بلاگنئون

تيل جو بحران ۽ مظلوم عوام…!؟

دنيا هن وقت سياسي، معاشي ۽ فوجي ڇڪتاڻ جي هڪ اهڙي دور مان گذري رهي آهي جتي اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران جي ھلندڙ جنگ ھاڻ سڄي دنيا کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻيندي وڃي ٿي آهستي آهستي پوري دنيا ۾ مهانگائيءَ جو طوفان اڀري پيو آھي، جيڪو ھوريان ھوريان دنيا لاءِ وڏي تباھي جو باعث بڻجندو پيو وڃي. عالمي دنيا جو ھاڻ نظام ايترو ڳنڍيل آهي، جو هڪ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ بحران چند ڪلاڪن يا ڏينهن اندر عالمي مارڪيٽن، معيشتن ۽ سماجن تي اثر انداز ٿيڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. خاص طور تي جڏهن ڳالهه توانائي، تيل ۽ گئس جهڙن اهم وسيلن جي هجي ته پوءِ ڪنهن به جنگ يا سياسي بحران جا اثر سڌي طرح عالمي معيشت تي پون ٿا. ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ جنگي ماحول نه صرف ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا کي متاثر ڪيو آهي، پر پوري وچ اوڀر کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. “نار وارو لڪ” دنيا جي سڀ کان اهم تيل جي سامونڊي گذرگاهن مان هڪ آهي. هي سامونڊي رستو خليج فارس کي بحرِ عمان ۽ پوءِ بحرِ عرب سان ملائي ٿو. ھاڻ جڏھن ايران نار واري رستي کي اعلان ڪري بند ڪري ڇڏيو آهي ته ھتان ڪوبه تيل جو جھاز گذرندو ته ان کي ختم ڪري ڇڏينداسين ته ھاڻ دنيا ۾ تيل جي کوٽ پيدا ٿيڻ شروع ٿئي وئي آهي. دنيا جي وڏي حصي کي تيل ۽ گئس جي فراهمي جي گذر گاھ  نار وارو لڪ آهي، تنهنڪري جڏهن هن خطي ۾ جنگ جي ڪري ايران پابندي مڙھي ڇڏي آھي ته دنيا اندر معاشي توانائيءَ جو بحران وڏي تيزي سان پکڙجي رھيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون تيزي سان وڌي ويون آهن. اهڙي صورتحال ۾ اهي ملڪ جيڪي پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ ٻاهرين ملڪن تي ڀاڙين ٿا، انهن جي معيشت تي وڏو دٻاءُ پوي ٿو. پاڪستان به انهن ملڪن مان هڪ آهي جيڪي پنهنجي ضرورت جو وڏو حصو تيل ۽ پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪري ٿو. ملڪ اندر توانائي جا ڪجهه وسيلا ضرور موجود آهن، جهڙوڪ: گئس، ڪوئلو ۽ هائيڊرو پاور، پر اڃان تائين ٽرانسپورٽ ۽ ڪيترن صنعتي شعبن لاءِ تيل تي وڏو دارومدار آهي. تنهن ڪري جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿئي ٿو ته پاڪستان کي به وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي ۽ ان جو سڌو اثر ملڪ جي معيشت ۽ عوام جي زندگي تي پوي ٿو. تيل جديد دنيا جي ترقي جو بنيادي عنصر آهي. صنعتون، ڪارخانا، ٽرانسپورٽ، زراعت، مواصلات ۽ گهريلو استعمال سڀ ڪجهه تيل تي ڀاڙي ٿو. جيڪڏهن تيل مهانگو ٿي وڃي ته پيٽرول ڊيزل يا معيشت جا سڀئي شعبا متاثر ٿيندا آهن. پاڪستان لاءِ توانائي جي قيمتن ۾ واڌ هڪ وڏو مسئلو بڻجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هتي اڳ ئي معاشي استحڪام جي کوٽ، بيروزگاري، ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ مهانگائي جهڙا مسئلا موجود آهن.

