سمرقند
ناول- قسط سورهين
ترجمو: زاهده ابڙو
اڀريل اڀريل تارن وارو ماڻهو پنهنجي ڀٽڪيل زندگيءَ جي طرف موٽي ويو، هڪ اڻٿڪ داعي، هو سڄي اسلامي اوڀر ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين گهمندو رهيو. بلخ، مَرو، ڪاشغر ۽ سمرقند، هميشه تدريس ۾ گُم يا مباحثن ۾ مصروف يا ماڻهن جو مذهب مٽائڻ جي ڪوشش ۾ يا وري انهن کي منظم ڪرڻ ۾ مشغول، هو ڪڏهن به ڪو شهر يا ڳوٺ ان وقت تائين نه ڇڏيندو هو، جيستائين هن اتي پنهنجو ڪو نمائندو مقرر نه ڪري ورتو هجي، جنهن جي چوگرد پوئلڳن جو حلقو هجي، اهي شيعه جيڪي انتظار ۽ اطاعت گذاري ڪري ڪري ٿڪجي ٿي پيا، ايراني يا عرب سني جيڪي ترڪي جي غلبي ۽ تسلط سبب گُهٽ محسوس ڪري رهيا هئا، نوجوان جيڪي جذباتي شدت ۾ مبتلا هئا يا مومن جيڪي اصوليت ۽ ڪٽرپڻي جا ڳولائو هئا، حسن جو لشڪر ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو. سندس ماڻهو ”باطني“ سڏرائيندا هئا، يعني اصحاب سِر، جن سان بدعتين يا ملحدين جهڙو سلوڪ ڪيو ٿي ويو. عالم مٿن پيا لعنتون اماڻيندا هئا، ”ان تي خدا جي مار پوندي جيڪو انهن ۾ شامل ٿيندو، ان تي ڦٽڪار ٿيندي جيڪي ساڻن گڏجي کائيندو يا انهن مان شادي ڪندو، انهن جو خون وهائڻ ائين جائز آهي جيئن پنهنجي باغ کي پاڻي ڏيڻ! آواز آهستي آهستي بلند ٿيڻ لڳو ۽ تشدد رڳو لفظن تائين محدود نه هو. ”ساوا“ شهر جي ڪنهن مسجد جي امام ڪجهه ماڻهن کي اهتمام ڪرڻ وارن ۾ شامل ڪيو جيڪي نماز جي وقت ٻين مسلمانن کان ڌار ٿي جمع ٿي ٿيا ۽ هن شرطي (پوليس) کي گهرائي ورتو ته انهن سان بغير ڪنهن رعايت جي معاملو ڪري ۽ ائين ارڙنهن بدعتي گرفتار ڪيا ويا، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جنهن انهن کي مهتمم ڪيو هو، ڪنهن مٿس خنجرن سان وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، نظام الملڪ حڪم ڏنو ته ان ماڻهوءَ کي اهڙي سزا ڏني وڃي، جو مثال قائم ٿي وڃي، هڪ اسماعيلي واڍي تي قتل جو الزام مڙهيو ويو، کيس شديد اذيت رسائي وئي ۽ کيس چار چوب ڪيو ويو ۽ سندس لاش کي گهٽين ۾ گهليو ويو، هڪ واقعي لکندڙ لکيو آهي: اهو امام اسماعيلين جو پهريون شڪار هو ۽ اهو ڊکڻ سندن پهريون شهيد، ”ان ۾ واڌارو ٿيو ۽ انهن جي پهرين فتح نيشاپور جي ڏکڻ ۾ واقع شهر ”قين“ ۾ حاصل ٿي. ڪرمان کان هڪ ٻيو قافلو اچي رهيو هو، جنهن ۾ ڇهه سئو کان وڌيڪ سوداگر ۽ حاجي هئا ۽ سرمي جي قيمتي کيپ به شامل هئي. ”قين“ کان اڌ ڏينهن جي مسافت تي هٿياربند نقاب پوشن سندن رستي روڪ ڪئي. قافلي جي پيشوا کين ڌاڙيل سمجهي فديو ڏيئي جان ڇڏائڻ چاهي، جنهن جو هو هيراڪ هو، پر انهن جي نيت اها هئي ئي ڪانه، مسافرن کي هڪ مورچي بند ڳوٺ ۾ آندو ويو، جتي کين ڪيترائي ڏينهن بند ۾ رکيو ويو، وعظ ڏنو ويو ۽ کين مذهب جي تبديلي جي دعوت ڏني وئي، ڪيترائي ان تي تيار ٿيا ۽ کين آزاد ڪيو ويو ۽ ڪيترن کي ذبح ڪيو ويو. ان جي باوجود هڪ قافلي جو اغوا ٿيڻ جلد ئي ان عظيم، پر پردي پويان طاقت جي ڇڪتاڻ جيڪا ڪجهه عرصي ۾ وڌيڪ زور وٺي رهي هئي، هڪ معمولي ڳالهه نظر اچڻ واري هئي، قتل ۽ انتقامي قتل هڪ ٻئي جو تعاقب ڪرڻ لڳا، ڪو شهر، صوبو يا رستو انهن کان بچيل نه هو ۽ آهستي آهستي سلجوقي سلطنت جو امن امان فنا ٿيندو ويو.
تڏهن سمر قند جو اهو يادگار بحران اچي مٿي تي ڪڙڪيو. هڪ واقعي ان جي مڪمل طور تي تصديق ڪئي ته ”قاضي ابو طاهر واقعن جي تهه ۾ هو“ انهن سڀني ڳالهين هوندي به ڳالهه ايتري آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ واري نه هئي.
اهو درست آهي ته نومبر جي هڪ ٻنپهرن ۾ خيام جو گذريل حامي ۽ محافظ غير متوقع طور پنهنجي گهروارين ۽ ساز و سامان سوڌو پٽون پاراتا ڏيندو اصفهان اچي پهتو. ”تيرا“ جي دروازي مان اندر گهڙندي ئي هو سڌو اچي پنهنجي رفيق سان مليو، جنهن کيس رهائش مهيا ڪئي، ان ڳالهه تي خوش ته کيس آخرڪار شڪر جو اظهار ڪرڻ جو وجهه مليو. رواجي جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ جلد ئي فرصت ملي. ابو طاهر جيڪو بس روئڻ وارو هو، چيو: ”مان جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي نظام الملڪ سان گفتگو ڪرڻ ٿو گهران“
خيام ان کان اڳ قاضيءَ کي ڪڏهن به اهڙن حالن ۾ نه ڏٺو هو.
هن اطمينان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي:
”وزير سان اڄ رات ملنداسين. ڇا ڪو سنگين مسئلو آهي؟“
”مون کي سمرقند کان ڀڄڻو پيو آهي“
هو اڳيان نه ڳالهائي سگهيو. سندس آواز گهٽجي ويو ۽ اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳس.
