بلاگنئون

عبدالڪريم گدائي:  سنڌي ٻوليءَ جو قومي ۽ انقلابي شاعر

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر عبدالڪريم گدائي ولد بجار خان لاشاري، پهرين جنوري 1901ع تي ڳوٺ ڪريم آباد تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعري ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ماهوار پيغام، صداقت، سنڌ جيڪب آباد زميندار، ٽماهي مهراڻ، هلال پاڪستان، الوحيد ۽ عبرت ۾ شايع ٿيندي رهي. هن شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر به لکيو، ڪيترا ڊراما لکيائين. ان کانپوءِ سال 1965ع ۾ هڪ باتصوير ڪتابچو ‘خانڳڙھه کان جيڪب آباد تائين’ (ضلعي جيڪب آباد جي تاريخ) ڇپيو ۽ ‘پيماني تي پيمانو’ (1924ع) شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيو ۽ فيبروري 1975ع ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘پکڙا ۽ پنهوار’ ڇپيو. زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو، جنهن سبب ھو ھميشه ھميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو. عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ جا ڪيترائي اسم اڄ به درسي ڪتابن جي زينت بڻيل آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعري ۾ قومي، عوامي ۽ انقلابي رنگ رچيل آهي، ھن پنھنجي شاعراڻي ڏات ذريعي ھر ظلم ۽ زيادتي، ناحق ۽ ناانصافي خلاف پنهنجو ڀرپور آواز اٿاري مظلوم، محڪوم، ڪمزور ۽ پيڙھيل طبقن کي حوصلو ۽ اتساھ ڏنو، ھن پنھنجي شاعري ذريعي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏئي وقت جي فرعونن، آمرن، پرماري ۽ استحصالي، وطن ۽ عوام دشمن قوتن ۽ ڀوتارن جي بدمعاشين خلاف علم بلند ڪري ڌرتي ماءُ جو قرض چڪايو.

نگري ننگري پاپ جو پاڇو، شھر شھر انياءُ،

اھڙي پاپي جڳ سان پنھنجو، ڪيئن ٿئي پرچاءُ.

ڏينهن کي آخر ڏينهن ئي چئبو، رات کي آخر رات،

اوندھ کي پرڪاش نه چئبو، ڪنڌ وھي جي ڪات.

عبدالڪريم گدائي ڏاڍن وڏيرن ۽ بدمعاش ڀوتارن کي ھارين جي پورھئي سان ناانصافي کي ننديندي چوي ٿو ته:

ھزارين ڪمائن، ڪري عيش ھڪڙو!

اھا ڳالھ انصاف کان دور آھي.

زميندار ڪڙميءَ جي کائي ڪمائي!

الائي ڪٿان جو ھي دستور آهي.

ڏئي خون جگر، انبار ڪڻڪن جا اپائن ٿا،

“مگر تن کي مشقت جي ملي آهي جزا ڪھڙي”

ويڪائو وڏيرا، ساڻيھ جو سودو ڪندڙ سردار چونڊون ايندي ئي ھارين ۽ ڪڙمين سان تعديون ڪندڙ انھن ڏانهن ووٽ خاطر ھلي وڃن ٿا ۽ سبز باغ ڏيکارين ٿا، پر حقيقت ۾ سي ٻھروپي، وڏا مڪار، منافق ۽ چالاڪ  ڪم ڪڍي کانپوءِ جوڳي نه ڪنهن جا مٽ واري ڪار آهي.

سدائين جن ڪيون ھارين ۽ مزدورن جون برباديون،

اُھي ٿي قوم جا خادم، خدمتگار نڪري پيا!

گدائي چوي ٿو جي پورھيت، مظلوم ۽ پِيڙھيل طبقا پنھنجن جائز حقن لاءِ اٿي پون ته پوءِ تبديلي اڻٽر آهي. عبدالڪريم گدائي پنھنجي شاعراڻي ڏات ذريعي مظلومن کي حوصلو ۽ اتساھ ڏيندي چوي ٿو ته:

اُٿو محنت ڪشو! مظلوم انسانو! اُٿو ڪاھي،

موافق آهي پاڻي، ۽ ھوا ڀي سازگار آهي،

اوھان جي عزم و ھمت اڳيان ڪنهن جي مجال آهي

ھڻي نعرو حسيني، ڪوٽ ڏاڍن جا وجهو ڊاھي!

غريب، بيوس، لاچار ۽ مسڪين ھن ظالم دنيا ۾ اذيتون ۽ عذاب، پيڙائون ۽ پاپ برداشت ڪرڻ تي مجبور آهن. جڏھن ته ملڪ جي اشرافيه عوام جي پئسي تي عياشيون ڪندي فخر محسوس پئي ڪري. ھتي جيڪو ڏاڍو سو گابو آهي. انڌير نگري، چرٻٽ راجا ۽ جهنگ جو قانون قائم آهي. عدل ۽ انصاف رڳو طاقتور ۽ بااثرن کي ئي پلئه پوي ٿو:

غريبن جي فاقن اندر، عيد گذري!

