عرب ملڪن ۾ ٽيڪس لاڳو
2017 اختتام تي عرب ملڪن لاءِ هڪ سخت فيصلي جي شروعات آڻي رهيو آهي. جنهن کانپوءِ عرب ملڪن ۾ رهندڙ هاڻي ٽيڪس ڏيندا. سعودي عرب ۽ گڏيل عرب عماراتن 5 سيڪڙو VAT ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. اهو ٽيڪس روزانا جي شين تي لڳندو جڏهن ته گهر دفتر ۽ هوائي سفر ان کان آجا هوندا. پر هوائي سفر ۽ هوٽلن ۾ طعام ۽ قيام تي به 5 سيڪڙو ٽيڪس ڏنو ويندو. نومبر 2016 ۾ عرب تعاون تنظيم جي هڪ فيصلي مطابق معاشي نظا م جي ضرورت لاءِ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان جو مک سبب تيل جي قيمت ۾ مسلسل رهندڙ گهٽتائي آهي جنهن سان گڏ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ تيل جي استعمال تي ڀارڻ کان دوري پڻ آهي. هن ڏس ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل عرب عمارتن ۾ هن فيصلي سان سالانا 3.3 ارب رپين جي آمدني ٿيندي.

