بلاگنئون

شادي جي سماجي اهميت

انساني سماج ۾ بغير ڪنهن گهڻي فرق جي هر ملڪ ۽ علائقي ۾ شادي اهم تصور ڪئي وڃي ٿي جنهن جي بنياد تي خانداني ڍانچو تيار ٿئي ٿو ۽ اجتماعي طور تي ان سان پوري سماج جي تشڪيل پڻ ٿئي ٿي. شادي جو مفهوم عورت ۽ مرد جي جنسي لاڳاپي کي سماج جي مڃيل اصول مطابق قائم ڪرڻ آهي. ان اصول ۽ مفهوم کانسواءِ عورت ۽ مرد جي جنسي لاڳاپي کي زنا يا عياشي جو نالو ڏنو ويو آهي. جيئن ته جنس انساني ضرورتن ۾ هڪ اهم ضرورت آهي، جيڪا زندگي جي خاص مرحلي کان شروع ٿئي ٿي ۽ خاص وقت تائين جاري رهي ٿي.
جنس جيستائين ڪارفرما رهي ٿي تيستائين اها تسڪين جو رستو تلاش ڪندي رهي ٿي. جنس کي صحيح، مناسب ۽ وقتائتي تسڪين نه ملڻ جي صورت ۾ اها مرد توڙي عورت ٻنهي جي شخصيت تي برا اثر به ڇڏي ٿي، جيڪي اثر سماجي بي راھ روي کي جنم ڏيڻ سان گڏ ماڻهن جي اخلاقي، جسماني، ذهني توڙي تخليقي صلاحيتن کي به متاثر ڪن ٿا. ان ڪري شروع کان هيل تائين هر سماج ۾ شادي جي اهميت کي محسوس ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِ اصول ۽ نظريا طئي ڪيا ويا آهن ته جيئن انسان بي راھ روي کان بچي سگهي. اهي سماج جن ۾ شادي واري رشتي ۽ ان سان لاڳو ٿيندڙ ذميدارين ۽ وفادارين کي اهميت نه ڏئي جنسي آزادي کي رواج ڏنو ويو آهي، اتي ازدواجي عدم تحفظ عورت توڙي مرد کي تيز وهڪري ۾ لوڙهي به ڇڏيو آهي. ان ڪري معتبر سماجن ۾ جنسي ضرورتن ۽ خواهشن جي پورائي لاءِ انسان کي ڇڙواڳ نه ڇڏيو ويو آهي. بلڪه اهڙي بنيادي خواهش تي ڪنهن مناسب حد تائين تهذيب ۽ سماجي قدرن کي چوڪيدار ڪري ويهاريو ويو آهي. شادي انساني رشتن ۾ اهو بنيادي رشتو آهي جنهن جي ڪري گهر جڙي ۽ آباد ٿئي ٿو ۽ انساني نسل جي پيدائش ۽ پرورش ٿئي ٿي، انهي سان گڏ سماجي گهرجن ۽ معاشي ضرورتن جي حد مقرر ۽ پورائي ٿئي ٿي.
