آئون جڏهن 7 ڪلاس جو شاگرد هئس، ان دور ۾ ريڊيو جو رواج عام هو، ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مخدوم طالب الموليٰ جا مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳايل ڪلامن جي ڌوم هئي ۽ آئون اهي ڪلام شوق سان ٻڌندو هئس. مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام ٻڌڻ جي شوق ۾ مون کي پنهنجو ريڊيو خريد ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن جون خرچيون گڏ ڪرڻيون پيون. ريڊيو جي دور بعد چينجر فونن جو دور شروع ٿيو. ان کان اڳ چاٻي تي هلندڙ گرامو فون هوندا هئا. چينجر سيلن تي به هلندو هو ته بيٽري تي به ان زماني ۾ منهنجي سئوٽ حاجي خالد ملاح جنهن جو ملدسي ڳوٺ ۾ هوٽل هو، جتي بيٽري تي وڄندڙ چينجر گرامو فون ۽ ايمپلي فائر آندو، مون ٻڪر کپائي شهدادپور مان رونا ليليٰ جي آواز ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي ڳايل ڪلامن وارو فوني وارا وڏا رڪارڊ ورتا، جنهن جي ٻنهي پاسي شايد 10 ڪلام ڀريل هوندا هئا ۽ روزانو شام جو هوٽل جي دخل تي ويهي اهو رڪارڊ هلائيندو هئس. ان وقت ايترو شعور نه هو، منهنجو به ٻاراڻو ذهن هو، ان جي باوجود مخدوم طالب الموليٰ جي لافاني شاعري رونا ليليٰ جي جادو واري آواز ۾ ڳايل ڪلام ٻڌندي وجد طاري ٿي ويندو هو. مخدوم طالب الموليٰ جي ڪلامن جو لفظ لفظ معنيٰ خيز هو. مون تي مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري جو ايترو ته جنون هو، جو رات جو سمهڻ وقت به سندس ڪلام ذهن ۾ پيا ڦرندا هئا ۽ ڪڏهن خواب ۾ به اهي ڪلام ٻڌندو هئس. مخدوم طالب الموليٰ جي ان امر ۽ دلڪش شاعري کي رونا ليليٰ جي چپن وڌيڪ امر بنائي ڇڏيو. اهي ڪلام نه صرف ملدسي جي واسين ۾ مشهور ٿيا، پر آسپاس جي ڳوٺن جن ۾ ان وقت هوٽلون نه هونديون هيون، اهي به واندڪائي وارن ڏينهن يا ڪو مهمان هنن وٽ ايندو هو ته انهن کي وٺي ملدسي جي هوٽلن تي ايندا هئا، انهن ۾ به مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام مشهور هئا ۽ اهي ماڻهو به مخدوم طالب الموليٰ جا اهي بيت دل دماغ تي ڇانئجي ويندڙ سدا بهار ڪلام وڄائڻ جي فرمائش ڪندا هئا. گرامو فونن بعد جڏهن ٽيپ رڪارڊر آيا ته بابا منهنجي ضد تي ٽيپ رڪارڊر وٺي ڏنو ۽ منهنجي ٽيپ رڪارڊر وٺڻ جو مقصد ئي مخدوم طالب الموليٰ جو ڪلام ٻڌڻ هو. تنهن کانپوءِ خرچيون گڏ ڪري مخدوم طالب الموليٰ جا رونا ليليٰ، حسين بخش خادم، عابده پروين، ڦوٽو زرداري، مصري فقير جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل ڪيسٽون خريد ڪرڻ شروع ڪيم. اسڪول کانپوءِ ٻني ٻاري تي ويندي به ٽيپ رڪارڊر هٿ ۾ هوندو هو. انهي دور ۾ مخدوم طالب الموليٰ جا ڪتاب “ياد رفتگان” ۽ “ڇپر ۾ ڇڙيون” پڙهڻ لاءِ ملي ويا، اهي پڙهڻ بعد ان وقت منهنجي ڪچي ذهن تي مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري ۽ لکڻين ايترو ته اثر ڪيو جو وٽن حاضري ڪرڻ لاءِ دل ۾ چاهت پيدا ٿي ۽ ان جو اظهار والد سان ڪيم، جنهن منهنجي چاچا حاجي محمود ملاح جيڪو مخدوم طالب الموليٰ جن جو خاص ماڻهو هو، خليفو نه هئڻ جي باوجود سندس مخدوم طالب الموليٰ وٽ خليفي يا خاص ماڻهو جيتري عزت هئي، ان سان گڏ زيارت لاءِ مخدوم هائوس تي پهتس، پر بدقسمتي سان ان ڏينهن مخدوم طالب الموليٰ ڪجهه مصروف هئا، ان ڪري حاضري نه ٿي سگهي. ان بعد حضرت مخدوم سرور نوح رح جن جو ساليانو عرس مبارڪ يعني سهائو سومار هو ۽ بابا، چاچا ۽ آئون گڏجي گهوڙن تي هالا پهتاسين. حضرت مخدوم نوح سرور جي مزار تي حاضري ڏئي قل پڙهي دعا گهري، مخدوم هائوس تي پهتاسين، جتي به ميلو متل هو. مخدوم طالب الموليٰ جن جي زيارت ۽ حاضري لاءِ سڄي ملڪ مان ماڻهن جو وڏو انگ آيل هو، جن ۾ هزارين عورتون، ٻار ۽ پيرسن به شامل هئا ۽ مون اتي پهريون دفعو ڏهر ڳائيندي ٻڌو. ڊگهي انتظار بعد وڏي ڌڪ ڌڪان بعد ماڻهن جي وڏي پيڙ ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن جي پري کان زيارت ٿي، ٻه منٽ به نه گذريا ته اسان سميت اتي موجود ماڻهن کي هاڻ ٻاهر اچڻ جو چيو ويو ته جيئن ٻيا ماڻهو حاضري لاءِ اچي سگهن. پهريون دفعو زيارت وقت جڏهن مون مخدوم طالب الموليٰ کي ڏٺو منجهن وڏي ڏياءَ ۽ چهري ۾ نور نظر آيو، اتان کان اٺاس بنگلي تي قبله مخدوم امين فهيم، خانگاهه ۾ مخدوم خليق الزمان وٽ به حاضري ڪري واپس ڳوٺ آياسين. ٻاراڻي ذهن مطابق ان حاضري تي خوشي به هئي ته ڏک به، خوشي اها ته جنهن شخصيت جي شاعري ٻڌي ان کي آئيڊل بنايو هو ان جي زيارت ٿي، پر ڏک ان ڳالهه جو ته آئون پنهنجي پر ۾ اهو ذهن ٺاهي ويو هئس ته سائين جن کي سندن شاعري بيحد وڻڻ ۽ سندس ڪلام چاهه سان ٻڌڻ بابت ٻڌائيندس ۽ اهو عرض ڪندس ته آئون به شاعري ڪرڻ چاهيان ٿو، اوهان رهنمائي ڪريو، پر اهڙو موقعو ئي نه مليو، جو دل ۾ سانڍيل ڳالهين جو اظهار ڪريان. ٻئي سال 1976ع ۾ سنڌو درياءَ ۾ خطرناڪ چاڙهه آيو ۽ سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو ۽ مخدوم طالب الموليٰ جن سڄي سنڌ مان سروري جماعت جي ماڻهن کي بند جي حفاظت لاءِ حڪم ڏنو، جنهن تي هزارين مريد سعيد آباد کان مٽياري تائين بندن جي حفاظت لاءِ پهتا. منهنجو چاچو حاجي محمود ملاح به علائقي مان 60 کن ماڻهو وٺي مخدوم هائوس تي پهتو، جتان کيس پنهنجا ماڻهو سالارو ٻيلي وٽ بند تي وٺي وڃڻ جو حڪم مليو، انهن ۾ آئون به شامل هئس، ننڍي عمر جو هئڻ ڪري چاچا نٿي وٺي ويو، پر منهنجي ضد تي پاڻ وٺي هليو. آئون ان اميد سان آيس ته