اميرن جي دنيا ته مسرور آهي.

سڪن تي سدائين جتي انصاف وڪامي،

نادار اُتي ڪيئن بچي ظلم و جبر کان.

گدائي وطن سان بيپناھ محبت ڪندڙ يگانو ۽ ڌرتي ماءُ جو سچو عاشق شاعر چوي ٿو ته ڪي ڪم ظرف، بيغيرت ۽ بيضمير پنھنجي خسيس ۽ معمولي ذاتي ۽ گروھي مفادن جي حاصلات لاءِ پنهنجي وطن سان دغا ۽ دشمني ڪندي به نٿا مڙن، اھڙن ماڻهن کي خواري ۽ ذلت کانسواءِ ڪجھ به پلئه نه پوندو آهي، اھڙن لوڀي ڪردارن جي ڪٽنب تي سدائين لعنتون وسنديون آهن، اھڙن جبر جي حالتن جو علاج رڳو انقلاب ۾ ئي آهي. غلاميءَ جي زنجيرن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ قوم ۽ وطن جي صالح ۽ سچن فردن کي سجاڳيءَ جو سڏ ڏئي اڳتي وڌڻو پوندو. خوشحاليءَ جي خوابن جي تعبير مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي سان جدوجهد ۾ ئي پوشيده آهي.

وطن جي لڄ وڪامي ٿي سر بازار ڪوڏين تي،

ڀلائي ٻي ڪندين بيداد گر! ڪھڙي اڃان باقي.

ڀٽائيءَ جي ڌرتيءَ کي جنت بڻايو،

اڃان ٿوري ھمت جوان، دليرو!

گدائيءَ کي پوري پڪ ۽ ڪوي اميد آهي ته تبديلي ضرور ايندي، جدوجهد پنهنجا نتيجا ضرور ڏيندي، ساڻيھ ۾ سکن جون ھوائون ضرور گهلنديون، نيٺ وطن ويرين جو وجود مليا ميٽ ٿيندو، اسان جي قربانيءَ سان جيڪڏهن ملڪ ۾ خوشحالي ۽ ترقي جو دور اچي ٿو ته پوءِ ان جي کليل ٻانھن سان آجيان ضرور ڪنداسين.

مري دل جي مکڙي جي ويئي ته ڇا غم،

وطن جو ته گلشن سنواري ڇڏيوسين.

“گدائي” نيٺ ته ايندي بھار به ڪڏھن،

سڄو چمن ٿو ڪري جنھن جو انتظار ڏسو!

سنڌي ادب ۾ “جوان ھمت” جي نالي سان مقبول ۽ مشهور شاعر عبدالڪريم گدائي ھيڻن لاءِ حوصلو ۽ ھٿيار آهي، ڪمزورن لاءِ قوت ۽ قرباني آهي، مظلومن ۽ محڪومن لاءِ اميد ۽ اتساھ ڀريو آواز آهي. عبدالڪريم گدائي سنڌ ڌرتيءَ کي زندگيءَ کان وڌيڪ مقدس سمجهندي چوي ٿو ته:

جيئي سنڌ جيجل جو آهي قسم،

جيسين سينو ۽ سيني ۾ دم،

ٿئي ديس خاطر جي سر ڀي قلم،

ساٿ ھلندو رھي، لاٽ ٻرندي رھي.

نوجوان ساٿيو، سنڌ جا وارثو،

ساٿ ھلندو رھي، لاٽ ٻرندي رھي!

عبدالڪريم گدائي قدرتي ۽ معدني وسيلن سان مالا مال پنھنجي تاريخي وطن سان پنهنجي بيپناھ محبت جو اظهار ڪندي ان جي سدائين سائي، ستابي ۽ خوشحال رھڻ جي دعا گهرندي چوي ٿو ته:

ھي ڌرتي مالا مال رھي

ھي ڌرتي سون اپائي ٿي،

۽ سڀ ڪنهن کي کارائي ٿي،

ھت سانوڻ جي برساتين ۾،

ڇا قدرت رنگ رچائي ٿي،

ھيءَ سنڌ سدا خوشحال رهي!

عبدالڪريم گدائي پنھنجي لازوال شاعريءَ ۾ پاڻ کي ڌرتيءَ لاءِ وقف ڪندي مٽيءَ جي محبت ۾ جيئڻ ۽ مرڻ جي ڳالھ ڪندي چوي ٿو ته:

ھن ڌرتيءَ خاطر مرنداسون،

ھن ڌرتيءَ خاطر جيئنداسون،

سقراط جيان جي زھر مليو،

ته به کلندي کلندي پيئنداسون،

ھيءَ سنڌ سدا خوشحال رھي!

ھيءَ ڌرتي مالامال رھي!

قمر شهباز لکي ٿو ته گدائي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ نئين باب جو اکين ڏٺو شاهد آهي. ھن پنھنجي ڪلام وسيلي سنڌي ادب کي نوان پنڌ ۽ پيچرا ڏيکاريا جي اڳ ڪڏھن به واچيا نه ويا ھئا.

