بلاگنئون

مائينڊ سيٽ ۽ معاشرتي تعمير

اها ڳالھ به مڃون ٿا ته ڪجھ يهودين ۽ عيسائين جي دولت ۽ ملڪيت ايتري گهڻي ٿي وئي آهي يا ٿيندي رهي ٿي جو اها غريب ملڪن جي سموري ”جي ڊي پي“ جي برابر هوندي ۽ ساڳي جاءِ اهي شخص جيتري به چيرٽي (خيرات) ڪندا رهن ٿا ته اهي وري اوترا وڌي ٿا وڃن، مثال طور: بل گيٽس جو وٺون ته انگريز خراب آهي، پر انهن جي ڪيل چيرٽي (خيرات) ڀلي آهي جن جي مدد سان خيراتي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، اسپتالون، شيلٽر هائوسز ۽ جي ڊي سي، جيلاني، سيلاني، رمضان، ڇيپا ۽ ايڌي جهڙا ادارا هلن چلن ٿا ۽ ايشيائي ملڪ جيئن ٿا. ٻي صورتحال اها به آهي ته ميڪڊونلڊ پنهنجي بزنس شروع ئي ”هيم برگر“ سان ڪئي هئي يا اتي ٻين جا نالا نه به کڻون ۽ رڳو بل گيٽس (مائيڪروسافٽ)، اِسِٽيوِجابس (آءِ فون) يا زڪر برگ (فيس بُڪ) جهڙن اميرن کي ڳڻي ٿا وٺون ته اهي ماڻهو ايترا ته امير آهن جو انهن وٽ دنيا (ملڪيت) اڻ کٽ آهي ۽ جيتري چيرٽي اهي ٽين دنيا جي ماڻهن جي لاءِ ڪن ٿا اها خدا جي ڪاڳر ۾ لکيل آهي ته اهي ماڻهن جي لاءِ ڪيترا فائديمند آهن يا نقصانڪار به آهن. اهو به مڃون ٿا ته انهن ماڻهن جي پئسن سان ٽين دنيا جا ملڪ غريب ۽ متوسط طبقي جي تعليم، صحت، صاف پاڻيءَ واريون اسڪيمون هلنديون رهن ٿيون، جيڪي به خيراتي ڪم هلن ٿا اهي هلن ئي انهن شخصن جي توسط ۽ امداد سان ۽ اهي سڀ اين جي اوز جي صورت ۾ روان دوان به آهن ان ڪري ڳالھ خيراتي ڪمن ۽ انسانيت جي خدمت جي ٿي ڪجي ته جيڪي شخص، ملڪ يا ادارا انفرادي يا اجتماعي طور ڪمن ۾ لٿل يا مصروف آهن يا دل ۽ جان سان اهي ڪم سرانجام ڏيندا رهن ٿا، اهي ان ڳالھ جو يقين ٿا رکن ته انهن وٽ مذهب کان وڌيڪ انسانيت عظيم آهي، اهي رڳو انسانيت جا پرچارڪ آهن، ان ڪري اهي سڀ ڳالهيون اسان جي معاشري ۾ به ڏسيون ۽ ٻڌايون وڃن ته جيئن انسانيت جي پرچار ڪجي ۽ جيڪي ڪم انسانيت جي فائدي جا آهن اهي سرانجام ڏجن. هڪ ٻيو درد اهو به آهي ته اسان وٽ جيڪي به اين جي اوز يا سوشل ورڪر تنظيمون آهن، جيڪي به دستر خوان ٽائيپ تنظيمون آهن اهي هلن ئي لسانيت جي پرچارڪ تي پوءِ انهن وٽ اها انسانيت ڪٿان اچي.