بند تي مخدوم طالب الموليٰ جن به ضرور ايندا ويندا ۽ اتي سندن زيارت به ٿي ويندي ۽ اتي ڳالهائڻ جو موقعو به ملي ويندو. اتي 12 ڏينهن هئاسين ۽ اتي مخدوم طالب الموليٰ جن ڪيترائي ڀيرا تشريف فرما ٿيا، پرسندن آمد تي اتي ماڻهن جا انبوهه ٿي ويا ۽ ماڻهو سندن گاڏي کي ڦري ٿي ويا ۽ اتي صرف پري کان زيارت ٿي سگهي. اتان واپس اچڻ بعد 2 دفعا پاڻ مرادو مخدوم هائوس تي پهتس ۽ حاضري لاءِ ڪوشش ڪيم، پر اتي حاضري ڪرائيندڙن ٻار ڏسي بهانا بنائي حاضري نه ڪرائي. انهن ڏينهن ۾ هڪ دوست کان ٽه ماهي مهراڻ رسالو ۽ ماهوار نئين زندگي مليو، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري به هئي، ان بعد مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري پڙهڻ لاءِ اهي ٻئي رسالا گهرائڻ شروع ڪيم. 8 ڪلاس ۾ هئڻ دوران 78ع ۾ صحافت ۾ پير پاتم، هڪ نئين خواهش ٿي ته مخدوم طالب الموليٰ جو انٽرويو ڪريان، پر مخدوم هائوس تي سائين جن جي حاضري وارن نوڪرن ۽ ٻين ملازمن سان ڄاڻ سڃاڻ نه هئڻ ڪري اها خواهش اڌوري رهي. تقريبن 1980ع ۾ آفتاب اخبار ۾ خبرون ڏيڻ لاءِ پهتس ته خبر پئي ته اڄ رات هالا پراڻا ۾ سوز هالائي جي شاعري مجموعي “رنگ رتا پيچرا” جي مهورت آهي، مهورت مخدوم طالب الموليٰ جن ڪرڻ فرمائيندا. اسان جو پيارو محسن سائين لائق سنڌي به تياريون ڪري رهيو هو ۽ مخدوم طالب الموليٰ جن جو ٻڌي مون سائين لائق سنڌي کي منٿ ميڙ ڪئي ته هو مون کي به وٺي هلي. شام جو نصير مرزا، حسن مجتبيٰ، نثار حسيني ۽ ٻيا دوست هالا پراڻا پهتاسين. رات جو مخدوم طالب الموليٰ جن به تقريب ۾ پهتا ۽ پروگرام ختم ٿيڻ تائين ويٺا رهيا. پروگرام ختم ٿيڻ بعد موقعو ملندي، اسٽيج تي پهتس جتي عرفان مهدي مخدوم طالب الموليٰ جن سان منهنجو تعارف ڪرايو، انهن ڏينهن ۾ مختلف شخصيتن کان آٽوگراف وٺڻ جو جنون هو، هر وقت آٽوگراف بُڪ کيسي ۾ هوندو هو ۽ مون آٽوگراف بُڪ ڪڍي کين ڏنو، پاڻ مختصر طور دعا وارا لفظ لکيائون. ان بعد 1982ع ڌاري سندن فرزند مخدوم سعيدالزمان سان جڏهن نيازمندي ٿي ۽ مون سروري تنظيم جي سرگرمين کي فل ڪوريج ڏني. ان دور ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو تصور به ڪونه ھو صرف پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان هئا جيڪي ٻئي ادارا سرڪاري هئا، پر انھن جي وڏي اھميت ھوندي هئي. ساڳئي ئي وقت سنڌي اخبارون صرف عبرت، آفتاب، ھلال پاڪستان، مھراڻ هئي. ان دور ۾ مون سروري تنظيم جي سرگرمين کي تمام گھڻي ڪوريج ڏني. اھڙي ڪوريج ڏسندي مخدوم طالب الموليٰ جن سعيد سائين جن کان معلوم ڪيو ھي نور سنڌي ڪير آھي جيڪو سروري تنظيم کي ھيڏي ڪوريج ڏئي ٿو. سعيد سائين کين ٻڌايو ته نور سنڌي وڏن کان وٺي پنھنجو