شاعري
تصويرُن، سان تصويرُن جون، ڳالهيون آهن،
خاموشين، جي جاگيرُن، جون ڳالھيون آھن.
ساھ هوا ۾ ڳولين ٿا، ڏس خوشبُو جا،
پاڻيءَ سان ڪُجھ، تحريرُن جون ڳالھيون آھن.
اسان جي هيءَ سنڌ هر دور ۾ اهڙا جوان پيدا ڪندي رهي آهي، جن هميشه حق، سچ ۽ امن لاءِ پنهنجي وطن، قوم ۽ عوام لاءِ پنهنجا وجود وقف ڪري، وطن جو مان مٿانهون ڪيو آهي.موجوده دور ۾ اهڙو ئي هڪ دودو، شينهن مڙس، فاضل راهو آهي، جيڪو غريب ۽ مسڪين هارين نارين واري وڏي اڪثريت جي آزادي لاءِ پنهنجي تن من ڌن سان، ويرين ۽ ظلمن سان ٽڪر کايو بيٺو آهي.فاضل، جيڪو لاڙ جي بدين ضلعي جي هڪ وڏيرڪي خاندان جو فرد آهي، پر جڏهن کان هن شعور سنڀاليو ۽ کاهوڙين جي سنگت جو ساٿي ٿيو، تڏهن کان هن جيڪا عظيم انقلابي راهه ورتي آهي، ان تي تمام سچائي سان هو اڳتي پيو وڌي. هن دور ۾ مظلومن لاءِ وڙهڻ تمام گهڻي ڏکي ۽ ڊگهي جدوجهد آهي، فاضل به انهيءَ راهه تي هلندي تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اڄ تائين هن جو هر قدم هارين ۽ پورهيتن جي حق خاطر اڳتي وڌيو آهي، فاضل جو قدم پٺتي ٿي ئي نٿو سگهي.
Read Moreهُن پڇيو: جيڪڏهن دک اوس سکن ۾ تبديل ٿيڻا ئي آهن ته دک پيدا ڪٿان ٿين ٿا؟
مون چيو: محبت مان، ۽ سک محبت جي پورڻتا آهي. انهي ڪري هِن سنسار جي ساري جيون جو محور محبت ۽ فقط محبت آهي.
پاڪستان جي قيام لاءِ يقينن ملڪ جي سمورن صوبن جي عوام جانين جون عظيم قربانيون ڏيئي هيءُ ملڪ آزاد ڪرايو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، جنهن لاءِ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مخلصانه ۽ قائدانه صلاحتين جو چرچو هر جاءِ تي ٿيڻ لڳو. قائد اعظم محمد علي جناح تاريخ جو هڪ اڻ مٽ تسلسل بڻجي هڪ ئي وقت انگريز سامراج ۽ تعصب پرست ۽ ڪٽر ماڻهن کان آزادي ورتي، پر انهيءَ آزاديءَ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي وڪالت ذريعي پنهنجي ملڪ جو ڪيس وڙهڻ سميت هر محاذ تي ملڪ جي دفاع ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط سياسي گرائونڊ تيار ڪرڻ لاءِ به هڪ پليٽ فارم جوڙيو هو.
Read MoreDaily Humsari Newspaper 14 August 2024
Read Moreعيني؟ ھون،
تون ڇا ٿي سمجھين ته آئون توسان دوکو ڪري رھيو آھيان فريب ڪري رھيو آھيان..!؟
“مون ته ائين ڪونه چيو” عيني منھن تي آيل وارن جون چڳون هٽائيندي چيو. پوءِ ھيءَ ھيڏي وٿي ڇو؟ عيني ڇو؟ ھيءَ ھيڏي وڏي فيصلي تي به تون ماٺ ڇو. مون روئڻهارڪي آواز مان عيني کان پڇيو.
اڄ صبح کان وٺي، ٽيون دفعو ايئن ٿيو ھو جو پرس مان ڪجھ ڪڍندي، سندس پوئين گهر جي چاٻي ھٿ ۾ چڙهي پئي آئي… سڌير جي گهر جي.
سڌير کي ڇڏئي، سال ٿيڻ وارو ھئس يا ٿي ويو ھئس. ليڪن اڃان تائين به پرس جي کٽ کوٽ ڪندي، اگر اھا چاٻي سندس ھٿ کي لڳندي آهي ته سندس دل چوندي آھي ته ٽيڪسيءَ جو رخ، اوڏانھن ڦيرائي ڇڏي. چئي ڇڏي ٽيڪسيءَ واري کي ته؛ “ايڏانھن نه، ھيڏانھن ھل! مون ھاڻي ھاڻي، مڙس مٽي ڇڏيو آھي.”
ماتلي ۾ جبري لوڊشيڊنگ ۽ رات جو دير تائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رکي ماڻھن جون گرمي ۾ ننڊون خراب ڪرڻ ۽ کاٽڙين چورن کي چورين جا موقعا مھيا ڪرڻ جا مسئلا وڌي ويا آھن، ھونئن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جا ڪي به جواز نه آھن. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار انگن اکرن مطابق 24 ڪلاڪ سپلاءِ جاري رکڻ باوجود 13 ھزار ميگا واٽ اضافي پيداوار آھي. 24 ڪلاڪ بجلي جاري رھي تڏھن به ملڪ کي 31 ھزار ميگا واٽ گھرجن جڏھن ته ملڪ وٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش 44 ھزار ميگا واٽ آھي، جنھن جي سرڪاري خزاني مان پاور پلانٽس کي ادائگي به جاري آھي، ان باوجود لوڊ شيڊنگ کي لاڳو ڪيو ويو آھي، ماتلي ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ لاڳو ڪيل آھي، جنھن جو ڪو شيڊيول به پڌرو ڪيل نه آھي،
Read Moreبنگلاديش ۾ هاڻوڪين شاگرد تحريڪن باھ ٻاري ڏني ۽ شيخ حسينه واجد کي ان ڳالھ تي مجبور ڪيائون ته يا حڪومت ڇڏي يا ملڪ ڇڏي، پر ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته هوءَ ملڪ ۾ رهي سختين کي منهن ڏئي ها، ان ڪري ته هوءَ ڪرپٽ ناهي، جنهن ڳالھ جو يقين سڀني کي آهي ته پوءِ شيخ حسينه واجد ڪنهن کان ڊڄي ملڪ ڇڏي هلي وئي؟ هن پنهنجي دور ۾ معنيٰ 2009 کان وٺي پنهنجن مخالفن کي چيڀاٽيو، روڊن تي گهليو، جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي ڦاهيون ڏياريون ۽ شيخ مجيب جي قاتلن کي به ڳولهي لڌو ۽ اهي به ڦاهي چاڙهيا ويا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هوءَ انهن سڀني ڳالهين ۾ صحيح هئي ته هن کي ڪهڙي خوف ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو؟ ان ڳالھ ۾ ڪجھ پاڪستاني اڳواڻن کي شاباس ڏئي سگهجي ٿي جيڪي نه جهڪيا نه وڪيا ۽ انهن جيلن ۾ سختيون سٺيون پوءِ غلط يا صحيح. ان ۾ پهرين ڀٽي صاحب جو نالو کڻي سگهجي ٿو،
Read MoreDaily Humsari Newspaper 13 August 2024
Read More