نئون

بلاگنئون

اينا برنس جو ناول Milkman

اينا برنس Anna Burns آئرش ليکڪا آهي، هن لکڻ جي شروعات 2001 کان ڪئي. هن جو پهريون ناولNo Bones جيڪوOrange Prize for Fiction لاءِ نامزد ٿيو هو. عورت ناول نگارن لاءِ اهو اعزاز وڏي اهميت رکندڙ آهي. ناولMilkman سندس ٽيون ناول آهي، هن ناول کي 2018ع ۾ بڪر پرائيز پڻ مليو. ناول فني توڙي فڪري حوالي سان مختلف رخن ۾ لکيل آهي.

Read More
بلاگنئون

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جي مقدمه نگاري

مُقَدمُو عربي زبان جي لفظ مقدمه يعني قدم مان ماخوذ ڪيو ويو آهي، جنهن جو جمع مُقَدما آهي ۽ نحوي لحاظ کان مذڪر: مقدمي جي لغوي معنيٰ: ڪنهن ڪتاب يا مضمون جي شروعات- آغاز، ابتدا، تمهيد، ديباچو، سرنامو، عبارت، ڪتاب شروع ڪرڻ کان اڳ لکيل ڪجهه عبارت، دانهن، ڪوڪ، فرياد، ڪيس، دعوا، معاملو.” (1)

Read More
بلاگنئون

خلق جو حقيقي خدمتگار محمد حنيف جانو

عوام جي ڀلائي بهترين عبادت آهي. ڀلو ماڻهو اهو آهي، جنهن مان ٻين کي فائدو پهچي. ڇو ته سماج جو سڌارو ۽ ڀلائي انهيءَ راز ۾ لڪل آهي ته انسان هڪٻئي جي ڀلائي ۽ همراهي جو پاڻ ۾ جذبو پيدا ڪري. هيءُ گڻ انسان جي عزت ۽ عظمت جو ضامن آهي. حقيقت اها آهي ته پنهنجن ۽ پراون جي دلين ۾ هي وصف انسان جو مان وڌائيندي آهي. جن انسانن پنهنجي حياتي ٻين لاءِ وقف ڪئي، غريبن ۽ بيواهن جي خدمت ڪئي، ساڻيهه جي مسڪين ماروئڙن لاءِ زندگي قربان ڪئي، تن جو نالو ساڻيهه جي تاريخ ۾ قائم ۽ دائم رهندو۔

Read More
بلاگنئون

اسرائیل جي سرعام دهشتگردي تي دنيا جا امن پسند ملڪ خاموش ڇو ؟

دنيا جي حالتن کي جنگ جي باھ ۾ وڪوڙڻ لاءِ اسرائيل لاڳيتو شرارتي ۽ وحشياڻو روپ ڌاريو اچي نيتن ياھو پنهنجي خونخوار رويي سان فلسطينين جو جھڙي طرح بمباري ڪري قتل ڪري رھيو آھي تنھن سان فلسطينين جي نسل ڪشي جو خطرو وڌي وڃڻ جون خبرون گردش ۾ رھڻ لڳيون آھن. ھنن حملن سان اسڪول، اسپتالون، ھوٽلون، مدرسا ۽ پناھ گاھون بمبار جھازن جي نشاني تي آھن.

Read More
بلاگنئون

سمنڊ جهڙي گهري شاعر ساحر راهوءَ جي شاعري تي هڪ نظر

ڪجھ شاعر/ليکڪ اھڙا ھوندا آھن جيڪي ميلي ۾ شامل ھوندي به ميلي جي ڀِيڙ، شور کان ھڪ پاسي خاموش، پرسڪون پنھنجي ڪم سان ڪم ۾ رڌل نظر ايندا آھن. اھڙن ماڻھن لاءِ ئي اياز گل چيو ھو:
“ميلي جي تنھائي، توکي ڇا معلوم..”

Read More
بلاگنئون

اسلامي سپر پاور سلطنتِ عثمانيه جي بربادي جو سبب يورپ جي هڪ سازشي عورت بڻي

سورهين صدي عيسوي ۾ سلطنتِ عثمانيه جي شروعاتي دورن ۾ صدين تائين سلطنت جي انظامن تي مردن جو غلبو رھندو آيو، سلطان سليمان جي دور ۾ پھريون ڀيرو ھڪ يورپين عورت نه رڳو سلطان، پر پوري سلطنت جي حڪمران بڻجي وئي، ان جو نالو حريم سلطان ھو، جنھن کي حرم سلطان به چيو ويندو ھو. حريم 1505ع ۾ يوڪرين ۾ جنم ورتو، جنھن جو اصل ۽ شروعاتي نالو روڪسانه ھو. تاتارين حملي وقت ھن کي ٻانھي بڻائي رکيو. ھوءَ بطور ٻانھي وڪرو ۽ خريد ٿيندي آخرڪار سلطنتِ عثمانيه حرم ۾ ھڪ ڪنيز طور داخل ٿي. سلطان سليمان ان وقت ھڪ صوبي مانسيا جو گورنر ھو، روڪسانه شوخ، چنچل ۽ نخريلي طبيعت جي مالڪ ڪنيز ھئي، جنھن ڪري ھن کي حُرم جو لقب مليو جنھن جو مفھوم آھي، خوش مزاج عورت.

Read More
ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: اداس مُرڪ

هوءَ مسلسل کڙڪيءَ ڀر سان بيٺي هئي۔ بلڪل اداس ۽ ملول۔ اک آسمان ۾ کُتل هُئس. ڄڻ پروردگار سان خاموش شڪايت ڪندي هجي۔ ڄڻ آسمان تي ڪا مبهم تحرير پڙهندي هجي، پر آسمان تي ته ستارن جي تحرير لکيل هئي۔ تارن جي ڪڙيءَ ۾ تقدير جي تحرير کي ڪيئن ٿو پڙهي سگھجي۔ ڪاتب تقدير ته جيڪو لکيو آهي سو ته لوح قلم ۾ محفوظ آهي۔ جنھن کي نه پڙھي سگھجي ٿو نه ئي ان تحرير کي مٽائي سگھجي ٿو۔ هوءَ جيڪا تحرير آهي سا ته پٿر تي لڪير آھي، اٽل آهي، اڻٽر آهي۔

Read More
بلاگنئون

طاقت جو توازن بگڙي ويو آهي!

دنيا مان طاقت جو توازن يا ته ختم ٿي ويو آهي يا وقت سر بگڙي ويو آهي. ڏينهون ڏينهن مغربي قوتون وڌيڪ خوفناڪ ۽ طاقتور ٿي رهيون آهن ۽ ڪمزور ملڪ وڌيڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي. اهي مسلم ملڪ ۽ مسلم قوتون آمريڪي بلاڪ ۾ رهي به جنگين جي منهن ۾ آهن. اهي آمريڪا جا اتحادي هوندي به طالبان جي ڌمڪين ۽ رهزنين ۾ ڦاٿل آهن، جن مان نڪرڻ مشڪل ترين ڪم آهي.

Read More