مريد آھي ۽ شھدادپور تعلقي جي ڳوٺ ملدسي جو آھي. ان بعد مخدوم سعيد الزمان عاطف سائين جي معرفت مخدوم طالب الموليٰ سائين وٽ سهڻي نموني حاضري ٿي. مخدوم طالب الموليٰ جن سان حاضري ڪرڻ تي پاڻ فرمايائون سروري تنظيم کي تمام گھڻي ڪوريج ڏيڻ تي مون کي جس ڏيندي چيو ته سعيد سائين اوهان جي تعريف ڪندو آهي، اوهان جون سروري تنظيم بابت آرٽيڪل ۽ خبرون پڙهيون آهن. ان موقعي تي پاڻ مون کي هالا ۾ اچي صحافت ڪرڻ جو چيو ۽ سندن حڪم تي لبيڪ چئي هالا مان صحافت شروع ڪئي.
مخدوم سعيد الزمان جن سان به ملاقات ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته مون سائين جن جي حڪم تي هالا ۾ صحافت شروع ڪئي آهي، کين اهو ٻڌي خوشي ٿي، ان دوران مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ 2 دفعا حاضري لاءِ ويس، پر سندن طبيعت ناساز هئڻ ڪري حاضري نه ٿي سگهي. مون حاجن ابڙيجو کي فون ڪري سائين جن جي خواهش موجب هالا ۾ صحافت شروع ڪرڻ جو ٻڌايو ۽ حاجن ابڙيجو سائين جن کي ٻڌايو ۽ انهي هفتي ۾ حاضري لاءِ پيغام مليو ۽ حاضري ڪيم، پاڻ فرمايائون ته حاجن ٻڌايو آهي ته اوهان منهنجي چوڻ تي باقاعده هالا ۾ اچي ويا آهيو. رهو ڪٿي پيا، مون کين عرض ڪيو ته اسان جي صحافي دوست عبدالڪريم ميمڻ وٽ، پاڻ فرمايائون ته اهو به پنهنجو آهي، پر جي اتي رهڻ ۾ تڪليف محسوس ٿئي يا ڪا ٻي تڪليف محسوس ڪريو ته بغير حجاب ٻڌائجو، پاڻ ان موقعي تي دعا به ڏنائون، هالا ۾ صحافت شروع ڪرڻ بعد مخدوم طالب الموليٰ جن ڪوبه بيان وغيره جاري ڪندا هئا ته حاجن ابڙيجو يا انور هالائي جي معرفت عبدالڪريم ميمڻ، اڪرم قائمخاني مون ۽ يوسف وارثي ۽ ٻين صحافين کي گهرايو ويندو هو يا پريس رليز ڏياري موڪليندا هئا.
ڪجهه سالن بعد گورنمينٽ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ سروري تنظيم جو مرڪزي ڪنوينشن ٿيو، ان ۾ ٻين شهرن ڀٽ شاهه، سعيد آباد جي صحافين کي به رپورٽنگ لاءِ دعوت ڏني وئي هئي سڀ کان وڌيڪ منهنجي اخبار آفتاب ۾ ڪوريج لڳي جڏهن ته ان بعد ان تقريب جو احوال مون ڪافي سنڌي اردو اخبارن ۾ هلايو، منهنجي ڪوشش سان ڪنوينشن کي هيڏي وڏي ڪوريج ملڻ تي مخدوم طالب الموليٰ جن بيحد خوش ٿيا ۽ حاضري لاءِ سڏايائون ۽ منهنجي اهڙي خدمتن تي خوشي جو اظهار ڪرڻ سان گڏ دعا به ڪيائون. ان وقت هالا ۾ پريس ڪلب نه هئي، هڪ دفعي عبدالڪريم ميمڻ مون ۽ اڪرم قائمخاني سائين طالب الموليٰ جن کي عرض ڪيو ته سائين جن مخدوم سعيدالزمان سائين جن کي چون ته پاڻ اسان کي ميونسپل پاران پريس ڪلب لاءِ جاءِ ڏين ۽ سندن حڪم تي مارڪيٽ چوڪ تي ناڪي ۾ پريس ڪلب لاءِ هڪڙو ڪمرو مليو، ان دوران عبدالڪريم ۽ اسان جي گڏيل صلاح سان هالا ۾ اسان نوان صحافي پيدا ڪيا.