عورت ۽ مرد جا جيڪي به رشتا آهن انهن ۾ پائيدار ۽ با معنيٰ رشتو به زال ۽ مڙس وارو آهي ۽ گڏوگڏ عورت ۽ مرد جي گڏيل ذميداري ۾ به زال ۽ مڙس وارو رشتو ذميدار ۽ سماج ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ماءٌ ۽ پٽ جو رت وارو رشتو عورت ۽ مرد ۾ سڀني کان احترام وارو رشتو آهي. مگر انهن جي وچ ۾ جيئن ته جنريشن گيپ ٿئي ٿو ان ڪري ٻنهي جي وچ ۾ برابري ۽ گڏجي هلڻ واري پائيداري قائم ٿي نٿي سگهي. ساڳي حالت پيءُ ۽ ڌيءَ جي رت واري رشتي ۾ قائم رهي ٿي. ڌيءَ کي ڪڏهن نه ڪڏهن پيءُ جو گهر ڇڏي پنهنجو گهر وسائڻو هوندو آهي. ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو رشتو آهي ته ساڳي جنريشن وارو، پر اهو به پائيدار انهيءَ ڪري ڪونهي ته انهن ٻنهي کي هڪ نه هڪ ڏينهن ھڪ ٻئي کي ڇڏي الڳ الڳ ٺڪاڻن تي وسڻو هوندو آهي، ان ڪري عورت ۽ مرد جو هميشه رهڻ وارو شعوري ۽ مرضي وارو رشتو فقط زال ۽ مڙس وارو رشتو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن سان هو ٻئي خانداني زندگي ۾ داخل ٿين ٿا ۽ خاندان جو سماج جي ترقي ۽ تنزلي ۾ اهم ڪردار ٿئي ٿو. شادي جو سڀ کان وڏو مقصد به عورت ۽ مرد جي تعلق کي سگهارو ڪرڻ آهي. جنهن سان انساني نسل جي تعليم ۽ تربيت جو مضبوط قلعو قائم ٿئي ٿو. شادي جو اهو مقصد جنسي گهرجن جي پورائي واري مقصد کان سئو دفعا وڌيڪ اهم آهي ڇو ته انساني ٻارن کي جانورن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سلجهيل محبت، نگراني ۽ تربيت جي ضرورت هوندي آهي. ٻارن جي تربيت سان گڏوگڏ انهن جي رهڻ جي لاءِ جاءِ ۽ متوازن غذا جي پورائي جي به گهرج ٿئي ٿي. جنسي خواهش جي پورائي کانسواءِ انسان جون ڪجھ جذباتي ضرورتون به ٿين ٿيون. شفقت، محبت، همدردي، حوصلا افزائي، دلداري ۽ تقويت جهڙيون ڳالهيون انسان کي صحيح معنيٰ ۾ رڳو پنهنجي گھر ۽ خاندان مان ئي ملي سگهن ٿيون. ان ڪري به شادي ۽ خاندان ڪنهن به انساني سماجي جي استحڪام ۽ پائيداري جي لاءِ انتهائي اهم عنصر آهن. نفسيات جو علم اسان کي ٻڌائي ٿو ته فرد جي بنيادي شخصيت جو دارومدار ان جي جسماني، ذهني، اخلاقي ۽ خاص طور تي جذباتي نشونما تي هوندو آهي ۽ فرد جي بنيادي شخصيت جو بنياد سندس عمر جي پهرين پنجن سالن ۾ پوندو آهي، جنهن کان پوءِ ان جي شخصيت جي تعمير جو عمل شروع ٿيندو آهي، جيڪو بلوغت تائين جاري رهندو آهي. جيئن ته هر اڏاوت جي مضبوطي جو دارومدار اڏاوت جي سگهارن بنيادن تي هوندو آهي. ان ڪري هر فرد جي بنيادي شخصيت جو دارومدار به ان جي شخصيت جي بنيادن تي هوندو آهي. شخصيت جا بنياد ڪمزور هوندا ته اڏاوت مضبوط هئڻ باوجود ڪارگر ثابت ٿي نه سگهندي. فرد جي شخصيت جو گهڻو تڻو دارومدار