سوسائٽين ۾ بگاڙ مغربي معاشرن ۾ به آهي، ائين ناهي ته انهن وٽ اسلامو فوبيا ناهي، اهي ماڻهو رڳو انسانيت سان پيار ٿا ڪن، اهي ماڻهو مذهبن کان نفرت ناهن ڪندا. حالانڪه نائن اليون جا واقعا يا پرل هاربر جهڙا واقعا آمريڪي هسٽريءَ مان يا دنيا جي تاريخ مان ڪڍي ۽ ميساري نٿا سگهجن. جنهن اسلامو فوبيا جي نالي تي انهن اهي سڀ سپر پاوريءَ وارا جهيڙا رٿيا اهي ڪنهن کان ڳجها ناهن، پر سيميٽزم جيئن هتي مشهور آهي ته جيڪي به يهود ۽ نصارا آهن اهي مسلمانن جا سڄڻ ناهن، اهي جتي به هجن انهن جو قتلام ڪيو وڃي. پر ڳالھ جڏهن سجاڳي ۽ روشن خيالي جي ٿي اچي ته اهي سڀ روشناسيون سموري دنيا تي اپلاءِ ڪجن. معاشرن ۾ به ڪي آقا ۽ غلام معاشرا يا طبقات به هجن ٿا، جيڪي هَمَ وقت هڪ ئي رفتار سان وڌن، ويجهن يا وڌايا وڃن ٿا. مثال جي نفرت ئي مذهب آهي يا مذهب ۾ نفرت جو ثواب وڌيڪ آهي ته پوءِ اهي سڀني مذهبن تي لاڳو ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري مذهبن ۾ رڳو ٻئي مذهب جي لاءِ نفرت سيکاري ٿي وڃي يا جي نفرت ناهي ته مذهبن ۾ ثواب جي ڳالھ ڪار فرما ئي ناهي يا نٿي ٿي سگهي يا جي ڪير ڪنهن مذهب کان نفرت نٿو ڪري ته ڪو فائدو به ناهي. اها ڳالھ به گهڻي چٽي آهي ته جي ڪنهن کان نفرت نه ڪبي ته مذهبن جي بهتري يا چڱائي يا لڱائي يا گهٽ وڌائي ڪيئن پرکي سگهبي. جيڪي دوزخ جا دڙڪا يا جنت جون آڇون آهن، جيڪي طبقن جي مٿان طبق آهن، جن جي دين ڌرم پرچارڪ ڪندو رهي ٿو اها ڪيئن پوري ٿيندي، ان ڪري نفرت تمام بهترين ٽول آهي ته ماڻهن کي سيکاريو ۽ اهي جڏهن هڪٻئي ئي ڏسن ته انهن جا تعاقب ۽ تور تڪون به ڪري سگهن. انگريزن جي رنائيسنس جي ڳالھ ڪجي ته انهن مذهبي پيروڪاري ڇڏي ڏني پر ٿنڪ ٽينڪ ته پوءِ به مذهبي لاچاري ڏيکاري ٿي ۽ اهي مذهب جو پهر وهي ٿا وڃن.

ذهني پختگي به وڏي معنيٰ ٿي رکي، ماڻهو جيڪو هجي ٿو اهو ايڪٽ نه ٿو ڪري، جيڪو نه ٿو هجي اهو ايڪٽ ٿو ڪري، يا اهي شيون سڀ ضرورت آهر ڪجن ٿيون. ايمان جي زور تي ڏاڙهيون ڪڏهن ڪڏهن پيٽ ۾ به رکجن ٿيون (جيڪا وارتا سموري دنيا ۾ آهي جيئن آئين اسٽائين يا هندو ڌرم جا ماڻهو ڏاڙهيون رکرائين به ٿا يا نه ٿا رکرائين) يا ڏاڙهين وارا بي ڌرمي به ٿي سگهن ٿا يا ڌرمي بي ڏاڙهيا به ٿي سگهن ٿا. پر اتي مذهبي جنون ۽ انتها پسندي معاشرن جي لاءِ اڏوهيون بڻيل آهن، جن جي پرچارڪ به انسانيت سوز ٿي پئي آهي. جتي انسانيت جو جُزُ ماڻهپو هجي ٿو، اتي مائينڊ سيٽ ۽ جنونيت ڪنهن ڪم جا ناهن، ان ڪري انساني رواداري ان ڳالھ جو سبق نه ٿي ڏئي ته جيئن وڻي تيئن ڪجي، پر ماڻهپو معاشري اندر رواداري پيدا ڪري سگهجي ته جيئن اڻبرابريون ختم ڪري سگهجن. ڳالھ معاشرن جي جوڙجڪ جي هجي، معاشرن جي تفاوت جي ڳالھ هجي ته انساني دماغ انهن وارتائن کي پاڻ پرکي ٿو جنهن ۾ حقيقتون ۽ وڌاءَ يا قياس آرايون، اختراع پرکي يا سمجهي ٿو، اهي سڀ به عملي طور ڪري ٿو جيڪي اجتماعي طور تي ڪري ٿو، اڪثريت جنهن طرف مائل هجي ٿي، جيڪي سمجهن ٿا ته دنيا ۾ شيون ثوابن جي صورت واپس ملن ٿيون، جيڪي به برڪتون آهن اهي اتي جو اتي موٽي ملن ٿيون ته ماڻهو ان طرف راغب ٿين ٿا. اهي ماڻهو سمجهن ٿا ته اهڙا ڪي پير يا بت جيڪي ڌن دولتون، زر، زن ۽ زمينون يا پٽ ۽ زالون مهيا ڪن ٿا يا جيڪي پير ۽ بت اهڙي ڪاني ڪرامت وارا آهن ته ماڻهن جي ميجارٽي ان طرف راغب ٿيٿئي  ۽ سمجهن ٿا ته دين ۽ ڌرم ائين ئي ڪيش ٿي سگهي ٿو ٻي صورت شيون ممڪن ناهن، يا عبادتن جو عيوض ڇاهي يا جي اهو آهي ته اسان به اهو ئي ڪنداسين معني ڳالھ ساڳي ٿي وئي ته جيڪي مائينڊ سيٽ جڙن ۽ بڻجن ٿا انهن جي مرغوبيت رڳو فڪري لاڙا يا دنياوي عيوض آهن، جنهن جي ڪري دنيا جي مذهبڪاري يا جيڪي به اهڙي دين ڌرم جي صعنتڪاري آهي اها ماڻهن کي پاڻ طرف ڇڪي ٿي، اهي سمجهن ٿا جي عيوض ملي ته اسان انهن جا آهيون. معاشرتي مائينڊ سيٽ يا انلائيٽمينٽ وري الڳ شيون ٿي ٿيون وڃن يا جيڪي ماڻهو دماغي ليول ۾ ڪجھ سوايا يا سوا سير هجن ٿا اهي دنياوي علومن جي پويان لڳل آهن، اهي چاهن ٿا يا اهي سمجهن ٿا ته جيڪي ڪجھ ڪبو اهو ئي حاصل ڪري به سگهبو، جي پوکبو ته دنيا ۾ ئي لڻي وٺبو، جيڪي به ثمر حاصل ٿيندا اهي انهن جي ئي محنت ۽ ولولي جو نتيجو ئي هوندا آهن، ان ڪري شين جي حاصلات به ان طرح ئي ممڪن ڪجي ٿي ته محنت ڪيو ۽ دنيا ڪمايو.