هالا ۾ صحافت ڪرڻ دوران قبله سائين جن جي ويجهو رهيس ۽ کين سمجهڻ جو موقعو مليو، سندس حڪم ھو ته ڪم ھجي يا نه، پر ھفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا حاضري ڀري، جي طبيعت ناساز ھوندي ۽ حاضري نه ٿئي تڏھن بھ حاجي يوسف وٽ نالو لکرايو ۽ پاڻ دربان حاجي يوسف ونڊيار کي حڪم ڏنو ته نور سنڌي حاضري تي اچي ته ھن کي گھڻو انتظار نه ڪرايو. آئون خوشنصيب آھيان جو مخدوم طالب الموليٰ سائين سان ھر ھفتي ھڪ کان وڌيڪ حاضريون ٿينديون ھيون. مون کي آرٽيڪل لکڻ جو شوق به مخدوم طالب الموليٰ سائين جن ڏياريو. مون عبرت ۾ ھالا تي آرٽيڪل به سندن حڪم تي لکيو ۽ اھو منھجو پھريون جامع تحقيقي آرٽيڪل ھو. پاڻ ان حوالي سان نه صرف رھنمائي ڪئي، پر انور هالائي کي حڪم ڏنو ته ان حوالي سان نور سنڌي کي فلاڻا ڪتاب ڏئي. جڏھن ھالا جي تاريخي پسمنظر ۽ ماضي حال تي منھجو آرٽيڪل ڇپيو ته پاڻ خوش ٿيا. آرٽيڪلن جي حوالي سان اڄ جيڪو به آھيان مخدوم طالب الموليٰ سائين جي رھنما ھمت افزائي ۽ دعائن جي ڪري آھيان. 1988ع واري پ پ حڪومت ۾ پاڻ مون کي اطلاعات کاتي جي آفيسر جو آرڊر ڏنو ان دور ۾ بنا نالي آرڊر ايندا هئا جن تي نالا لکي پوءِ ڏبا هئا، پر مون پيرن تي ھٿ رکي اھو چئي اھو آرڊر واپس ڪيو ته قبلا سائين آئون بس صحافي صحيح آھيان جنھن سان سائين جي بار بار زيارت نصيب ٿئي ٿي منھنجي لاءِ مرشدن جي خدمت ڪرڻ ۽ بار بار زيارت ڪرڻ کان وڌيڪ ٻي ڪا ڳالھه نه آھي، ان ڪري سائين جن سرڪاري نوڪري جو آرڊر ڏئي پاڻ کان پري نه ڪن خدمت کان محروم نه ڪن. ان تي مخدوم صاحب کي حيرت به ٿي خوشي به ان بعد مون فقير تي اڃان وڌيڪ مھربان ٿيا. 1989ع ۾ وري مخدوم امين فھيم مون کي پي آءِ اي ۾ ايئر بواءِ جو آرڊر ڏنو کين به مون اھو عرض ڪيو جيڪو مخدوم طالب الموليٰ سائين جن کي ۽ آرڊر پيرن تي ھٿ رکي واپس ڪيو. مخدوم طالب الموليٰ جي لاڏاڻي بعد به نو سال ھالا ۾ صحافت ڪئي ان بعد حيدرآباد ۾ صحافت ڪئي ھاڻ فري لانسر جرنلسٽ طور صحافت ڪريان ٿو ۽ تقريبن سنڌي اخبارن ۾ مسلسل آرٽيڪل لکان ٿو ۽ ھڪ صحافي ھڪ ليکڪ جي حيثيت سان مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت جو جھڙو حال آھي خدمت ڪريان پيو. 1982ع کان سروري تنظيم سان لاڳاپيل آھيان 44 سالن کان جھڙو حال آھي خدمت ڪندو رھيو آھيان ۽ آخري دم تائين ڪندو رھندس. ھڪ دفعي مخدوم طالب الموليٰ جي حاضري ۾ ويٺو هئس ته ٿر مان ڪي ماڻھو حاضري تي آيا ۽ انھن ھڪ بھترين رلي