جذباتي نشوونما تي هوندو آهي. فرد جي بنيادي جذبن ۾ محبت، نفرت ۽ خوف جا جذبا اهم ترين جذبا هوندا آهن. انهن بنيادي جذبن جي وقت سر صحيح نشو ونما نه ٿيڻ ڪري اهي ٽئي جذبا عدم توازن جو شڪار رهندا. فرد جي محبت نفرت ۽ خوب جي جذبن ۾ توازن نه هجڻ ڪري فرد جي شخصيت تباھ ٿي ويندي آهي. هو جڏهن ڪنهن سان محبت ڪندو ته ان حد تائين لّڙهي ويندو جو سندس حالت رحم جوڳي ٿي پوندي آهي ۽ هو محبت کي خيرات ۾ ملندڙ ڪنهن شيءِ جيان سمجهي ان لاءِ صدا هڻڻ، منٿون ڪرڻ لڳندو ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ شڪايت ڪرڻ لڳندو ۽ آخرڪار پاڻ کي وڌيڪ نقصان ڏيڻ ۽ پاڻ مارڻ تي لهي ايندو ۽ کيس اهو احساس هر وقت ستائيندو رهندو ته هن کي اظهاري محبت جي مرضي موجب موٽ نه ملي ته هو مري ويندو، جيئن ته محبت ڪشڪول ۾ ڪرندڙ خيراتي سڪو نه پر اعزاز هوندي آهي ۽ اعزاز رحم ۽ ھمدردي جي بنيادن تي نه پر نج صلاحيت جي بنياد تي موٽ ۾ ملندو آهي، معشوق جي اڳيان معذوري واري حالت ۾ جهڪاءُ کانئس نه ڇڄڻ جي تقاضا، غير سان نه گهمڻ جي پابندي ۽ تلقين ۽ ڳالھ ڳالھ تي منٿن جو ٺڪاءُ محبت جو نه پر ذهني ۽ شخصي غلامي جو بدترين اظهار آهي. اهڙي نوعيت جو اظهار سنڌي عاشق سان گڏ سنڌي پيءُ به پنهنجي اولاد سان ڪندو رهيو آهي، ساڳي طرح ۽ نوعيت جي بي صبري واري ڪيفيت نفرت ۽ خوف وارن جذبن جي اظهار ۾ به ٿي سگهي ٿي. اسان جي رواجي رومانٽڪ شاعري جو وڏو حصو به اهڙي محبت، خوف ۽ نفرت جي جذبن جي اظهار سان ٽمٽار آهي ۽ اسان جو روايتي نمائندو، اديب شاعر، ڳائڻو ۽ جذباتي خيال پرست صحافي اهڙن اظهارن جا پرچارڪ بڻيو بيٺا آهن. نه رڳو ايترو پر ريڊيو پاڪستان ۽ ٽي چئنلز تان سنڌي ۾ اهڙا گانا به اچن ٿا جن ۾ عاشق جي خود غرضي ۽ معشوق جي مرضي جي نفي جو اظهار چٽو ملي ٿو ۽ ننڍي عمر واري نابالغ ۽ بي شعور معشوق مان هر طرح جي تقاضا ڪئي وڃي ٿي، فن جي نالي ۾ ٿيندڙ ان ڪلور جي پويان به عدم توازن واريون شخصيتون ئي آهن، شاعر به سيٽون چئي پاڻ ان کان هڪ سئو ڪلو ميٽر پري بيهي آجو ٿي ويندو آهي جڏهن ته شاعري سميت هر فن ۽ تخليق جو اظهار فنڪار ۽ تخليقڪار جي بنيادي شخصيت جو اظهار هوندو آهي، بنيادي جذبن تي بيٺل بنيادي شخصيت جو تعلق وري بنيادي تربيت سان هوندو آهي، اسان جو نمائندو قلمڪار اهو سمجهي ٿو ته جڏهن ڪو خراب ۾ خراب مزاج وارو ماڻهو به ڪنهن سان محبت ڪري ٿو ته اهو ان هڪڙي عمل جي ڪري عظيم ۽ جنتي ماڻهو بڻجي وڃي ٿو. محبت ڪندڙ جيڪڏهن عشقيه شاعري به ڪندڙ آهي ته پوءِ اهو ساڳيو ماڻهو عظيم ترين انسان به ٿي پوي ٿو اها هڪڙي فڪري غلطي به آهي. جهڙي طرح سچ ۽ سچو هجڻ کي رڳو وڏي عمرين سان مشروط ڪرڻ واري فطري غلطي ڪئي وڃي ٿي.