هو سندن آخري ملاقات کانپوءِ اڄ گهڻو پوڙهو نظر اچي رهيو هو. سندس کل سُڪي وئي هئي ۽ سندس ڏاڙهي به اڇي ٿي وئي هئي. هاڻي رڳو سندس ڀرون پهرين وانگر ڪارا هئا. عمر تسلي جا ڪجهه جملا چيا، قاضيءَ پنهنجو پاڻ تي ضبط ڪيو. دستار، درست ڪئي ۽ چيو:
”توکي اهو ماڻهو ياد آهي جيڪو زخمي چهرو سڏرائيندو هو؟“
”مان کيس ڪيئن ٿو وساري سگهان، جنهن منهنجي اکين اڳيان منهنجي موت لاءِ دليل ڏنو هو.“
”توکي ياد آهي نه ته هو بدعت جي ٿوري شڪ ۾ به ڪيئن باهه ٿي ويندو هو؟ خير، ٽي سال ٿيا آهن ته هو به اسماعيلين ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ اڄ هو سندن گمراهين جي ڏاڍي شدومد سان دعوت ڏئي رهيو آهي، جيئن هو پهرين سچي دين جي دعوت ڏيندو هو. سوين نه پر هزارين ماڻهو سندس پوئلڳ ٿي رهيا آهن. هو گهٽين ۽ بازارن جو ڄڻ مالڪ بڻجي ويو آهي ۽ بازار جي واپارين تي جيڪو به قانون لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو، ڪري ٿو ڇڏي. مان ڪيترائي ڀيرا خان سان ملڻ ويو آهيان. تون نصر خان کي سڃاڻندو هئين ۽ سندس يڪدم ڪاوڙجڻ جي دورن جي خبر هئي، جيڪي پوءِ وري جلد ئي ختم به ٿي ويندا هئا، سندس تشدد ۽ دريا دليءَ جا دورا، خدا سندس بخشش ڪري. مان هر دعا ۾ کيس ياد ڪندو آهيان. اڄ اقتدار سندس سئوٽ جي هٿن ۾ آهي، احمد هڪ بي ڏاڙهيو، بي مڇو، غير مستقل مزاج جنهن ۾ فيصلي ڪرڻ جي طاقت ئي ڪونهي. مون کي ڪڏهن سمجهه ۾ ئي ناهي آيو ته ساڻس گڏ ڪيئن هلجي، ڪيترن ئي موقعن تي مان ساڻس انهن ملحدن جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، صورتحال ۾ لڪل خطرن کان آگاهه ڪيو اٿمانس، پر هو غائب الدماغ ۽ بيزار لڳو پيو هوندو آهي ۽ مشڪل سان منهنجي ڳالهه ٻڌندو آهي، اِهو سڀ ڏسي وائسي هو ڪو قدم به نه پيو کڻي، اهو ڏسي ته هو صفا ڪن ٽار ڪري ويٺو آهي مون فوجي رضاڪارن جي ڪمان دارن ۽ ڪيترن ئي اهڙن عملدارن کي گڏ ڪيو جن جي وفاداري تي مون کي ڀروسو آهي، انهن کي اها درخواست ڪيم ته اهي اسماعيلين جي جلسن تي ڪڙي نگاهه رکن. ٽي ڀروسي وارا ماڻهو زخمي چهري جي پويان لڳل رهيا، جنهن مان مقصد اهو هو ته خان کي تفصيل سان احوال ڏجي، ته جيئن سندن سرگرمين بابت خبر پويس ۽ اکيون کولي، ايتري تائين جو منهنجن ماڻهن اها خبر ڏني ته انهن بدعتين جو اڳواڻ سمر قند پهچي ويو آهي“.
”حسن صباح؟“
”بذات خود. منهنجا ماڻهو ”غطفار“ جي علائقي ۾ ”عبدڪ“ روڊ جي ٻنهي پاسن کان مورچي بند ٿي ويهي رهيا، جتي اسماعيلين جو جلسو ٿي رهيو هو. جڏهن صباح ٻاهر نڪتو، هو هڪ صوفيءَ جي ويس ۾ هو، منهنجن ماڻهن مٿس حملو ڪري کيس ٻوريءَ ۾ بند ڪيو ۽ هن کي مون وٽ کڻي آيا.
”هڪدم آئون کيس کڻي محل پهتس ۽ حڪمران کي سندس گرفتاريءَ جي خبر ڏيڻ چاهيم. تڏهن، پهريون ڀيرو، هو دلچسپي وٺندي نظر آيو ۽ کيس ڏسڻ لاءِ چيائين، صباح کي وٽس آندو ويو، هُن سندس رسيون کولڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻنهي کي تنها ڇڏڻ جو چيائين. مون اجايو هن کي ان خطرناڪ ملحد کان خبردار رهڻ جي ڪوشش ڪئي، هن انهن بداعمالين کي دهرايو جن جو هو سزاوار هو، پر سڀ اجايو نڪتو. هن ٻڌايو ته هو کيس سڌي راهه تي آڻڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي جي گفتگو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. آهستي آهستي جڏهن ڪنهن درٻاري اڌ دروازو کولي ڏسڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته ٻئي گفتگوءَ ۾ گم ٿي نظر آيا. فجر جي وقت ٻئي سجدي جي حالت ۾ ڏٺا ويا، مشير کين ڏسڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌڪا ڏيندا رهيا.“ نارنگي ۽ بادام جي فرحت بخش شربت جو ڍُڪ ڀرڻ کانپوءِ، ابو طاهر شڪراني جا رسمي جملا ادا ڪيا ۽ پنهنجو بيان جاري رکيو.
