بلاگنئون

چونڊيل اسيمبلي ميمبرن، وزيرن ۽ آفيسرن کي ملندڙ سهولتون ۽ غريب ملازمن جون ڦرجندڙ پينشون

بيس لائين پينشن جو نفاذ: وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان سرڪاري ملازمن لاءِ پهرين جنوري 2025 کان “بيس لائين پنشن” لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته پهرين  جولاءِ 2024 تي وصول ٿيندڙ پينشن کي بنيادي حد بندي قرار ڏنو ويندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 3 سالن تائين اهو بنياد رکيو ويندو ۽ افراطِ زر (ناڻي جي پکيڙ) هڪ اقتصادي اصطلاح آهي جنھن جو مطلب آهي شين جو مهانگو ٿيڻ ۽ پئسي جي خريداري جي طاقت گهٽجڻ. مثال طور: جيڪڏهن اڄ هڪ ڪلو چانور 100 رپين جا آهن ۽ سال کانپوءِ اهي 120 رپين جا ٿي وڃن ته 20% ناڻي جي پکيڙ ٿي. اهڙي صورتحال ۾ ڪچو مال يا مزدوري مهانگي ٿي وڃي ٿي، شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون، عام ماڻهو جي زندگي مشڪل ٿي وڃي ٿي، بچت جي قيمت گهٽجي وڃي ٿي. سرمائيدار طبقو ڪڏهن ڪڏهن فائدي ۾ رهي ٿو. غور ڪجي ته گذريل ٻن سالن جي سراسري (80%) جي حساب سان اضافو ڪيو ويندو. مثال: جيڪڏهن 2024 ۾ 18% ۽ 2025 ۾ 16% ناڻي جي پکيڙ ٿي ته سراسري 17% × 80% = 13.6% اضافو ٿيندو، يعني 150,000 جي بنيادي پنشن تي 20,400 رپين جو اضافو ٿيندو جيڪو پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندو. ان کان اڳ اهو اضافو هر سال بجيٽ ذريعي ڪيو ويندو هو؛ هاڻي اهو ٽن سالن بعد ئي نظرثاني ذريعي ڪيو ويندو. پهرين جولاءِ 2024 کانپوءِ ڀرتي ٿيل ملازمن کي پينشن يا گريجوئيٽي (پراڻي رليف) جي اهليت نه ملندي، پر ڊفائينڊ ڪنٽريبيوشن پينشن هڪ اهڙي اسڪيم آهي جنهن ۾ ملازم ۽ حڪومت ٻئي باقاعده طور تي ماهوار رقم (ڪنٽريبيوشن) جمع ڪرائين ٿا، جيڪا رٽائرمينٽ کانپوءِ پينشن جي صورت ۾ ملازم کي ڏني وڃي ٿي. جيڪا  2024 کان لاڳو ڪئي وئي، جنهن ۾ ملازم ۽ حڪومت ڌار ڌار ادا ڪندا ۽ هڪ ٻه وقتي والنٽري گولڊن شيڪ يا هينڊ شيڪ (Leave encashment) اها رقم آهي جيڪا ملازم کي نه ورتل موڪلن جي بدلي ۾ ڏني ويندي آهي، عام طور تي نوڪري ڇڏڻ يا رٽائرمينٽ وقت فائدو حاصل ٿيندو. سنڌ سول سرونٽس ايڪٽ ۾ ترميم: سنڌ اسيمبليءَ 20 سيپٽمبر 2024 تي اهڙو قانون منظور ڪيو، جنهن تحت پھرئين جولاءِ 2024 کان اڳ ڀرتي ٿيل ملازمن لاءِ پراڻو پينشن نظام رهندو ۽ بعد ۾ ڀرتي ٿيلن لاءِ نئون ڪنٽريبيوشن نظام بنياد فراهم ڪندو. ماهرن جي لکيل مضمونن مان اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته حڪومت جي خرچن ۾ بچت ۽ ملازمن ۾ 2015 کان 2019 دوران مخصوص ڪيل خرچن ۾ سرڪاري ملازمن سان وابسته خرچن ۾ 15% اضافو ٿيو، جڏهن ته مجموعي ڪرنٽ کاتي جو خرچ 18% وڌيو. پينشن ۾ پڻ 30% تائين اضافو رڪارڊ ٿيو، پر نئين نظام سان انهن ۾ گهٽتائي متوقع آهي، پر سرڪاري ماهر چون ٿا ته نئون نظام پينشن بل کي مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻئي پاسي سرڪاري ملازمن جون تنظيمون توڙي رٽائرڊ ملاز نئين بيس لائين پينشن فارمولا تي اعتراض رکن ٿا، ڇو ته گڏيل واڌ کي سالانه نه، پر ٽن سالن کانپوءِ ادائگي ٿئي ٿي. ناڻي جي پکيڙ جو صرف 80٪ شامل ڪري ٿو، هڪ ئي وقت ٻن جاين تان پينشن حاصل ڪرڻ جو حق ختم ڪري ٿو، آخر ۾ ورتل پگهار جي بجاءِ 2 سالن جي سراسري حساب ڪري ٿو، جيڪا عام طور گهٽ ٿيندي آهي. آل گورنمينٽ ايمپلائيز گرانڊ الائنس جهڙا اتحاد احتجاج ۾ حصو وٺي رهيا آهن، جن جا مطالبا آهن ته پينشن ۽ پگهار ۾ واڌ ڏني وڃي، هڪ ئي وقت ٻن جاين تان پينشن کڻڻ جي حق کي بحال ڪيو وڃي.  معذوري الائونس ۾ 10٪ اضافو ٿيڻ گهرجي، يعني هي الائونس هڪ مالي مدد آهي، جيڪا معذور ماڻهن کي ڏني ويندي آهي ته جيئن هو پنهنجون روزمره جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن. معذور ماڻهن جو چوڻ آهي ته پارليامان ۾ ويٺل سياستدانن کي ساليانو 900 سيڪڙو اضافو ملي رهيو آهي. عوام جو به حق آهي ته انهن کي ڪنهن به معذوري جي صورت ۾ 10 سيڪڙو اضافو ملڻ گهرجي.

