نئون

سنڌ ڪابينا پاران اسٽيل مل، پي آءِ اي ۽  لاکڙا پلانٽ جي نجڪاري جي مخالفت جو اعلان

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مختلف فيصلا ڪيا ويا آهن. جنهن  ۾ اسٽيل مل، لاکڙا پلانٽ ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري جي به مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسٽيل مل جي زمين صوبي حوالي ڪرڻ لاءِ وزير اعظم کي خط به لکيو ويندو. اسٽيل مل بابت ڳالهائيندي ميمبرن وڏي وزير کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت ڄاڻي واڻي  اسٽيل مل کي نقصان پهچائي رهي آهي ۽ ان کي نقصان ۾ وجهي رهي آهي ته جيئن اسٽيل مل جي نجڪاري جو جواز ملي سگهي. ساڳي صورتحال پي آءِ اي سان به ڪئي پئي وڃي، پر سنڌ ڪابينا اهو موقف رکي ٿي ته اسٽيل مل جي زمين سنڌ جي آهي ۽ جيڪڏهن وفاق اسٽيل مل جي نجڪاري ڪندو ته پوءِ اها زمين سنڌ واپس گهري وٺندي. ڪابينا فيصلو ڪيو ته ان نجڪاري جي سخت مخالفت ڪئي ويندي. ان اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽيز ايڪٽ ترميمي بل 2018 جي مسودي جي منظوري ڏني وئي جنهن تحت سرڪاري يونيورسٽين بابت اختيار گورنر کان واپس وٺي وڏي وزير مراد علي شاهه جي حوالي ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ سرڪاري يونيورسٽي جا فنانس ڊائريڪٽر به وڏو وزير مقرر ڪندو. ان سان گڏوگڏ سنڌ اندر مائننگ ڪرڻ جي اجازت جو اختيار  سيڪريٽر مائننگ اينڊ منرلز جي حوالي ڪيو ويو آهي. ڪابينا پاران هڪ ٻئي فيصلي ۾ اهو چيو ويو آهي ته صوبي اندر هاڻي هڪ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ۽ اسسٽنٽ  ايڊووڪيٽ کي گورنر بدران وڏو وزير مقرر ڪندو.