”جيڪڏهن شهادت کي مڃيو وڃي ته يقينن سمرقند جو مالڪ، ماوراءَ نهر جو فرمان روا ماتم گهرن جي سلسلي جي وارث، بدعتين جو عقيدو اختيار ڪري چڪو هو. قدرتي ڳالهه آهي ته هن ان جو اعلان نه ڪيو ۽ سچي عقيدي سان پنهنجي وابستگي جي اظهار کي جاري رکيو، پر ڪابه شئي ساڳئي نه رهي هئي. شاهه جا مشير سڀ اسماعيلي رکيا ويا هئا، فوجي رضاڪارن جا سربراهه جن صباح کي گرفتار ڪيو هو، هڪ ٻئي پٺيان ڏاڍي سفاڪ نموني ماريا ويا، منهنجي محافظن جو دستو به زخمي چهري جي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏنو ويو. مون وٽ هاڻي ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نه بچيو هو ته مان حاجين جي قافلي سان گڏ نڪري پوان ۽ وڃي انهن جيڪي شمشيرِ اسلام جا حامل آهن، انهن کي سڄي صورتحال کان باخبر ڪريان، يعني نظام الملڪ ۽ ملڪ شاهه.“
ان شام خيام ابو طاهر کي گڏ وٺي وزير وٽ پهتو. هن کين هڪ ٻئي سان متعارف ڪرايو ۽ پوءِ کين اڪيلو دوبدو ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ڇڏي آيو. جيئن جيئن نظام پنهنجي ملاقاتيءَ جي ڳالهه کي نهايت ادب ۽ احترام سان ٻڌو، سندس چهري تي ڳمڀيرتا جا اثر ڏسڻ ۾ آيا. قاضي جو بيان ختم ٿيندي ئي هن ڳالهايو:
”توکي خبر آهي ته سمرقند جي بدقسمتيءَ جو ۽ خود تنهنجي بدقسمتيءَ جو حقيقي ذميدار ڪير آهي؟ اهو ئي جيڪو توکي هتي وٺي آيو آهي!“
”عمر خيام؟“
”ٻيو ڪير؟ اهو خواجه عمر ئي هو جنهن ان ڏينهن صباح جي جان بخشيءَ جي سفارش ڪئي هئي، جڏهن مون سندس موت جو پروانو حاصل ڪري ورتو هو، هن مونکي کيس ٺڪاڻي لڳائڻ کان روڪي ورتو. ڇا هاڻي هو کيس اسانکي ٺڪاڻي لڳائڻ کان روڪي سگهي ٿو؟“
”قاضيءَ کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو ڇا جواب ڏئي، نظام ٿڌو ساهه ڀريو هڪ مختصر پريشان ڪندڙ خاموشي پکڙجي وئي.
”تون ٻڌاءِ تنهنجي خيال ۾ ڇا ڪيو وڃي؟“ اهو سوال نظام ڪري رهيو هو، ابو طاهر پهرين ئي پنهنجي خيال کي مشتڪل ڪري چڪو هو ۽ ان کي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان اعلانيه لهجي ۾ ادا ڪيو:
”وقت اچي ويو آهي ته سلجوقي علم سمرقند تي ڦڙڪايو وڃي“
وزير جو چهرو چمڪي پيو، پر هڪدم ڄڻ اونداهي پکڙجي ويس.