ڊسپيريٽي ريڊڪشن الائونس (DRA) اهو الاؤنس آهي جيڪو ملازمن جي پگهارن ۾ فرق گهٽائڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي. خاص ڪري جڏهن مختلف ادارن يا گروپن جي پگهارن ۾ وڏو فرق هجي جنھن جي مختصر سمجهاڻي آهي ته DRA  پگهار جي فرق کي گهٽائڻ لاءِ ڏنل الاؤنس ٻڌايو وڃي ٿو جڏهن ته سنڌ جي ملازمن طرفان چيو پيو وڃي ته ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 70٪ اضافو گهرجي ۽ پينشن جي اڳ ۾ باقي رقم (arrears) جي ادائگي پڻ فوري طور تي ڏني وڃ.

هائوس رينٽ الائونس اهو ملازمن کي ڏنو ويندڙ الاؤنس آهي، جيڪو گهر جي ڪرائي لاءِ هوندو آهي. اهو پينشنرن کي مهانگائي جي مقابلي لاءِ ڏنو ويندو آهي، جيئن ته جيئڻ جو خرچ وڌڻ سان انهن جي مالي مدد ٿي سگهي.

جڏهن ته نئون پينشن فارمولو مالي لحاظ سان ڪجهه حد تائين استحڪام فراهم ڪري ٿو، پر عوامي ملازمن جو منظم احتجاج ڏيکاري ٿو ته فوري ۽ سالانه بنيادن تي مالي رعايت ضروري آهي. جڏهن ته گھٽ آمدني وارا وڌندڙ ناڻي جي پکيڙ جي ڪري سخت پريشان آهن. هن مضمون لکڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن اسان سڀ گڏجي هن پيشن پاليسيءَ تي پنهنجو پنهنجو پوائنٽ آف يو بيان ڪري سگهون ۽ هن مسئلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهون. پاڪستان ۾ اڪثر غريب عوام کي فائدو ملڻ بجاءِ آفيسرن، چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن کي گهڻو فائدو ڏنو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ اڪثر اخبارن ۾ ڪيترائي ڀيرا مضمون ڇپجي چڪا آهن ته اسيمبلي ميمبرن، وزيرن ۽ آفيسرن جي مراعاتن ۽ غريب ملازمن جي پگهارن جي وچ ۾ تمام وڏو فرق عام طور تي ڏٺو ويو آهي، جيڪو معاشي ۽ سماجي اڻ برابري ڏانهن اهم اشارو آهي. سرڪار امير ۽ خوشحال طبقي ۾ موجود ماڻهن کي وڏيون سهولتون، پگهارون ۽ پينشنون ڏيڻ کان نٿي ڪيٻائي، پر غريب ۽ مسڪين ملازمن جي فائدن ۽ پينشنن جي مٿان اهڙيون پاليسيون ٺاهڻ ۾ لڳل آهي جنهن سان انهن جا فائدا گهٽجي سگهن ۽ انهن جي زندگيءَ ۾ جيڪا دال ماني آهي اها به انهن کي نه ملي.

