نئون

بلاگنئون

انساني روايتن جي ڪهاڻي (قسط ٻين)

ڪم ڪرڻ جي روايت ڪيئن جُڙي؟ هر ڪنهن کي قانون موجب ڪم ڪرڻو آهي. ننڍڙا ٻار جڏهن ڪنهن مخصوص عمر تائين پهچن ٿا، تڏھن هو رانديڪن کي پري ڪري ڇڏين ٿا. ننڍڙيون نينگريون گهر جي ڪم ڪار ۾ پنهنجين مائرن جو هٿ ونڊائين ٿيون. ننڍڙا ڇوڪرا عام طور تي روزانو پنهنجي پيئرن جي ننڍن وڏن ڪمن ۾ مدد ڪن ٿا. اسان جڏهن اسڪول وڃون ٿا، تڏھن اسان کي شين سکڻ جي لاءِ محنت ڪرڻي پوي ٿي.

Read More
بلاگنئون

ماتلي ۾ واٽر سپلاءِ اڌ صدي کان سدا بھار مسئلو

ماتلي ۾ پاڻي جي گھرجن کي مدِ نظر رکندي 2 لک گيلن واري ٽانڪي محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ 1985ع ۾ منظور ٿي، جيڪا 1988ع ۾ مڪمل ٿيڻي ھئي، سا اڄ تائين ڪنھن به ڪم جي قابل نه ٿي سگھي آھي. ماتلي ۾ پاڻي جي گھرجن جي ھيءَ 10 سالا منصوبابندي ھئي جيڪا 1998ع ۾ ختم ٿي وئي. 1998ع کانپوءِ واٽر سپلاءِ جي نئين گھرجن لاءِ نئين سر سوچڻو ھو جنھن کي به ھِن وقت تائين 30 سال ٿيڻ وارا آھن، پر ان ٽانڪي جو استعمال نه ٿي سگھيو آھي، نه ڪا نئين اسڪيم ملي سگھي آھي.

Read More
بلاگنئون

ڍاڪا وري ڊهي پيو

قومي جاڳرتائون رات پيٽ ۾ جنم ڪو نه ٿيون وٺن، نه ئي ڪو گهڙيءَ جو کيل آهي جو ماڻهن جي دماغ ۾ ڳالھ آئي ته معنيٰ ٿي وئي، پر هڪ مسلسل جدوجهد جي پويان به رت جي راند کيڏڻي پئي ٿي. نه ته تحريڪون رنگ نٿيون لاهين، مسلسل جاکوڙ آخر رنگ لائي ٿي ۽ قومون ڪامياب وڃن ٿيون.

Read More
بلاگنئون

پنهنجي عمر کان مٿڀرو ڳائيندڙ شڪيلان نون

ٿر جي صحرا جي سدا مَلُوڪ شھر اسلام ڪوٽ، جنهن کي هِتي جا رهاڪُو (سَلاڻُون) ڪري ڪوٺيندا آھن، وڻج واپار جي حساب سان شاهوڪار هِن شھر کان اُتر ۽ اوڀر طرف ڪُنڊ تي تقريبن 25 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي نُون برادري جا ٻه وڏا ڳوٺ نالي “سِينگارو نُون” ۽ “رانجهو نُون” موجود آھن. هِتي هنن ڳوٺن ۾ اسان جا ڪافي سارا دلبر دوست رهن ٿا. انهن محبوب يارڙن سان گڏ ھڪ اهڙو مڻيادار ماڻھو رهندو آھي، جيڪو آرٽ، ادب ۽ موسيقي بابت سرس ڄاڻ رکي ٿو،

Read More
بلاگنئون

حماس ۽ اسرائيل جي هٿيارن جو جائزو (حصو پهريون)

آڪٽوبر 2023 ۾ حماس جي اسرائيل تي حملي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٽوئٽر، ايڪس تي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي وئي، اها تصوير هڪ ٽريننگ مينوئل هئي، جنهن کي اسرائيلي فوجين هڪ حماس جي ويڙھاڪ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس کيسي مان ڪڍي هئي. هن مينوئل ۾ تصويرن جي ذريعي وڏي تفصيل سان هدايتون ڏنل هيون ته اسرائيلي مرڪوا مارڪ فور ٽينڪ کي ڪيئن تباهه ڪري سگهجي ٿو. انھيءَ مينوئل ۾ ٻه راڪيٽ لانچر ڏيکاريا ويا هئا، جن مان هڪ چيني هو ۽ ٻيو روسي.

Read More
بلاگنئون

پيٽرول ۽ ڊيزل پمپن جي ڊجيٽل سسٽم ۾ بي ايماني ڪير روڪيندو؟

عام ڳالھ آھي ته پيٽرول پمپن جي ڊجيٽل سسٽم ۾ ھٿرادو طور تي پيٽرول ۽ ڊيزل جو مقدار گھٽ ڏيڻ واري بي ايماني شروع کان جاري آھي، ان ئي بي ايماني سان پيٽرول پمپن جي مالڪن ۽ ملازمن کي وڏو فائدو رسي ٿو، ھڪ سروي، تجربي ۽ مشاھدي مطابق ھڪ لٽر پيٽرول يا ڊيزل تي ھڪ کان ڏيڍ پوائنٽ گھٽ ڏيڻ جي ٽيڪنيشنس کان سيٽنگ ڪرائي ويندي آھي، جنھن ڪري خريدار کي ھڪ لٽر تي 10 کان 15 سيڪڙو تائين گھٽ مقدار ۾ پيٽرول ملندو آھي، جنھن جو اندازو به نه ٿي سگھندو آھي، ان طرح جڏھن ڪو شخص 10 ليٽر پيٽرول خريد ڪندو آھي ته ان کي ليٽر جي مقدار ۾ 10 جي بجاءِ 9 يا ان کان به گھٽ ساڍا 8 ليٽر پيٽرول ملندو آھي ايئن ڊيزل به ايتري ئي مقدار ۾ ملندو آھي،

Read More
بلاگنئون

بجليءَ جا بل ۽ آءِ پي پيز

پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون جهڙوڪ: ڪي اي، سيپڪو، ليسڪو، ڪيسڪو وغيره وغيره جو اهو رواج آهي ته اهي منظم طريقي سان بجليءَ جي صارفين کان اوور چارج ڪنديون رهن ٿيون ۽ هر دفعي بل جي وصولي جي شرح وڌيڪ ڏيکارين ٿيون ته جيئن بل جي شرح ڏسي صارف اهو سمجهي ته واقعي ان هن مهيني گهڻي بجلي خرچ ڪئي آهي ۽ اهو مظلوم صارف پنهنجي گهر جي بجلي تي هلندڙ شين کي به ڏسي ٿو ته اهي ساڳيون ئي شيون جيڪي پهرين 15 سئو تائين بجليءَ جو بل آڻينديون هيون اهي وڌي وري 15000 ۽ هاڻي لک ڏيڍ کان به بجليءَ جا بل تجاوز ڪري ٿا وڃن،

Read More