”تنهنجا لفظ ان قابل آهن جو انهن کي سون ۾ توريو وڃي. مان ورهين کان سلطان کي چئي رهيو هئس، ته سلطنت کي ماوراءَ نهر تائين پکڙجڻ گهرجي ۽ سمرقند بخارا جهڙا نامور ۽ خوشحال شهر اسانجي قبضي ۽ اختيار کان ٻاهر نه هجڻ گهرجن، پر اها هڪ لاحاصل ڪوشش هئي. ملڪ شاهه اوڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو.“
”خان جو لشڪر، ڳنڍ ۾ رکو، ڏاڍو ڪمزور ٿي چڪو آهي. سندس اميرن کي هينئر انهن جا ماهوار پگهار نه پيا ملن ۽ هن جا قلعا ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي رهيا آهن.“
”اسين انهيءَ کان آگاهه آهيون.“
”ڇا ملڪ شاهه کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن هن پنهنجي پيءَ الپ ارسلان وانگر درياءَ پار ڪيو ته سندس انجام به اهڙو ئي ٿيندو جهڙو سندس پيءَ جو ٿيو؟“
”بلڪل نه“
”قاضي وڌيڪ سوال نه ڪيو بلڪه وڌيڪ ڳالهيون کلڻ جو انتظار ڪيو“.
”سلطان نه درياءَ کان خوفزده آهي ۽ نه دشمن جي فوج کان“. نظام بيان ڪيو.
”هو خوفزده آهي ته صرف هڪ عورت کان!“
”ترڪين خاتون؟“
”هوءَ قسم کائي ويٺي آهي ته جيڪڏهن ملڪ شاهه درياءَ پار ڪيو ته هو کيس پنهنجي هنڌ ۾ سمهڻ نه ڏيندي ۽ سندس حرم کي دوزخ بڻائي ڇڏيندي. اسان کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته سمرقند سندس شهر آهي. نصر خان سندس ڀاءُ آهي ۽ احمد خان سندس سئوٽ آهي. ماوراءَ نهر سندس خاندان جي ملڪيت آهي. جيڪڏهن اها بادشاهت جنهن کي سندس ابن ڏاڏن قائم ڪيو هو، اها ڊهي ٿي پوي ته محل جي عورتن ۾ سندس موجوده حيثيت ڪهڙي رهندي ۽ سندس پٽ جو هڪ ڏينهن تخت تي ويهڻ جو امڪان خطري ۾ پئجي ويندو.“
”پر سندس پٽ اڃا صرف ٻن سالن جو آهي!“
”ها بلڪل اها ئي ڳالهه آهي جيترو ننڍي عمر جو هوندو اوتري گهڻي کيس محنت ڪرڻي پوندي ته سندس پڙ ڳرو رهي.“
”جيڪڏهن مان تنهنجي ڳالهه کي درست سمجهيو آهي ته،“ قاضي نتيجو ڪڍندي چيو، ”سلطان ڪڏهن به سمرقند جي قبضي تي راضي نه ٿيندو.“
”مون اهو نه چيو هو، پر اسانکي سندس خيال تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ضرور ڪرڻ گهرجي، ۽ خاتون جي ساٿ کان وڌيڪ موثر ساٿ نٿو ٿي سگهي.“
”قاضي جو چهرو سرخ ٿي ويو، هو شائستگيءَ سان مُرڪيو، ۽ پنهنجو پاڻ کي مقصد کان ڀٽڪڻ نه ڏنائين.“
”ڇا اهو ڪافي ناهي ته مان سلطان سان اهو سڀ ڪجهه دهرايان جيڪو هاڻي هاڻي توکي ٻڌايو آهي، يعني اها سازش جيڪا حسن صباح ڪري رهيو آهي؟“