ڪنهن به قسم جي الاؤنس کان محروم ميڊيڪل سھولتن جي کوٽ رٽائرمينٽ بعد جي سيڪيورٽي جو به اڻلڀ هجڻ مزدورن لاءِ قانونن جي ناڪامي واري عملداري جيڪڏهن انگن اکرن جي ڳالهه ڪجي، ته ڪنهن وزير کي لکين رپيا پگهار، گاڏيون، پيٽرول، اچ وڃ جو خرچ، هوٽلن ۾ رهائش، علاج جا خرچ، ٻارن جي پڙهائي جا خرچ، انهن جا سياحتي خرچ ڏنا وڃن ٿا، جيڪي اسان جي ٽيڪسن مان ادا ڪيا وڃن ٿا.

جڏهن ته غير رسمي مزدور يا ڏهاڙيدار            1,000-1,500 تائين ڪمائي ٿو ۽ وٽس ڪابه مستقل سهولت موجود نه آهي. احتجاج ڪندڙ پاڪستان ڪلرڪس ايسوسيئيشن جي هڪ مرڪزي عھديدار جناب ايم ايس ڀرڳڙي سان ڪچھري ڪيم جنھن اهم ڳالهين طرف ڌيان ڇڪائيندي ٻڌايو ته اسپيڪر ۽ چيئرمين سينيٽ جي پگهار ۾ 634 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ٻين فائدن سان گڏ، اها 650 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ساڳئي طرح اسيمبلي ميمبرن، وزيرن ۽ سرڪاري صلاحڪارن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ملازمن جي پگهارن ۾ 10-12 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي ۽ سنڌ حڪومت پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي، جيڪا ڪافي ناهي. سپريم ڪورٽ، وزيراعظم، صدر، گورنر ۽ وڏا وزير ۽ 100 ٻيا ادارا پنهنجن ملازمن لاءِ 300 سيڪڙو تائين رليف حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري سرڪاري ملازمن، سيڪريٽريٽ کانسواءِ، آفيسن، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ملازمن کي گهٽ رليف ملي رهيو آهي، جنهن جي ڪري سرڪاري ملازم احتجاج ڪري رهيا آهن. 2001  تائين، 30 سالن کان وڌيڪ سروس لاءِ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ هئي. ان کي ختم ڪيو ويو ۽ ڪميوٽيشن جي شرح گهٽائي وئي. تازي پينشن سڌارن ۾، 60 سالن جي عمر کان اڳ رٽائرمينٽ لاءِ پينشن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي. جيڪڏهن توهان 55 سالن جي عمر کانپوءِ رٽائر ٿيو ٿا ته اهو 10 سيڪڙو، 56 سالن جي عمر ۾ 8 سيڪڙو، 57 سالن جي عمر ۾ 6 سيڪڙو، 58 سالن جي عمر ۾ 4 سيڪڙو ۽ 59 سالن جي عمر ۾ 2 سيڪڙو هوندو. مطلب ته طبقن جي وچ ۾ آمدني جو فرق 10 کان 20 ڀيرا يا ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. مراعت ۽ سيڪيورٽي جي لحاظ کان ته فرق اڃان وڌي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته غريب ملازمن لاءِ معاشي بحران، مهانگائي، ۽ بنيادي سھولتن جي کوٽ وڏو مسئلو آهي. ان کان علاوه ان قسم جي پاليسيءَ سان اها ڳالهه به کلي واضح ٿئي ٿي ته حڪومت پنهنجي پاليسي جي ذريعي ملازمن کي جلد رٽائرمينٽ وٺڻ جي ترغيب ڏئي ٿي. اهڙو معاشي تفاوت سماجي ناانصافي، مايوسي ۽ نابرابري کي جنم ڏئي ٿو. حڪومتن کي گهرجي ته گهٽ پگهار وارن ملازمن جي پگهار وڌائي سڀني لاءِ بنيادي سھولتون فراهم ڪري، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جو نظام لاڳو ڪيو وڃي. جيڪڏهن سرڪار سڳوري غريب ملازم ۽ مٿئين ڪلاس جي آفيسرن، چونڊيل ميمبرن، وزيرن جي مراعتن ۽ پگهارن توڙي پينشنن ۾ ناانصافي ڪئي ته پوءِ ادارن کي روز تالا لڳندا، خاموش احتجاج ٿيندا هر عام خاص ملازم توڙي زيادتي هيٺ پيڙهجندڙ ماڻهو ڪنھن بنگلي تي دانهن کڻي وڃڻ بجاءِ پريس ڪلبن جي اڳيان ڌرڻا ئي هڻندا. ان ڪري سرڪار مرڪزي هجي يا سنڌ سرڪار هجي انهن کي پنھنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪري ملازمن جي بي چيني ختم ڪرڻ گهرجي.