ادبي ميلا (فيسٽيول) هاڪاري شيون آهن، انهن تي اعتراض ناهي، پر پڇڻو اهو هو ته انهن ميلن ۾ ادب جي ترويج ٿئي ٿي يا رڳو اديب جي؟ انهن ادبي ميلن ۾ ڪجھ اهڙا به ماڻهو (اديب) اسٽيج تي نظر ايندا آهن، جن کي پنهنجي سُپاري کپائڻ اچي ٿي، پر اهڙا Introvert اديب به آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي پروموٽ ناهن ڪري سگهندا يا خاموش سپاهي هوندا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي مورچي ۾ ويهي پيا ڪم ڪندا آهن. انهن جي فطرت Extrovert ناهي هوندي، پر اهي درجن ڪتاب لکڻ کانپوءِ به ان اسٽيج تي نظر ناهن ايندا يا انهن جي ڪتابن جي مهورت به ناهي ٿي سگهندي. ان ڪري ته انهن وٽ ايتري دولت ناهي هوندي، جو اهي آرٽ ڪائونسل جا هال بُڪ ڪرائي سگهن يا ايتري وڏي سنگت جوڙي سگهن. ان ڪري ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ جيڪي به اديب آهن انهن ۾ گهڻو ريشو بيورڪريٽس، وڏين نوڪرين ڪندڙن جو ۽ يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن جو به هجي ٿو، جيڪي رڳو ڀلا مقرر هوندا آهن يا انهن کي اسٽيج تي Space والارڻ جو ڏانءُ هوندو آهي. اها ڳالھ عامُ يا Generalized به ناهي ته سڀ اديب هڪ جهڙا هوندا يا ٿي به سگهن ٿا، پر اهي اديب پوءِ به پوئتي رهجي ٿا وڃن جيڪي سياسي پهچ نٿا رکن. هڪڙي ادبي پروگرام ۾ (هتي بس اهو سمجهو ته اهي سڀ پروگرام يا ته سنڌ ادبي فيسٽيول جا هوندا آهن يا ورلڊ اردو ڪانفرنس جا سنڌي پروگرام هوندا آهن، ان ڪري ته اديبن سڳورن جا نالا کڻڻ مناسب ناهي) ته پروگرام ۾ مقرر ماڊريٽر (ميزبان) کي منهن تي چئي ڏنو ته ”جيتري توکي سرڪاري ٽيڪ آهي، اوتري اسان کي به ٽيڪ آهي (اهو جواب ماڊريٽر جي سوال جي جواب ۾ هو). وري ٻئي پروگرام ۾ ڪجھ سينيئر اديبن جي اها به راءِ هئي ته سيکڙاٽ اديبن کي ڳالهائڻ نٿو اچي، ان ڪري اهي سڀ کان پهرين درجن کن ڪتاب ڏين (لکن)، ڳالهائڻ سکن، پروگرام اٽينڊ ڪن، رڳو تاڙيون وڄائين، پوءِ ڏٺو ويندو، پر اسان سڀني جو معصوم سوال اهو به آهي ته اها اسٽيج، ادارو، ڊپارٽمينٽ ڏسيو جتي اهڙي سکيا ملندي هجي. اسان ته اهو ٿا سمجهون ته جيڪي به سينيئر اسٽيج تي ويٺا هوندا آهن، اهي سياسي پارٽين جي پليٽ فارمن تان مٿي ايندا آهن، جيڪي سياسي اسٽيجن تي نعرا هڻي هڻي پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندا آهن، ان ڪري جيڪڏهن ريشي جي ڳالھ ڪجي ته هر پروگرام ۾ سيکڙاٽ به ويهارجن ۽ عورتن سان گڏ مردن جي ريشو به برابر رکجي، جيڪي به شاعر حضرات ۽ ان سان گڏ ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار هجن، اهي لاڳاپيل موضوعن تي ڳالهائڻ لاءِ مدعو هجن، پر مصيبت اها به آهي ته مشاعرن ۾ به انهن ساڳين ساڳين شاعرن کي وارو ملندو آهي جيڪي پنهنجا رستا سڌا ڪيو ويٺا هوندا آهن، ان ڪري شفافيت جي ڳالھ اڌ ۾ رهجي ٿي وڃي.