سائين جن جي خدمت ۾ پيش ڪئي ٽڪ جي اھڙي بھترين رلي مون اڳ ڪونه ڏٺي هئي مون کي رلي ڏاڍي وڻي دل چيو ته سائين کي اھا رلي ڏيڻ لاءِ عرض ڪريان، پر دل ٻڌي ڪونه سگهيس. سائين منھنجي چھري جا شايد تاثرات پڙھي ورتا. ھفتي بعد حاضري تي آيس ۽ اٿڻ مھل سائين حاجن ابڙيجو کي ڪجھه آھستي سان چيو ۽ ادا حاجن سامھون واري ڪمري مان رلي ڪڍي ڏني جنھن تي آئون حيران ٿي ويس ته سائين کي منھنجي دل جي خبر ڪيئن پئي. ھالا ۾ صحافت دوران قبلا مخدوم طالب الموليٰ جن حڪم ڏنو ته ھالا ۾ صحافت سان دلچسپي رکندڙ نوجوانن کي صحافت ۾ آڻي ھالا ۾ صحافين جو انگ وڌايو وڃي، ان تي مون ۽ عبدالڪريم ميمڻ ڪيترن ئي نوجوانن کي صحافت ۾ آندو ان بعد ٻيا به ڪافي نوجوان صحافت ۾ اچڻ لڳا مون انھن جي ھر طرح سان ھمت افزائي ڪئي. مخدوم صاحب ھڪ پريس ڪانفرنس بعد مون کي اھو فرمايو ته ھالا جي صحافين جو خبرن جي حوالي سان ھڪ مقابلو ڪرائي جيڪو سڀني کان وڌيڪ بھترين خبر ٺاھي ان کي انعام ڏجي، پر سائين جي طبيعت جي ناسازي ڪري اھو مقابلو ڪونه ٿي سگھيو. ھڪ دفعي سائين جن کي ھڪ ماڻھو پارڪر پين تحفي ۾ ڏني ۽ انھن ڏينھن ۾ مون حيدرآباد جون نياڻيون جن سان لساني تنظيم جي دھشتگردن وڏا ظلم ڪيا هئا مون ان ملاقات تي قسطوار آرٽيڪل ھلايو سائين ان آرٽيڪل مان ايترو متاثر ٿيا جو مون کي گھرائي جس ڏنو ۽ پارڪر پين تحفي ۾ ڏني. ھڪ دفعي مون کين عرض ڪيو ته قبلا سائين اسان فقيرن جي ڳوٺ ملدسي ۾ روھڙي ڪئنال جي ڪپ تي ھڪ مشاعرو ڪرائجي، پاڻ خوش ٿيا، پر سندن طبيعت جي ناسازي جي ڪري منھنجي اھا خواھش پوري نه ٿي سگھي. مون مخدوم طالب الموليٰ کي ويجھڙ کان ڏٺو پاڻ انتھائي حساس طبيعت هئا ايترا ته حساس هئا، جو ڪنهن جو به ڏک صحيح نه سگهندا هئا. ٻين جو ڏک ڏسي سندن دل ڀرجي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ته ان ڏک ۾ سندن نيڻن مان بوندون وسڻ لڳنديون هيون ۽ سندن طبيعت ناساز ٿي ويندي هئي. 88ع ۾ شهرن ۾ لساني فسادن ۾ سنڌين سان ٿيندڙ ڪلورن، هاڃن ۾ سنڌي عورتن سان ٿيندڙ لڱ ڪانڊاريندڙ زيادتين جو شڪار اهي بدنصيب عورتون جڏهن جيجي زرينا بلوچ، پروفيسر سعيده ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخدوم طالب الموليٰ کي دانهن ڏيڻ لاءِ پهتيون ۽ انهن عورتن ساڻن ٿيل وحشياڻين زيادتين جو روئندي ذڪر ڪيو ته مخدوم طالب الموليٰ جن به پنهنجا نيڻ روڪي نه سگهيا ۽ پاڻ روئي ڏنو ۽ سندن طبيعت خراب ٿي پئي. طبيعت خراب هئڻ جي باوجود پاڻ ان وقت