نبي پاڪ صلي الله عليه وآلهه وصلم پَنھنجي دور ۾ شخصي حڪومتَ (شھنشاھت) جون پاڙون اکيڙي اخوتَ جو بنياد رکيو. عربن جو وڏو حصو ظاھري ڏيک، دل ڪشيءَ ۽ دنياوي لَذتن ۾ محو ٿي ويو ھو ۽ پنھنجي نفس جي خواھشن کي پوڄڻ ۾ پورو ھو، ليڪن مسلمانن ۾ ھڪ اھڙو گروھ (جٿو) ھو، جيڪو دنيا جي لذتن، رنگنين، عيش و عشرت کان بيزار ھو. اھي ماڻھو گهٽ ڪمائيندا ھئا ۽ تمام ٿورو کائيندا ھئا. سادو لباس پائيندا ھئا، اھو ٽولو يا جٿو دنيا جي سڪون ۽ عيش طرف توجهه نه ڏيندو ھو، پر دنيا پيدا ڪرڻ واري جي تنوار ۾ محو رھندو ھو. انھن ماڻھن کي زھاد، عباد نساڪ وغيرہ جي اصطلاحن سان سڏيو ويندو ھو. ٿوري عرصي کانپوءِ ھڪ جامع نالو ”صوفي“ رکيو ويو.
ڪتاب اللمع جو مصنف شيخ ابوالنصر سراج لکي ٿو ته:
صوفي اصل ۾ صفوي ھو، ھي لفظ ثقيل ھئڻ سبب ڪثرت ۾ صوفي ٿي ويو. صوفي ”صفا“ مان آھي، ان جو اطلاق اھل صفا تي ٿئي ٿو. اھي ماڻھو (صوفي) نبي پاڪ صه جي تقليد ۾ صوف (پشمينه) جو لباس پائيندا ھئا. تنھنڪري صوفي مشھور ٿيا.
صوفي جو مکيه مقصد پنھنجي قلب جي صفائي آھي. صوفيءَ کي ”صفه“ سان نسبت آھي. مطلب اھو چپوترو (صفحو، جاءِ) جيڪو نبي پاڪ صه جي زماني ۾ مھاجرن ۽ انصارن دنيا کي ترڪ ڪري پنھنجو مسڪن (رھڻ جي جاءِ) ان جاءِ تي نبي پاڪ صه جن مھاجرن ۽ انصارن کي تعليم ڏيندا ھئا. فلسفي جي ڪتابن ۾ ھڪ صوفي بابت ھڪ ٻيو خيال پڻ ملي ٿو ته صوفي لفظ ”سوفيا“ مان ورتل آھي، سوفيا يوناني لفظ آھي جنھن جي معنيٰ ”حڪمت“ آھي، پر اسلام ۾ صوفي جي مراد ۽ مقصد اھو گروھ جنھن پنھنجي روح جي پاڪائيءَ طرف ڌيان ڏنو ھجي ۽ انھن اسلامي صوفين جو يونانين وانگر فلسفي سان ڀل تعلق نه ھجي. سنڌ ڌرتي صوفين جي ڌرتي آھي. يعني امن، پيار، محبت، روادري، سھپ وارن جي ڌرتي، تصوف جي پيروڪار جي ڌرتي (صوفين) جي آھي. جڏهن تصوف جي ڳالهه ڪنداسين ته سنڌ جي صوفين وٽ تصوف اسلام جي عين مطابق آھي. سنڌ ۾ اھڙا صوفي ٿي گذريا آھن، جن دنياوي لالچن کي ترڪ ڪري ماڻھن جي ميڙ ۽ ھجوم کان پري سڪون واري جاءِ تي رب پاڪ جو ذڪر ڪرڻ ۾ ھردم مشغول رھيا. شاھ لطيف ھر جاءِ پرين موجود ھئڻ کي ھن ريت بيان ڪري ٿو:
ايڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن صاحب سامھون.
شاھ لطيف جي فلسفي ۾ ھر جاءِ پرين موجود آھي، ان کي ھر مذھب وارو پنھنجي پنھنجي فھم مطابق پسي ٿو. مذهبي حساب وارو فرق نٿا رکن ھندو مسلم سڀ پاڻ ۾ ھڪ آھن. لطيف اھو فرق مٽايو آھي. لطيف جي نظر ۾ پرين سڀ روشن ۽ خلوص دل وارا رب کي پسن ٿا. جيڏانهن ڪيا پرک تيڏانھن پرين کي پسجي ڳالهه پسڻ جي آھي، ھندو مسلم جو عقيدو الڳ آھي، پر سڀ پسن پرين کي ٿا.
سچل سرمست وري ھن ريت چوي ٿو:
مان جوئي آھيان، سوئي آھيان، ھندو مومن ناھيان يار.