تازي صورتحال ۾ پاڪستان حڪومت هفتيوار بنيادن تي پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون روائيز ڪندي پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي جي قيمتن ۾ في ليٽر 55 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي. هن اعلان کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 321.17 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 335.86 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي سبب ملڪ اندر به قيمتون وڌائڻيون پيون آهن. جنهن کانپوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ماڻهن ۾ پريشاني ۽ بيچيني ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. ھڪ رمضان المبارڪ جو مھينو ٻيو مٿان عيد ويجھي ان وقت حڪومت کي اهڙي حساس وقت ۾ عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي ها نه ته انهن تي وڌيڪ معاشي بار وڌائڻ گهرجي ها. خاص طور تي جڏهن اڳ ئي ملڪ ۾ مهانگائي پنهنجي عروج تي پهتل آهي ۽ عام ماڻهو لاءِ روزمره جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ سان نه صرف گاڏيون هلائڻ مهانگيون ٿي وينديون آهن، پر تقريبن هر شيءِ جي قيمت تي اثر پوندو آھي. حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت طرفان اهو بيان سامھون آيو هو ته ملڪ ۾ لڳ ڀڳ اٺاويهن ڏينهن جو پيٽرول جو ذخيرو موجود آهي. جيڪڏهن واقعي ايترو وڏو اسٽاڪ موجود هو ته پوءِ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اوچتو قيمتن ۾ اهڙي وڏي واڌ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. منھنجو خيال آهي ته جيڪڏهن اسٽاڪ موجود هو ته گهٽ ۾گهٽ اهو پراڻي قيمت تي عوام کي مهيا ڪيو وڃي ها، عيد تائين خير عافيت سان ھن مظلوم عوام کي عزت جي زندگي گذارڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي ھا يا ڪجهه وقت تائين قيمتون برقرار رکيون وڃن ها ته جيئن ماڻهن کي ٿورو رليف ملي سگهي ها. پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جو اثر صرف ٽرانسپورٽ تائين محدود نه هوندو آهي. جديد معيشت ۾ تقريبن هر اقتصادي سرگرمي پيٽروليم مصنوعات سان جڙيل آهي. ٽرانسپورٽ جو سڄو نظام پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندو آهي، جنهن جي ذريعي کاڌي پيتي جون شيون، زرعي پيداوار، ڪارخانن جو سامان ۽ ٻين ضرورتن جون شيون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪيون وينديون آهن. جڏهن ٽرانسپورٽ جو خرچ وڌي ويندو آهي ته واپاري اهو اضافي خرچ سامان جي قيمتن ۾ شامل ڪري ڇڏيندا آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته عام ماڻهو کي هر شيءِ مهانگي خريد ڪرڻي پوندي آهي يا فاقا ڪشي جو شڪار ٿيندو آهي. زرعي شعبي تي به پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ جو وڏو اثر پوي ٿو. پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي جتي هارين کي پنهنجن فصلن جي پوک، پاڻي ڏيڻ ۽ ڪٽائي لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٻين مشينن جي ضرورت پوندي آهي، جيڪي گهڻو ڪري ڊيزل تي هلن ٿا. جڏهن ڊيزل مهانگو ٿيندو آهي ته زرعي پيداوار جو خرچ وڌي ويندو آهي. نتيجي طور مارڪيٽ ۾ ملندڙ خوراڪ جهڙوڪ: اٽو، ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻين شين جون قيمتون وڌي وينديون آهن. اهڙي طرح مهانگائي جو هڪ نئون طوفان پيدا ٿي ويندو آهي، جيڪو عوام جي زندگي کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيندو آهي. ان کان علاوه پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ جو اثر روزگار تي به پوي ٿو. ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پنهنجي روزگار لاءِ موٽرسائيڪل، رڪشا، ٽيڪسي يا لوڊر گاڏي استعمال ڪندا آهن. جڏهن پيٽرول مهانگو ٿيندو آهي ته انهن جو روزانو خرچ وڌي ويندو آهي ۽ سندن آمدني گهٽجي ويندي آهي. ڪيترن ئي ماڻهن جي ڪراين ۾ اضافو ٿئي ٿو، گھٽ پگهار مٿان ھر شيءِ مهانگي ھڪ ڪمائيندڙ پنج کائيندڙ مزدور ڇا ڇا ڪري. اهو به ڏٺو ويو آهي ته جڏهن پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌنديون آهن ته شهري ٽرانسپورٽ جو نظام به متاثر ٿيندو آهي. بسون، ويگنون ۽ رڪشائون پنهنجا ڪرايا وڌائي ڇڏينديون آهن، جنهن ڪري روزانو ڪم تي وڃڻ وارن ماڻهن لاءِ سفر مهانگو ٿي ويندو آهي. مزدور، ملازم ۽ شاگرد سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن جي آمدني محدود هوندي آهي، جڏهن ته خرچ مسلسل وڌندا رهندا آهن.

هاڻي صورتحال وڌيڪ حساس ان ڪري به آهي جو هن وقت رمضان المبارڪ جو مهينو جاري آهي ۽ عيد ويجهي اچي رهي آهي. رمضان دوران عام طور تي ماڻهن جي خرچن ۾ اضافو کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون اڳ ئي آسمان سان پھتل ھيون ھاڻ ھن پيٽروليم قيمتن ۾ اضافي سان اڃان ويتر روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن کان ويندي ٽرانسپورٽ سڀ مهانگائي جي ور چڙھي وينديون، ڪرايا وڌي ويندا، ماڻھو جيڪي پنھنجي پيارن سان عيد ڪرڻ ايندا يا ويندا آهن اهي به مصيبت جي ور چڙھي ويا. ٽرانسپورٽرن کي ڀاڙا وڌائڻ جو بهانو ملي ويو. عوام پريشان حڪومت بيان بازي ۾ مصروف ۽ فوٽو سيشن ڪرائي رهي آهي. اهڙي وقت ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ آزمائش بڻجي وئي آهي. غريب طبقو اڳ ئي مهانگائي سبب سخت پريشاني ۾ آهي. ڪيترن ئي ماڻھن جي  خاندانن جي آمدني محدود آهي. جڏهن ته شين جي وڌندڙ قيمتن سبب خرچ مسلسل وڌندا پيا وڃن. بيروزگاري مهانگائي بدامني ملڪ اندر اڳ ئي عروج تي پھتل ھئي، ھاڻ ويتر پتو ناھي ته ڇا ٿيندو.

اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي جيڪڏهن توانائي جون قيمتون مسلسل وڌنديون رهيون ته ان جو اثر ملڪ جي مجموعي معاشي ترقي تي به پوندو. صنعتون مهانگي پيداوار سبب مقابلي جي قابل نه رهنديون جنهن ڪري برآمدات ۾ به گهٽتائي اچي سگهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ بيروزگاري به وڌندي ۽ پوءِ امڪاني معاشي بدحالي پيدا ٿيندي. انهيءَ صورتحال ۾ حڪومت جي ذميداري وڌي وڃي ٿي ته هو عوام جي مسئلن کي سمجهي ۽ انهن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي. حڪومت وٽ ڪيترائي اهڙا طريقا موجود آهن جن سان عوام تي پوندڙ معاشي بار کي گهٽائي سگهجي ٿو. مثال طور: حڪومت ڪجهه وقت لاءِ پيٽروليم مصنوعات تي لڳل ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪري سگهي ٿي يا عوام کي سبسڊي مهيا ڪري سگهي ٿي. ساڳئي وقت ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جي به ضرورت آهي. پاڪستان کي پنهنجي توانائي جي شعبي ۾ اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جن سان ملڪ جي توانائيءَ جو انحصار درآمدي تيل تان گهٽائي متبادل توانائي جهڙوڪ شمسي توانائي، هوائي توانائي ۽ هائيڊرو پاور تي منتقل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهڙن بحرانن کان بچي سگهجي.

پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ رڳو هڪ معاشي فيصلو نه، پر هڪ اهڙو قدم آهي جنهن جا اثر سماج جي هر طبقي تي پون ٿا. تنهنڪري حڪومت کي اهڙن فيصلن کان اڳ عوامي حالتن جو مڪمل جائزو وٺڻ گهرجي. ھن وقت ملڪ جي حالت امن امان جي حساب سان ڳڻتيءَ جوڳي آهي ۽ هاڻي مهانگائي جي ڪري عوام جي حالت به ڳڻتي جوڳي آھي. اتي وري پيٽرول جي قيمتن مٿان ھڪ نئون معاشي بحران کڙو ڪيو آهي. اتي ئي ٻئي پاسي ذخيرا اندوزي جي بازار گرم آهي، جنھن به شئي جي کوٽ جو اعلان يا اطلاع ٿيندو آهي ته ذخيره اندوز ان جو فائدو وٺي شين جو اسٽاڪ عام ماڻهن جي لاءِ مهانگو ڪري ڇڏيندا آهن. مون اڄ سڄو ڏينھن اھا ڳالهھ نوٽ ڪئي ته ھڪ پاسي گورنمينٽ صرف اھو چيو ته ملڪ اندر اٺاويهن ڏينھن تائين پيٽروليم مصنوعات جا ذخيرا موجود آھن ٻئي ڏينھن ئي ماڻھن گاڏين جون ٽينڪيون فل ڪرائڻ شروع ڪيون. اڄ شام جڏھن نئين قيمتن جو اعلان ٿيو ته رات ٻارنھن بجي کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 55 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويندو ته پيٽرول پمپن تي رش لڳڻ شروع ٿي وئي. گاڏن جون ڊگھيون قطارون ٻئي پاسي شام کان پيٽرول مالڪن پيٽرول بند ڪري ڇڏيا ته جيئن ھي پيٽرول نئين قيمتن ۾ کپائي سگھون. افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ھڪ عام غريب اڄ به جنھن جي روزانو آمدني پنج کان اٺ سئو آھي، ان جو حال ڇا ھوندو. ان کان سڀاڻي مزدوري تي ويندي واڌو ڪرايو اوڳاڙيو ويندو. ڪٿان ماني جو اٽو گھر جو راشن وٺندو ڪٿان کائيندو، پائڻ جي ته ڳالهه پري آهي. جنھن جي گھر ۾ ٻه معصوم ٻار ھوندا اھو انھن کي ڪيئن خريداري ڪرائيندو، ڪٿان نوان ڪپڙا نوان سينڊل وٺي ڏيندو. افسوس جو انھن سمورن عام ماڻھن لاءِ ڪنھن به نه سوچيو. وڏين گاڏين وارن ٽانڪيون فل ڪرائي ڇڏيون باقي بچيو غريب مزدور موٽرسائيڪل وارو جيڪو روز سئو جو پيٽرول وجھي ڪم ڪار تي ويندڙ عام ماڻھو سو پريشان حال بڻجي ويو. ھي سڄو ٻوجھه سندس ڪلھن تي اچي ويو ۽ پتو ناھي دل مان ڪھڙيون ته آھون نڪرنديون ھوندس. تنهنڪري حڪومت، معاشي ماهرن ۽ سماج جي ٻين ذميوار ادارن کي گڏجي اهڙا حل ڳولڻ گهرجن جيڪي ملڪ کي معاشي استحڪام ڏانهن وٺي وڃن ۽ عوام کي به هڪ بهتر ۽ محفوظ مستقبل فراهم ڪن.