جي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪري سنڌي نياڻين سان حوا جي ڌيئرن سان ٿيل هيڏي هاڃي جو لڱ ڪانڊاريندڙ احوال روبرو ٻڌائڻ لاءِ اسلام آباد پهتا، ان بعد ئي دهشتگردي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ اهڙي آپريشن جي ڏوهه ۾ چونڊيل پ پ حڪومت کي هٽايو ويو. مخدوم طالب الموليٰ کي سڃاڻپ جي اهڙي اک جو هڪ دفعو سٺي انداز ۾ ملاقات ڪندڙ کي وري ڪڏهن به ڏسندا هئا ته سندن نالو وٺي خيريت معلوم ڪندا هئا. طبيعت خراب هجڻ تي ڊاڪٽرن جي مشورن جي باوجود عوام جي خدمت ڪرڻ کي اهميت ڏني، ان حوالي سان پنهنجي شاعري ۾ هڪ هنڌ فرمايو اٿن ته:
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،
ته پوءِ مخدوم دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
عين ان شعر وانگر پاڻ طبيعت جي ناسازي جي باوجود بنگلي تي ويهي مريدن توڙي عام ماڻهن سان ملندا هئا، ماڻهن جي ڪم ڪارين لاءِ خط ڏيندا هئا، ضروري سمجهندا هئا ته فون به ڪندا هئا. جڏهن ته ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي رهندا هئا. پاڻ هڪ نرالي ۽ ٻاجهه ڀري شخصيت جا مالڪ هئا. هڪ ئي وقت لاتعداد خوبين جا مالڪ هئا. پاڻ بين الاقوامي سطح جو شاعر، بهترين ليکڪ، مفڪر، سماج سڌارڪ، ادب، فن ثقافت صحافت جي سرپرستي ڪندڙ، غريب ماڻهن کي سندن اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ همٿائيندڙ ۽ سندن مالي مدد ڪندڙ هئا. سخاوت ۾ به مخدوم طالب الموليٰ جو نالو سج وانگر رهيو، پر سخاوت اهڙي انداز ۾ جو اها خبر هڪ کين ٻي وٺڻ واري کي خبر، سندن ڪوشش ۽ مالي مدد سان ڪيترن ئي غريبن جو اولاد پڙهي اعليٰ عهدن تي پهتو. ننڍي وڏي سان پيار ڪندڙ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ هئا. ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ ۾ سندن هڪ سياسي اڳواڻ توڙي اديب، شاعر جي حيثيت سان وڏو ڪردار رهيو، سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ پڻ سندن ڪردار نمايان رهيو.
پاڻ سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ڏنا، شاعري جي هر صنف تي کين عبور حاصل هو. پاڻ ملڪ جا مشھور شاعر ليکڪ مفڪر عالم سگھڙ روحاني شخصيت سماج سڌارڪ غريبن جا ھڏڏوکي هئا. غريبن سان پيار ڪندا هئا فقيراڻي رنگ ۾ رڱيل هئا. پاڻ ادب فن ثقافت صحافت لوڪ ادب جي سدائين سرپرستي ڪئي. غريب اديبن، شاعرن، سگھڙن، فنڪارن، سازيندن ۽ ملھه پھلوانن جي مدد ڪندا هئا.