اها به عام ڳالھ آهي ته متوازن جذباتي حالت ماڻهو کي مناسب سڪون مهيا ڪري سگهي ٿي ۽ سڪون ئي هڪڙي اهڙي سوغات آهي جيڪا انسان کي پنهنجين حالتن بدلائڻ ۽ اڳتي آڻڻ ۾ سڌو ۽ اڻ سڌو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. سڪون جي تلاش ۾ در در محبتون ڳوليندڙ ماڻهو نه سٺو سماجي رتبو حاصل ڪري سگهندڙ ماڻهو بڻجي سگهيو آهي ۽ نه وري معاشي ترقي ڪري سگهيو آهي، مالي طور تي پاڻ ڀرو انسان به جذباتي طور تي عدم توازن جو شڪار ھوندي اڳتي وڌڻ بدران پويان پير کڻندو ويندو آهي. اها ٻئي ڳالھ آهي ته دولت ماڻهو جي هزارين عيبن مٿان چمڪيلي چادر چاڙهي ڇڏي ٿي مگر پوءِ به ماڻهو جي جذباتي شخصيت، جذبات جي اظهارن جي محاذ تي ڪنهن به طرح بلڪل نٿي لڪي. بلڪه حقيقت هي آھي ته دولت جي گهڻائي وارو تعلق ان ماڻهو جي خواري کي وڌيڪ گل جهڙو بڻايو ڇڏي، جيڪو دولت جي سهاري تي محبت خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، عشق يا محبت تي لکي وقت بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ليکڪن عشق يا محبت جي تشريح ڪندي هميشه مرثئي کي سهري ۾ ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ظاهر آهي ته جڏهن ڪنڊين سڱري، ٻٻرن نه پلڙو، سائو نه سلڙو جهڙن سخت ۽ تلخ ٻولن کي شادي واري ڌن ۾ ڳايو ويندو ته ماڻهو ماتم ڪرڻ بدران تاڙيون وڄائي، ناچ ۽ خوشي جو داد ئي ڏيندا، جيڪو حقيقت ۾ سچائي جي توهين کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه هوندو.
شادي ۽ عشق جي اهميت ۽ رويي بابت اها ڳالھ سمجهڻ کانپوءِ اڻ پڙهيو ماڻهو به دليل ڏيڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو ته زال ۽ مڙس جي پاڻ ۾ ذهني هم آهنگي انفرادي طور تي فرد ۽ اجتماعي طور تي معاشري جي هر طرح جي ترقي لاءِ ڪهڙو ۽ ڪيترو نه اهم مقام رکي ٿي. شادي جي انساني زندگي ۾ ايڏي وڏي اهميت ۽ ان تي پوري معاشري جو انساني ڪردار ۽ شخصيت جو بنياد هئڻ جي باوجود اسين ان کي معمولي سماجي رشتو قرار ڏئي اهو چوڻ ۾ دير نٿا ڪريون ته “ضروري نه آهي ته جنهن سان شادي ڪجي ان سان محبت به ڪجي“. ڪن لکندڙن پنهنجو پگهار سجايو ڪرڻ لاءِ پنهجين لکڻين ۾ لکيو آهي ته شادي محبت جي توهين آهي اهڙو سماجي رشتو جنهن تي هڪ ٻئي کي سک چين ڏيڻ ۽ اولاد جي هر طرح جي تربيت جي ذميداري اچڻي هجي ان رشتي مان محبت نالي واري شيءِ کي ڌار ڪري ڇڏجي ته پوءِ مخالف جنس وارن ٻن انسانن جو تعلق ڌرتي تي رهندڙ ڪهڙي مخلوق جهڙو رهجي ويندو؟ ان سوال جو جواب منهنجي نظر ۾ ڪتو ۽ ڪتي وارو ئي آهي جيڪي هڪ ٻئي کي نياپو پهچائڻ کانپوءِ پنهنجو پنهنجو گس وٺن ٿا ۽ اولاد جو الله واهي رهي ٿو. اها ڳالھ به هر ڪنهن جي روزمره واري مشاهدي ۾ رهي آهي ته جيڪي مرد ڪن به سببن جي ڪري پنهجن گهرن تي توجھ نٿا ڏين ۽ زالن سان مناسب محبت نٿا ڪن ۽ گهر کان ٻاهر ڀٽڪڻ وارو شغل ڪرڻ ۾ مصروف آهن. انهن جو پنهنجن ٻارن ڏانهن ڌيان به اڻ پورو نظر ايندو آهي. اهڙن ماڻهن جا ٻار وڏا ٿي محرومين جي احساس جا شڪار ۽ جذباتي طور تي عدم توازن واري شخصيت جا مالڪ ٿيندا آهن. جتي به فرد جي پنهنجي سڪون ۽ معاشري جي گڏيل ڀلائي ۽ اجتماعي آسودگي واري ڳالھ اچي ٿي اتي زال ۽ مڙس جي وچ ۾ ذهني هم آهنگي محبت ۽ هڪ ٻئي کي چاهڻ وارو سوال وڏي اهميت والاري ٿو. شادي جي حقيقي ڪاميابي لاءِ زال ۽ مڙس جي وچ ۾ محبت بنيادي شرط آهي. جيڪا هميشه بنيادي شرط طور رهڻي آهي. ٻنهي کي گڏي هلائڻ لاءِ گھڻيِ دولت جو ڀاڙو عارضي حل تي ٿي سگهيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو، پر جهاڳ اجهاڳ زندگي جو سفر زال ۽ مڙس رڳو محبت جي تيل تي ئي جاري رکي سگهن ٿا. اها ڳالھ خود ايتري منطقي، وزندار ۽ ٺوس آهي جو ان کي ڪنهن دانشور يا ڪنهن معتبر ڪتابن جي حوالي جي به ڪا ضرورت نه آهي. اها ٻي ڳالھ آهي ته ٿورن مثالن ۾ اسان وٽ عدم توازن واري جذبي سان شروع ٿيندڙ پريمي شادي واري مرحلي ۾ اچڻ کانپوءِ هوا ڇڏي ڌپ ڪري وجهندو آهي، مگر ان جي باوجود به ان ڳالھ جو وزن ڪو نه ٿو ٽٽي ته جنهن کي زندگي گذارڻي آهي ان کي ئي ڪنهن سان زندگي گذارڻ وارو حق ملڻ گهرجي. دنيا جي مڙني مذهبن دنيا جي نئين توڙي پراڻي سماجي اخلاقيات ۾ به عورت ۽ مرد ٻنهي کي شادي جي معاملي ۾ پسند نا پسند وارو حق مليل آهي. جنهن تحت ٻنهي جي مرضي کي اهميت ڏني پئي وڃي ۽ ان سڄي معاملي ۾ ڇو؟ جي وضاحت جي ڪا به گنجاش باقي نٿي نڪري.
سنڌ ۾ ڊگهي ماضي کان جاري “ڪورٽ ميريج” جنهن جو اطلاع اڳ ۾ ڪورٽن جي مرضي سا رڳو اخباري اشتهارن ۾ ڏنو ويندو هو تنهن کي هاڻي اڄوڪي دوُر ۾ عوامي خبر سمجهي اخبارن انهن جوڙن کي “پريمي جوڙا“ جو عنوان ڏنو آهي. جيڪي پنهنجي پسند جي شادي لاءِ گهر ڇڏي مئجسٽريٽ اڳيان پنهنجي پسند ۽ مرضي جو اظهار ڪري هڪ ٻئي جو جيون ساٿي ٿيڻ ۾ خوشي محسوس ڪن ٿا، اهڙين شادين جو سلسلو گهڻي عرصي کان جاري آهي. جن جي ثابتي پاڪستان جي سڄي تاريخ جون رڳو سنڌي اخبارون کولي ڏسڻ سان ئي ملي ويندي. بدين ضلعي سان واسطو رکندڙ باشعور پريمي جوڙي ارم ۽ فدا جي اشو کانپوءِ اخبارن ۾ جيڪي ڪالم ۽ مضمون شايع ٿيا انهن مان ڪن ۾ پريمي جوڙن واري محاوري کي نئين سماجي دريافت جو نالو ڏئي ڏاڍيون عجيب غريب ڳالهيون ڪيون ويون آهن. هڪڙن شادي جي معاملي کي نج سماجي رشتو چئي ان ۾ عشق و محبت واري دخل کي غير ضروري چئي عشق و محبت هڪ سان ۽ شادي ٻئي سان وارو گس ڪڍي ڏنو آهي ته جيئن مرد ۽ عورت پاران، گهر، مائٽن جي مرضي کي پٺي ڏيڻ واري بغاوت مان نجات حاصل ڪري سگهجي. قلمڪارن ان ڳالھ کي به وڏو دليل بڻائي وچ ۾ آندو آهي ته مائٽ اولاد لاءِ وڏيون تڪليفون برداشت ڪري ان جي پرورش ڪن ٿا ماءُ ان کي 9 مهينا پيٽ ۾ رکي جنم ڏئي پالي وڏو ڪري ٿي اولاد انهن جي مرضي کي پٺي ڏئي نافرماني ۽ احسان فروشي ڪري ٿو ۽ خواري جو داغ ڏئي ٿو. اولاد کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ماءُ پيءُ جو چيو مڃڻ گهرجي وڏن جي عزت لازمي آهي، وغيره غيره. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته هر فرد جا وڏا محسن ان جا ماءُ پيءُ آهن ۽ انهن جي احسان جي بدولت هر فرد ٻن پيرن تي بيهڻ جي قابل ٿئي ٿو. انهن جي تقويت سان سماجي رتبو ماڻي ٿو. اهو فطري عمل آهي جيڪو شروع کان جاري آهي ۽ جاري رهندو ان عمل ۾ اهو ڪٿي به طئي ڪونهي ٿيل ته ڪو ڪنهن کي جنم ڏيندو ۽ نه ئي ڪنهن کي جنم ڏيڻ وارو عمل ڪنهن تي احسان ڪرڻ واري دائري ۾ اچي ٿو. احسان جو جو بدلو وري اهو به ڪونهي ته جنم ڏيڻ جي عيوض اولاد زندگي جي قرباني ڏئي ان احسان جو بدلو چڪائي جيڪو مائٽن ان تي ڪيو آهي. مائٽن طرفان اولاد تي احسانن جو بار ايترو ته ڳرو آهي جو اهو زندگي ڏئي به چڪائي يا لاھي نه ٿو سگهجي. جيڪا شيءِ چڪائي نه ٿي سگهجي ته پوءِ ان جو اگھ پڇڻ يا اگھ يا بدلو طئي ڪرڻ حماقت نه آهي ته پوءِ ڇا آهي؟ در اصل اسان وٽ ٻارن جي باري ۾ جيڪي فطري غلطيون ڪيون وڃن ٿيون انهن غلطين ۾ سڀ کان وڏي فطري غلطي اها ڪئي وڃي ٿي ته ٻارن کي وڏن جي سامهون ڳالهائڻ نه گهرجي ۽ انهن کي وڏن کان سوال پڇڻ نه گهرجي ڇو ته وڏا عقلِ ڪل ٿين ٿا. انهن وٽ ننڍن جي ڀيٽ ۾ زندگي جو ڊگهو تجربو ٿئي ٿو ان ڪري وڏن جي رائي ۽ مرضي جو احترام ڪرڻ گهرجي انهن جي چوڻ جي انحرافي ڪرڻ نافراني ٿئي ٿي ۽ انهن جي سامهون سوال اٿارڻ بدتميزي ۽ بداخلاقي سمجهي وڃي ٿي ۽ سمجهيو وڃي ٿو ته ماءُ پيءُ ۽ استاد اولاد ۽ شاگرد لاءِ برو نه سوچيندا آهن. جڏهن ڪا ڳالھ ڪندا آهن ته اولاد جي ان ۾ ڪا نه ڪا ڀلائي ضرور هوندي آهي، اها ڳالھ پنهنجي جاءِ تي مگر والدين گهڻو ڪري پنهنجن خيالن ۽ عقيدن جي ناپسنديدگي کي شخصيت يا ذات جي ناپنسديدگي سان منجهائين ٿا ۽ هو ننڍن پاران انڪار کي پنهنجي ڊگهي تجربي ۽ ذات جي نفي سمجهي ان جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ محسوس ڪن ٿا ته جن کي هنن ننڍي کان وڏو ڪيو آهي، اهي انهن جي سوچ ۽ سالن جي عقيدي تي آڏي ليڪ ڪڍي ان کي رد ڪري رهيا آهن. خود پسندي جو شڪار رهندڙ ۽ پنهجو پاڻ کي ڪامل سمجهندڙ ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ته هو انا ۽ ضد جي بنياد تي پنهنجي اهميت ڪنهن به طرح وڌائي نٿا سگهن. بلڪه غلطين ۽ غلط فيصلن جا نتيجا وقت گذرڻ سان انهن جي نالن کي مٽائي ڇڏيندا. ذهني طور تي بالغ، سنجيده ۽ با اعتماد والدين اهو سمجهندا آهن ته هو به انسان آهن هنن کان به غلطي ٿي سگهي ٿي هنن جو ڪو منطق خدائي منطق ٿي نٿو سگهي. اهڙن والدين جي نظر ۾ سندن راءِ سان اختلاف واري ڳالھ سندن ذات سان اختلاف نه هوندي آهي. ان ڪري احترام به اهڙن والدين جي حصي ۾ ايندو رهيو آهي، جيڪي ٻين جي حقن، مرضي، پسند، نا پسند ۽ راءِ جو احترام ڪن ٿا. اهي وڏا جيڪي لاعلمي، جهالت يا خود غرضي جي بنياد تي اولاد تي پنهنجيون مرضيون مڙهين ٿا ۽ پنهنجي ذات جي خوشي يا دوستي دشمني نڀائڻ جي لاءِ پنهنجي اولاد کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي ان جي زندگي ۾ زهر اوتين ٿا، اهي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ تڙپڻ سان گڏ پنهنجي تاريخ جي باب کي ايندڙ نسلن جي نصاب مان پاڻ ئي گم ڪن ٿا.