يا اها ڳالھ به ڪري سگهجي ٿي ته دنيا جي مذهبن کي قياس آراين سان ملائجي ۽ جنونيت جي ترغيب ڏني وڃي جيڪا قياس آراين کان مٿانهين هجي، پر اهي سڀ شيون فينٽاسيز به ناهن، ماڻهن ۾ اهي سڀ شيون قدر جي نگاھ ان ڪري ڏٺيون ٿيون وڃن جو انهن ۾ مذهبي تعظيم جو جز هجي ٿو، پر جيڪي وهمن ۽ وسوسن جي آبياري  ٿئي ٿي، جنهن آخرت جي سنوارجڻ جي زمري ۾ جيڪي شيون يا ڳالهيون ڪجن ٿيون وڃن انهن جو ڇا ڪجي؟ ماڻهن يا معاشرن ۾ غلامي يا آقائي تصور به جنتي يا دوزخي آڳ جي مانند هجن ٿا، اهي سمجهن ٿا ته جي آقائي ۽ غلامانا ڪلچر جي پوئواري ڪبي ته اهي شيون يا جيڪي سوغاتون زر، زمين ۽ زن جي صورت ملن ٿيون اهي ممڪن نه هونديون يا اهي شيون نه ٿي سگهنديون، ان ڪري جي معاشرن کي ڏسبو ته اهي شيون هاڻي پنهنجي هيئت مٽائي ويون آهن. جيڪي طبقات اعلي صفت يا ظرف جا هجن ٿا، اهي انهن شين کان عاري آهن، اهي انهن غلامين ۽ آقائي ڪلچر جا پرچارڪ ۽ مضمن به ناهن، جيڪي شيون اهي ڪن ٿا، اهي انهن جي پنهنجي محبت يا ايمان ۽ بي ايماني جا حصا آهن. اهي پوڄا پاٺ به روزي روٽي جا ضامن نه ٿا هجن، ڪير اهو نه ٿي چئي سگهي ته روزي روٽي يا زر، زمين ۽ زن انهن پوڄا پاٺ جي مسبب يا ترت موٽ آهن يا انهن کانسواءِ شيون ممڪن ناهن. پر ڳالھ وري ان مائينڊ سيٽ جي آهي ته جي اهي سڀ مايئنڊ سيٽ روشن خيالين جا هجن، اهي سڀ علم ان ڳالھ جي اجازت ڏين ته شيون هاڻي صحيح آهن يا صحيح ٿي هلنديون ته هوند معاشرا بهترين ٿي وڃن يا روشن خيالي بهتر کان بهتر ٿي وڃي.