گدائي ڏياٽي آهي، نئين ٽھيءَ کي ڏکي واٽ ڏيکارڻ جي روشني آهي، رات جي اونداهي پھر کي نئين سر نور نور ڪرڻ جي. گيت آهي گدلي پاڻيءَ ۾ ترندڙ تازي ڪنول جي تشبيھ جو.

ھو شاعر آهي- اڻ ڏٺي آئيندي جي روشن صبح جو ۽ اڻ کٽ انصاف واري اڻ ٽر شام جو! ھو شاعر آهي کيتن ۽ کنياتن جو- واڙيل ۽ واڳيل واتن جو- جهانگيئڙن جهونجهارن جو، پکن ۽ پنوھارن جو- ساڻيھ جي سورن جو- پڇتاون ۽ پورن جو!

رشيد ڀٽي گدائيءَ جھڙي قدآور سرجڻھار لاءِ پنھنجا ويچار ونڊيندي چوي ٿو ته: چاچي کي (اھو نالو ئي آهي جنهن سان اسان جي حلقي ۾ گدائيءَ کي ياد ڪيو ۽ سڏيو ويندو آهي) مون ٻالجتيءَ ۾ ٻڌو ۽ جوانيءَ ۾ ڏڻو ۽ ساڻس ھمسفر ٿيڻ جو شوق حاصل ڪيو. ڳوٺ ۾ ھوندا ھئاسين جو “دروازو تنهن جو دلبر، منبر محراب آ” ۽ “پيارا پرين پسايو ديدار ويندي ويندي” جھڙا چاچي جي ڪلام جا رڪارڊ ٻڌندا ھئاسين. ڪجھ وڏڳ ٿي شھر پڙهڻ آياسين ته گدائيءَ جا ڪلام بيوس، فاني ۽ دکايل سان گڏ رسالن ۽ ڪتابن ۾ پڙھياسين. وڏو ٿي عوامي ۽ قومي ھلچل ۾ حصو وٺڻ لڳاسين ته چاچي کي اياز، تنوير ۽ نياز سان اسٽيج تي شعر پڙھندي ڏٺوسين. چاچا گدائي سنڌ جو اھو شاعر آهي جو ڪيترن دورن جي مختلف خيالن جي مڪتب ۾ رهي، وقت ۽ سوچ جي سفر ۾ وک پٺتي نه رکي، اڳتي ئي وڌندو رهيو آهي. ھو ھر دور  ۾ ترقي پسند رهيو آهي ۽ صحيح معنيٰ ۾ عوامي شاعر جو زنده مثال ٿي، عوام آڏو پيش ٿيو آهي.

فتاح عابد عبدالڪريم گدائي جي شاعري متعلق چوي ٿو ته: “عبدالڪريم گدائي سنڌ جو عوامي شاعر آهي، سندس ابتدائي شاعري پريم رس ۽ ڳجهن ڳوڙھن تي مبني ھئي، مگر پاڪستان کان اڳ ئي ھن جي شاعري نئون رستو اپنايو، جيڪو ھارين ۽ مظلومن جي حقن جي رکوالي ڪندو اميدن جي ان محل ڏانهن ويندڙ آهي جتي اڄ جو اديب ۽ ھاري ناري پڻ ڪانبا ڪلھن تي کڻي ويندڙ آهن. جديد رجحانن ۽ لاڙن جو اڄوڪو انقلاب آڻيندڙ عبدالڪريم گدائي آهي ۽ ھيٺين سنڌ ۾ “مولوي احمد ملاح جو نالو سدائين جرڪندو رھندو. اڄ جي شاعرن انهن ٻنھي شاعرن جي پيچري تي پتوڙ ڪئي آهي.” استاد بخاري جھڙو عوامي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ لاءِ لکي ٿو ته: “گدائي صاحب جي دور- ماحول، مالي حالتن، مجبورين جو مطالعو ڪري، پوءِ سندس مقصد ڀرئي ڪلام تي نظر وجهبي ته سندس شاعريءَ جي عظمت جو اندازو لڳائي سگهبو ۽ اھو مڃڻو پوندو ته پنهنجي وقت جو روشن دماغ شاعر ھو.”

مشتاق مهر عبدالڪريم گدائي کي ڀيٽا پيش ڪندي چوي ٿو ته:

گدائي شجاعت جو عنوان هو،

گدائي بغاوت جو طوفان ھو،

گدائي ھو آواز منصور جو،

گدائي اناالحق جو اعلان ھو.

عبدالڪريم گدائيءَ کي پنهنجي ھن بيت سان ڀيٽا پيش ڪندي مضمون جي پڄاڻي ڪندس.

ڀوتارن خلاف بغاوت جو، ڪري ٿو بلند عَلَمُ،

گدائي کڻي ٿو قلم، ھارين جي حقن لاءِ.