”نه،“ نظام ڏاڍي کُهري لهجي ۾ چيو
هو ايترو مصروف هو جو ان وقت بحثا بحثي ۾ نٿي وڃڻ چاهيائين. هو هڪ منصوبو جوڙي رهيو هو. سندس ملاقاتي هن جي فيصلي جو انتظار ڪري رهيو هو-
”هاڻي تنهنجو ڪم هي آهي،“ وزير حڪم ڏيندي چيو، ”ته سڀاڻي صبح جو سلطان جي حرم جي دروازي تي وڃي پنهنجو پاڻ کي پيش ڪر ۽ خواجه سرائن جي رئيس سان ملاقات جي درخواست ڪر- تون هن کي اهو چوندين ته تون سمرقند کان آيو آهين ۽ ترڪين خاتون کي سندس خاندان جي خبر پهچائڻ چاهين ٿو- تون سندس شهر جو قاضي آهين ۽ سندس خاندان جو پراڻو خادم هوءَ توکي ضرور ملاقات لاءِ گهرائيندي-“
قاضيءَ کي هاڪار ۾ مٿي کي لوڏڻ جي دير هئي ته نظام وڌاءُ ڪيو:
”جڏهن هڪ ڀيرو ان خيمي واري ڪمري ۾ پهچي وڃين ته کيس ان مصيبت کان آگاهه ڪجائين جيڪا بدعتي سمرقند تي کڻي آيو آهي، پر تون احمد جي مذهب تبديل ڪرڻ جو ڪو ذڪر نه ڪجئين، پر ان جي برعڪس اهو ضرور ڏسجائينس ته حسن صباح جي نظر سندس تخت تي آهي ۽ سندس زندگي خطري ۾ آهي ۽ هاڻي صرف قدرت ئي کيس بچائي سگهي ٿي. وڌيڪ اهو به چئجائنس ته تو هن معاملي ۾ مون سان به رجوع ڪيو آهي، پر مون تنهنجي ڳالهه ٻڌڻ به گوارا ناهي ڪئي، بلڪه ابتو سلطان کي باخبر ڪرڻ کان به جهليو آهي.“
ٻئي ڏينهن اها تدبير بغير ڪنهن رڪاوٽ جي عمل ۾ آئي. هوڏانهن ترڪين خاتون سمرقند کي بچائڻ لاءِ سلطان کي قائل ڪرڻ جي ذميداري پنهنجي سر تي کنئين، هوڏانهن بظاهر نظام الملڪ ان تجويز جي مخالفت ڪندي فوج ڪشي جي تياري شروع ڪري ڇڏي. ان مغالطي جي جنگ ڪرڻ جو مقصد صرف ماوراءَ نهر جو الحاق نه هو ۽ ان کان به گهٽ سمرقند کي بچائڻ جي ڪوشش، پر سڀ کان وڌيڪ خواهش اها هئي ته هو پنهنجي اقتدار کي ٻيهر قائم ڪرڻ جو خواهان هو، جنهن کي اسماعيلي باغين جي تخريبڪاري ڪافي نقصان پهچايو هو. ان لاءِ کيس تمام وڏي فيصلي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ فتح جي به ضرورت هئي. ورهين کان سندس جاسوس روز کيس قسم کائي يقين ڏياريندا هئا ته حسن جي چرپر جو پتو پئجي ويو آهي ۽ ڪنهن به لمحي کيس حراست ۾ وٺي سگهجي ٿو، پر باغي ايترو آساني سان هٿ اچڻ وارو نه هو ۽ ٿوري ڀڻڪ تي سندس فوجي گوهي ڏيئي غائب ٿي ٿي ويا. اهو ئي سبب هو جو نظام ساڻس آمهون سامهون مقابلي جو موقعو تلاش ڪري رهيو هو ته جيئن سندس فوجي آمهون سامهون صف بند ٿين. ان لاءِ سمرقند کان بهتر ٻي ڪا جڳهه نٿي ٿي سگهي.