سچل سرمست چوي ٿو، مان نه ھندو مان نه مسلم منھنجو دين مذهب، بس پرين جي پچار آھي. لطيف سرڪار پرين جي انيڪ قدرتن، گوناگون حيرت انگيزن بابت ھن ريت چوي ٿو:
پاڻھين پسي پاڻ کي، پاڻھين محبوب،
پاڻھين خلقي خوب، پاڻھين طالب تن جو.
لطيف جو دوست مڌن فقير سان تمام گھڻي دوستي هئي ڪنهن پڇيو سائين ھي ھندو تون مسلمان اھو ڪيئن لطيف چيو ته جيڪا شيءِ ھن ۾ آھي اھا توھان ۾ نه آھي توھان رات ڏينهن عبادت ڪريو ٿا، پر پرين کي پسڻ ڪم توهان جي وس جي ڳالھ ڪونهي، مڌن ۾ اھا شيءِ آھي جيڪا توهان ۾ نٿي نظر اچي باطني علم کي پرکڻ وارا صوفي آھن. سچل سرمست پڻ اھا ڳالھ ھن ريت ڪري ٿو:
رام رحيم ھيڪڙو، راوڻ ۾ وري ڪير،
ڪرشن ٿي ڇو ڪنس کان، وٺين ويٺو وير.
شاھ لطيف، ھندو جوڳين، ڀڳتين ۽ سامين سان گڏ سير ڪيا، اھو ھر انسان کي اھميت ڏيندو ھو، ان لاءِ مذھب کان وڌيڪ انسان جي عزت ۽ احترام ھو، ڇاڪاڻ پرين ھر ڪنھن ۾ وسي ٿو. رب پاڪ جي وڏائي، ھيڪڙائي ۽ وحدانيت کي بيان ڪرڻ سان گڏ نبي پاڪ کي مڃڻ جو بيان ھن ريت ڪري ٿو:
وحدہ لا شريڪ لہ، جڏھن چيو جن،
تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لسان،
اوءِ فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪو نه اوليا.
لطيف سائينءَ جي شاعري تصوف جي بنياد تي اڌاريل آھي انھن ۾ اللھ جي ھيڪڙي ئي ثنا پاڻ الله ۽ ان جي نبي صلي الله عليه وسلم کي سچو مڃي ٿو باقي يعني واحدانيت تي پورو لھڻ کانپوءِ نبوت کي دل ۽ زبان سان مڃڻ ۽ سرعام اقرار ڪرڻ جي ڳالھ ڪري ٿو. شاھ لطيف جي سموري ڪلام ۾ وحدت الوجود جو فڪر تاڃي پيٽي جيان اڻيل آھي. محمد زمان لواري وارو شاھ لطيف جو ھمعصر ھو ھي وحدت الشهود جو پيروڪار آھي. لطيف سائينءَ جي شاعري ۾ ٻنھي وجود ۽ شھود جا فڪر ملن ٿا، پر فڪري حوالي سان تمام گهڻو وابسته ھو اھو واحدت الوجودي فڪر آھي. ٻيو فڪر صوفي جي روحاني منزل ڏانهن آھي ايئن چئجي ته ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن۔ روحانيت واري حد يعني صوفي جڏهن حقيقي محبوب سان وڃي ملي ٿو وجدانيت واري ڪيفيت ۾ يا ڪشف الاھامي واري ڪيفيت ۾ لطيف ۽ سچل جي شاعري به ان ڪيفيت ۾ ٿيل آھي. لطيف يا سچل سرمست ھن وٽ باطني علم ھو جنهن سان حقيقي محبوب کي پسن پيا. پوءِ اھا واٽ اھڙي آھي جو اظهار نه ڪجي نه ته اظھار ٿيو ته پوءِ اھو بيباڪ اظھار ٿئي ٿو، جيئن منصور حلاج ۽ سچل سرمست ھن کان اھا وحدت الوجوديءَ واري مام ظاھر ٿي۔
سچل کي پوري عالمگيري جي حساب سان اينيميري شمل (جرمن محققه) ان ڪري پسند ڪيو ته ھن جو پيغام پوري دنيا جي لاءِ امن، پيار ڀائيچاري ۽ ھر شيءِ ۾ پرين پسڻ جو پيغام آھي. شاھ لطيف پنھنجي شاعري ۾ جيڪو انسان ذات جي ڀلائي لاءِ پيغام ڏنو آهي اهو ڳوڙهي انداز ۾ بيان ڪئي آهي. شاھ لطيف صاحبڏني فاروقي سان ملڻ آيو ان وقت سچل سرمست کي سندس اڳيان آندو ويو جنهن تي لطيف سائين چيو ته اسان جيڪو ديڳڙو چاڙهيو آهي ان جو ڍڪڻ هي نينگر لاھيندو، ان جو مطلب ته جيڪا ڳالھ اسان ڳوڙهي انداز ۾ ڪئي آهي ان فلسفي کي سچل تمام سليس انداز سان پيش ڪندو، جڏهن سچل سرمست جي شاعري جو مطالعو ڪجي ٿو ان جي شاعري عام فهم سولي سنڌيءَ انداز ۾ پيش ڪيل آهي. ان جو مثال ھيٺ ڏجي ٿو:
ڀول نه ٻئي ڪنھن ڀل، تون ته آدم نه آھين،
لڪيو ٿو لاتيون ڪرين، جئن باغ اندر بلبل.
