ٻيڙي جو پتو يا پن ٿر ۾ شروع کان جڏهن هندستان جو ورهاڱو نه ٿيو هو تڏهن به هاڻوڪي انڊيا جي ڪڇ علائقي مان ٿر ڏانهن ايندو هو، ان پتي کي اوڙيسا پتو چوندا هئا، شايد اهو اوڙيسا جي علائقي ۾ ٿيندو هو. بعد ۾ جڏهن بارڊر تي سختي ٿي ته به غير قانوني طور تي اسمگلنگ ٿي ٻيڙي جو انڊين پتو ايندو هو، انهن پنن جي اسمگلرن کي ٿر ۾ پنائي چيو ويندو هو. هونئن ته ٿر جي رڻ ڪڇ سان لڳندڙ بارڊر تان ورهاڱي بعد اسي تائين اچ وڃ رهي. وچ ۾ ايڪهتر جي جنگ کانپوءِ ڪجھ سالن تائين سختي رهي، پر اها ٻنهي طرفن کان صرف ڏيکاءُ خاطر هوندي هئي. بعد ۾ به 2002 تائين مشرف دور تائين جيستائين بارڊر تي تار لڳي اوستائين به اسمگلنگ ٿيندي رهي، پر ٻيڙي جي پن جي اسمگلنگ نه هئي ۽ رحمڪي بازار کان ننگرپارڪر تائين رڻ ڪڇ ۽ ٿر جي وچ ۾ ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ مفاصلو آهي، پر ڪٿي ڪٿي خطرناڪ ڌٻڻيون، لوڻ جا سن، ٻيٽاريون آهن. ڪٿان ڪٿان وري رڻ جي پاڪستاني پيلرز (بارڊر) جي وچ ۾ مفاصلو ٿورو آهي. دراصل جيڪڏهن ان بارڊر کي ڏسبو ته هي عجيب ورهاڱو آهي. سڌي لڪير بدران ڏنگيون ڍڳي جي مٽ جي لڪير وانگر اڌو اڌ ٿيل آهي، سو ٿر جو ڏيپلو شهر انهن ”پنائين” جو مرڪز هو. ڇو ته هڪ ته هي ڪڇ جي علائقي کي ويجهو هو ٻيو قدرتي طور تي ڏيپلي جي ڳوٺن جت ترائي ۽ ٻلهياري ڀرسان ڪڇ جو رڻ ننڍو ٿي ويندو آهي. اٺن تي پن کڻي بارڊر جي ايس پي آر (هاڻ رينجرز) جي چوڪين کان پاسو وٺي ڏيپلي شهر پهچندا هئا، جتان پوري سنڌ ۾ اهو انڊين پن وڪرو ٿيندو هو. ان اسمگلنگ ۾ اهي ان ٻيڙي جي پتي سان گڏ لونگ، الائچي، دالچيني، انڊين ڪپڙو، انڊين شراب به آڻيندا هئا. ٿر ۽ ڪڇ نه صرف تهذيبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، پر تقريبن هر قبيلي جي رشتيداري جو اڻ ٽٽ تعلق ٻنهي طرفن ۾ آهي. اهي رت جا رشتا ان ڪم ۾ وڏي مدد ڪندا هئا. پار اڪرڻ بعد ڳوٺن ۾ لڪائڻ، ترسائڻ، ماني ٽڪي اٺن کي آهر وغيره ڏيڻ، سامان خريد ڪري روانو ڪرڻ تائين يا مقامي بي ايس ايف سان معاملا طئي ڪرڻ جو ڪم ڪندا هئا. اتان پتو خريد ڪري ڏيپلي شهر جي ڀرسان يا شهر ۾ ئي مخصوص ٺڪاڻن تي پهچايو ويندو هو، جتان باقي خريدارن کي جن سان رابطو هوندو هو، انهن کي ڏنو ويندو هو يا مٺي، ڏيپلو يا نئون ڪوٽ جي هول سيلرن کي پهچايو ويندو هو، جتان ڏاکڻي سنڌ ۾ وڪرو ٿيندو هو. ان وقت پتي جي ٻيڙي ته کلي عام وڪرو ٿيندي هئي، پر پتو ڪٿي به پڪڙجي پوندو هو ته ڪيس داخل ٿيندو هو. پوءِ جڏهن اهو ساڳيو پتو پاڻي جي جهازن ۾ قانوني طريقي سان اچڻ شروع ٿيو ته انهن پناين کي پنهنجي ڪاروبار کي ڪپڙي، مصالحن، انڊين شراب سميت ٻين شين جو متبادل ڏيڻو پيو. انهن پناين جون ڪچهريون، فورسن کان ڀڄڻ، رڻ پار ڪرڻ، پنهنجي اٺن جي واکاڻ ڪرڻ، چوويهي رڻ مان انڌيرين راتين ۾ رڻ اڪرڻ، سنگت، دوستين جا قصا ڪچهرين ۾ وڌاءُ سان ٻڌائڻ جو رومانس هاڻ ڪٿي رهيو آهي.