1098 بهار جي موسم ۾ ٻه لک سپاهين تي ٻڌل فوج هاٿين ۽ حصاربنديءَ جي ساز و سامان سميت روان دوان ٿي. جن مڪار ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ وارن ان فوج ڪشيءَ لاءِ ڀڙڪايو هو، انهن جي اهميت گهٽ هئي، ڇو ته انهن جي نيت ئي اها هئي جيئن هر فوج ڪشي جي ٿيندي آهي. هيءَ بخارا تي بلڪل معمولي مزاحمت جو مقابلو ڪرڻ کان بغير قبضي سان شروع ٿي ۽ پوءِ سمرقند طرف وڌي. شهر جي دروازي تي پهچي ملڪ شاهه هڪ قابل رحم پيغام ذريعي احمد خان ڏانهن اطلاع اماڻيو ته آخرڪار هو کيس انهن بدعتين جي محڪوميءَ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پهچي ويو آهي.
”مون پنهنجي قابل تعظيم ڀاءُ کان اهڙي ڪابه درخواست نه ڪئي هئي،“ خان سرد مهريءَ سان جواب اماڻيو. ملڪ شاهه ان تي دنگ رهجي ويو، جڏهن ته نظام ان تي معمولي بيزاريءَ جو اظهار به نه ڪيو. ”خان هاڻي خودمختيار ڪارندو نه رهيو آهي. اسين اهڙي ئي ريت عامل ٿينداسين ڄڻ سندس وجود ئي نه هجي.“ بهرحال، فوج پوئين پيرين واپس وڃڻ کان ته رهي. امير مالِ غنيمت ۾ پنهنجي حصي جا طلبگار هئا ۽ هٿين خالي واپس وڃڻ وارا نه هئا.
شروع وارن ڏينهن ۾ حفاظتي ميناري جي هڪڙي نگهبان جي غداريءَ حملا آورن کي شهر ۾ گهڙڻ جو موقعو فراهم ڪيو. انهن اولهه ۾، ”بابِ خانقاهه“ جي ويجهو، مورچا بندي ڪئي. شهر جا محافظ ڏکڻ جي بازارن ۾ ويڙهجي ويهي رهيا. پنهنجي مذهب جي مطابق، آبادي جي هڪ حصي سلطان کي سپاهه جي رسد ڪئي، کين کارايو پياريو ۽ سندن حوصلا افزائي ڪئي. هڪ ٻئي حصي احمد خان جي طرفداري ڪئي. ٻه هفتا جنگ جو ميدان تتل رهيو، پر ان جي انجام بابت زري برابر به شڪ نه هو. خان کي، جنهن گنبدن واري علائقي ۾ هڪ دوست جي گهر پناهه ورتي هئي جلد ئي سڀني اسماعيلي سردارن سميت گرفتار ڪيو ويو. صرف حسن ئي هڪ سُرنگ رستي رات وچ ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
نظام جي فتح ٿي، اهو بلڪل درست آهي، پر سلطان کي سلطانه جي خلاف بيهاري هن درٻار سان پنهنجن رابطن ۾ خود زهر ملائي ڇڏيو. ملڪ شاهه کي ماوراءَ نهر جو مقدم ترين شهر ايتري آساني سان فتح ڪرڻ تي جيڪڏهن پڇتاءُ نه به هو، ائين استعمال ٿي وڃڻ تي سندس عزت نفس ضرور مجروح ٿي وئي. ايتري تائين جو هن سري کان ئي پنهنجي سپاهين جي لاءِ روايتي فتح جي دعوت جو انتظام ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ”اهو سڀ ڪجهه رڳو معمولي غلط فهمي جي ڪري ئي ٿيو آهي،“ نظام هر ڪنهن سان بدخواهيءَ جي سبب سرگوشين ۾ اها ڳالهه ڪئي.
رهيو حسن صباح ته هن ان شڪست مان هڪ زبردست سبق سکيو. بادشاهن جو مذهب مٽائڻ بدران هي جنگجو هڪ اهڙو هيبتناڪ هٿيار جوڙيندو، جنهن سان ملندڙ جلندڙ شئي انسانيت اڄ ڏينهن تائين نه ڏٺي هوندي: تنظيمِ حشاشين.
***

