نئون

بلاگنئون

سوشل ميڊيا جو عالمي سياست تي اثر

ايلن مسڪ جو پيءُ ڪمپيوٽر کان نفرت ڪندو هو ان جي مطابق ڪمپيوٽر محض وقت جو ذيان آهي، پر ايلن کي وڊيو گيمز ۽ سائنس فڪشن سان عشق هو، سائنس فڪشن جي ڪجھ خيالي نظريات کي جيڪي حقيقي دنيا کان گهڻو پري هئا، ايلن انهن جا تجربا حقيقي دنيا ۾ ڪرڻ جي باري ۾ سوچيندو هو، پر اهو سڀ ڪجھ آسان نه هو. ڇو ته ان وقت ڪمپيوٽر صرف هڪ گيم کيڏڻ جي مشين هئي، پر وقت بدليو ۽ ڪمپيوٽر دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو.

Read More
بلاگنئون

لُڙڪ نه لکڻ ڏئين، ڪِريو پُون قلم تي

لطيف سائين اسان جا زندگي جي ھر موڙ تي مددگار، رھنما، رھبر ۽ صلاحڪار آھن. سنڌ جي ماروئڙن جي ڏکن جا شريڪ، سکن جا ساٿي آھن. ھڪ ڳالھ آھي ته لطيف سائين جي ڏنل درس جي مان اسان ڪھڙو سبق حاصل ڪيو آھي؟. سنڌ جي ماڻھن سان گڏ دنيا جي ماھرن عالمن لطيف سائين جي سوانح، رسالي، راڳ ۽ طريقت تي تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي. پر اڃان به لطيف سائين جي اصلي فڪر تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت پڻ موجود آھي.

Read More
بلاگنئون

جاگيرداراڻي ناسور جي تاريخ

اڄ پاڻ تاريخ جي اهڙي حوالي جو ذڪر ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن جو مقصد اصل ۾ اهو آھي ته اسان وچ اوڀر ۽ يورپ جي تاريخ جي هڪ اهڙي دور کي سمجهي سگهون، جنهن ۾ خاص ڪري يورپ اندر سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حوالي کان ڪيتريون ئي تبديليون ٿي رهيون هيون يعني ٻين لفظن ۾ هڪ قسم جو انقلاب برپا ٿي رهيو هو.

Read More
بلاگنئون

ڌرتيءَ جا فاتح (قسط ستين)

اوائلي دور ۾ انسان وڏن قبيلن سان تعلق رکندا هئا، پر تنهن هوندي به اسان کي ڄاڻ آهي ته اهي سڄو وقت ڪٽنب سان گڏ نه رهندا هئا. وڏي ميڙ جي لاءِ کاڌو گڏ ڪرڻ ڏاڍو ڪٺن عمل هو، تنهنڪري قبيلا ننڍين ننڍين ٽولين ۾ ورهائجي ويا ۽ مختلف ماڳن تي کاڌي جي جستجو ۾ نڪري ويندا هئا.

Read More
بلاگنئون

منهنجا عاشق

محبت جي هر منزل پنهنجي اندر هڪڙو افسانو رکندي آهي ۽ فلم اسٽار جي زندگيءَ ۾ جتي محبت جون هي منزلون رنگين هونديون آهن، اُتي هنن افسانن ۾ به رومان ۽ رنگينيون پيدا ٿينديون رهنديون آهن ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو عام دوشيزه ۽ فلم ايڪٽريس جي زندگيءَ جون راهون بلڪل مختلف ئي نه بلڪه بلڪل الڳ ٿلڳ هونديون آهن.

Read More
بلاگنئون

شڪايتن جا انبار ازالو ڪير ڪندو؟

مان سمجهان ٿو ته هر ٻيو ماڻهو گلا يا شڪايت جو ڪم ڌام ڌوم سان ڪري پيو. چاهي غريب هجي يا امير، فقير هجي يا بادشاهه (قرآن شريف) ۾ واضح لکيل آهي ته ڪنهن جي گلا يا غيبت نه ڪريو، جيڪڏهن اوهان اهڙو عمل ڪندؤ ته اوهان پنهنجي ڀاءُ جو ڪچو گوشت کائيندو، پر اسان جي معاشري ۾ ٻڌي اڻ ٻڌي تي به ماڻهو اهو عمل ڪن ٿا.

Read More