جيڪڏهن شادي جو ٻارن جي جسماني، ذهني، اخلاقي، سماجي ۽ خاص طور تي جذباتي نشوونما ۾ ڪو ڪردار ۽ سماجي ڪارج آهي ته پوءِ انساني ۽ سماجي ترقي لاءِ شادي جي ٻنڌڻن کي سگهارو ۽ مضبوط ڪرڻ وڏي اهميت وارو عمل ٿئي ٿو. شادي فقط ۽ فقط زال مڙس جي هڪ ٻئي سان اھڙي ذهني هم آهنگي ۽ محبت سان مضبوط ٿي سگهي ٿي جيڪا ھم آھنگي ۽ محبت بعد ۾ ھڪ ذميداري ۾ بدلجي وڃي، ان کان علاوه ٻيو ڪو به رستو شادي جهڙي سماجي رشتي کي حقيقي ۽ خوشين ڀريو ماحول مهيا ڪري نٿو سگهي. محبت اهڙو عمل آهي جيڪو انسان جي اندر مان اڀرندو آهي، محبت اهرو عمل قطعي نه آهي جيڪو ٻين جي فيصلن ۽ مرضين جي تابع ٿي سگهي. ڪنهن چيو آهي ته جنهن کي چاهئجي ٿو اهو نه ملي ته اها “وڏي ٽريجڊي اھا نه آهي ته جنھن کي پسند ڪجي اھو نه ملي، پر وڏي ٽريجڊي اها آهي ته ماڻهو کي اهو ملي جنهن کي ھو پسند نه ٿو ڪري” مائيٽن جي نج مرضي ۽ اولاد جي مرضي، بلوغت، پسند نا پسند جي پرواھ کانسواءِ جيڪي شاديون عمل ۾ اچن ٿيون انهن مان 90 سيڪڙو شاديون ناڪامين جي ور چڙهي وڃن ٿيون. جڏهن شاديون ناڪام ٿين ٿيون تڏهن ان جون خرابيون ۽ بڇڙا اثر هڪ کان وڌيڪ نسلن جو پيڇو ڪندا رهن ٿا، ٻئي شادي، فراري، هڪ سان رومانس ٻئي سان شادي جهڙيون کوڙ ساريون بڇڙايون به شادي جي ناڪامي جي نتيجي ۾ جنم وٺن ٿيون. ٿلهي شيشي واري عينڪ پائي ڏٺو وڃي ته جهالت جي ڌٻڻ تي بيٺل اڄ جي سنڌ جو جتي وڏي ۾ وڏو سياسي مسئلو ڪرپشن آهي اتي سماجي سطح تي ان کان وڌيڪ جيئڻ ۽ مرڻ جو مسئلو بي جوڙ شاديون آهن، جيڪي جذباتي طور تي عدم توازن وارين شخصيتن کي جنم ڏئي رهيون آهن. محبت، نفرت ۽ خوف جهڙن جذب جي عدم توازن جو شڪار عام سنڌ جا باقي کوڙ سارا سماجي مسئلا ان هڪڙي پاڙ مان ڦٽي مختلف ٽارين ۾ روهائجي ويا آهن. انهن سماجي مسئلن جو حل سنڌ جي با معني آزادي ۽ با معنيٰ خود مختياري جي بجاءِ سنڌ جي حقيقي عام تعليم، نسلن جي صحيح جذباتي تربيت ۾ آهي، اها تربيت ڪامياب شاديون ئي ڏئي سگهن ٿيون.