سچل سرمست وحدانيت واري ڳجهه کي شاھ لطيف جي ڀيٽ ۾ عام فھم انداز ۾ بيان ڪيو آھي. شاعري ۾ روحاني راز ھوندا آھن جڏهن لطيف سچل کي ڏٺو ته سمجھي ويو ته ھي ٻالڪ وڏو ٿي منهنجي ڏنل واٽ تي ھلندو ادا صوفي ازم ۾ راز آھن جيڪڏهن صوفي کان اھي ظاهر ٿي پيا ته پوءِ اھو اناالحق جو نعرو ھڻندا اصل ڳالهه آھي برداشت جي لطيف ۾ اھا قوت هئي راز کي پنهنجي اندر ۾ سمائي ويو سچل بيباڪ ٿي پيو ڪفر جون فتوائون به لڳيون. شاھ لطيف تصوف واري رمز پرجهڻ، پروڙڻ کانپوءِ ھن ريت پنھنجو راز پاڻ وٽ محفوظ رکي ٿو.
نھائين کان نينھن سک منھنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينھن، ٻاھر ٻاڦ نه نڪري.
شاھ لطيف مٿين بيت ۾ ٿانون پچائڻ واري آوي، کوري يا نھائينءَ جو مثال ڏيندي چوي ٿو ته تصوف وارو راز ٿانون جي کوري جيان پاڻ وٽ محفوظ رکو، جيڪڏهن آوي (نھائين) مان ھوا (ٻاڦ) نڪري ويندي ته ٿانوَ پچي نه سگهندا ۽ ڀيلا يا خراب ٿي ويندا. صوفي کي مان بيان ڪيو آھي، پر ھڪ بيت اوھان کي ٻڌايان صوفي جي ھجڻ جو، صوفي صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو تھان پوءِ ٿيو جيئري پسڻ پرين جو ھاڻي ھن جھان تي رھي ھن جھان کي پسڻ ڪم ھنن صوفين جو آھي اسان چوندو آھي ڦلاڻو ويو الله ڏي، پر ھتي جيئري الله سان ھم ڪلام ٿين ٿا ھي صوفي، سچل سرمست پنھنجي اندر ۾ پرين پسڻ جي تلقين صاف ۽ آسان انداز ۾ ڪري ٿو.
محب مٺو آھي من ۾، معشوق مٺو من ۾،
بيفائيدي بازار گهمين ڇو، اٿئي بلبل باغ بدن ۾.
صوفي سچو اھو آھي جو ڪثرت کان ڪنارو ڪري روحاني مستي ۾رھي ٿو. ھو سارو وقت پنهنجي نفس سان يا من سان جنگ ڪري ٿو ۽ پنھنجي اندر ۾ پرين کي پسي ٿو، سچل سرمست اجائي دنياوي ڳالھين ۾ وقت وڃائڻ کان روڪيندي پنھنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ جو چٽو پيغام ڏئي ٿو.
مطلب ته:
لطيف جي شاعري سڄي تصوف تي آڌاريلَ آھي، ھن جي شاعري واحدانيت تي، پر ويدانيت تي به آھي، حالانڪه ويدانيت ھندو ازم ۾ ويدن تي آڌاريل آھي، پر فلسفي ۾ ھڪ نظر اَچي ٿي.
صوفي جي معنيٰ آھي ترڪ ڪرڻ يعني دنياوي شين کان ڪنارو ڪرڻ آھي.
علم جا ٻه قسم آھن: ھڪ ظاهري ٻيو باطني صوفي وٽ باطني علم ھوندو آھي. يعني قلبي علم جنهن سان ھو رب کي پسي ٿو۔
جيڪو پروڙي ٿو، اھو ڪنهن سان به نٿو سلي يا ٻي معنيٰ ۾ صوفي ٿيڻ زھر جو پيالو پيئڻ جي برابر آھي. صوفي ڳجهه توڙي ظاهر ۾ اللھ جو اسم اچاري ٿو، دنيا کي ترڪ ڪري ٿو۔