سورھين وڏن وڏن عالمن سياستدانن انصاف پسند امن پرست انساني حقوق لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن ۽ ھميشه ڪرپٽ سياستدانن ۽ بدعنوان آفيسرن کي دنيا جي سامھون وائکو ڪرڻ وارن سان ڀري پئي آهي. سنڌ ۾ چند ۽ اھم اھڙيون ھستيون آھن، جيڪي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ بڻيل رھيون آھن. اھڙين عظيم ۽ با وقار ھستين ۾ شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب به شمار ٿئي ٿو. شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جھڙي عظيم رتبي واري بالاتر شخصيت ڪا جھڙي تھڙي شخصيت ناھي جنھن کي مان پنھنجي لفظن ۾ سمائي سگھان. پاڻ تمام ڀلوڙ عالم دين ديني مدرس ۽ مظلوم عوام جو ساٿ ڏيڻ وارو وڏو عظيم رتبي وارو سياستدان ھو. مظلومن جي لاءِ اميد ۽ دشمنن جي لاءِ خوف دين ۽ ڌرتي جا دشمن سندس نالي کان ڏڪي ويندا ھئا. پاڻ سنڌ جي مختلف مسئلن جي لاءِ قومپرست پارٽين سان گڏجي تمام گهڻو سنڌ جي لاءِ عوام لاءِ خدمتون سرانجام ڏنائين جيڪي سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏھن به ڳجھيون ڪانه رھنديون. سندس زندگي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راھ آھي.

Read More
بلاگنئون

وڌندڙ رياستي ٽيڪس ۽ گهٽجندڙ زندگيءَ جا معيار

ملڪ ۾ هاڻي کاٽو پٽ ادارا وڃي ڪجھ رهيا آهن، جيڪي آڱرين تي ڳڻي سگهجن ٿا. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ادارو صرف ٽيڪس ڪليڪشن رهيو آهي ۽ ٽيڪس ڪليڪشن جو دائرو ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو وڌندو ۽ وقت سر ان ٽيڪس جي مد ۾ سرڪار ٻيون شيون ۽ خدمتون به شامل ڪندي ٿي وڃي. مثال طور: 60 ۽ 70 وارن ڏهاڪن ۾ رڳو انڪم ٽيڪس جو ادارو فعال هوندو هو جيڪو هر قسم جي شيءِ يا ملڪيت تي انڪم ٽيڪس يا کڻي ويلٿ ٽيڪس اوڳاڙيندو هو. هاڻي ته وري انڪم ٽيڪس جو ادارو ڀَتي جي صورت وٺي ويو آهي.

Read More
بلاگنئون

موهن جي دڙي جهڙو مثالي ڳوٺ (سفر نامو حصو پهريون)

اٿينس (يونان) ۾ ائڪرو پولس عجائب گهر ڏسي، ان ۾ ئي اندر موجود ريسٽورينٽ ۾ ڪافي پيئڻ لاءِ ويٺس ته منهنجي ئي ٽيبل جي سامهون واري ڪرسيءَ تي ويٺل هڪ ليڊي فارينر سان هيلو هاءِ کانپوءِ سٺي ڪچهري مچي وئي. هُن ٻڌايو ته، ”هُوءَ سوئيٽرز لينڊ سان واسطو رکي ٿي.“ ۽ پوءِ هُوءَ پنهنجي ملڪ جي خوبصورتي ۽ اتي جي ڳوٺن ۽ شهرن جي صفائي سٿرائي، پلاننگ وغيره بابت ٻڌائڻ لڳي. مون ٻڌايومانس ته، ”آئون ويجهڙائي ۾ اوھانجو ملڪ گهمي آيو آهيان، اوھانجو چوڻ بجا آھي، سئٽزرلينڊ واقعي خوبصورت ۽ سڌريل ملڪ آهي.“

Read More