دنيا هن وقت سياسي، معاشي ۽ فوجي ڇڪتاڻ جي هڪ اهڙي دور مان گذري رهي آهي جتي اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران جي ھلندڙ جنگ ھاڻ سڄي دنيا کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻيندي وڃي ٿي آهستي آهستي پوري دنيا ۾ مهانگائيءَ جو طوفان اڀري پيو آھي، جيڪو ھوريان ھوريان دنيا لاءِ وڏي تباھي جو باعث بڻجندو پيو وڃي. عالمي دنيا جو ھاڻ نظام ايترو ڳنڍيل آهي، جو هڪ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ بحران چند ڪلاڪن يا ڏينهن اندر عالمي مارڪيٽن، معيشتن ۽ سماجن تي اثر انداز ٿيڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. خاص طور تي جڏهن ڳالهه توانائي، تيل ۽ گئس جهڙن اهم وسيلن جي هجي ته پوءِ ڪنهن به جنگ يا سياسي بحران جا اثر سڌي طرح عالمي معيشت تي پون ٿا. ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ جنگي ماحول نه صرف ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا کي متاثر ڪيو آهي، پر پوري وچ اوڀر کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. “نار وارو لڪ” دنيا جي سڀ کان اهم تيل جي سامونڊي گذرگاهن مان هڪ آهي. هي سامونڊي رستو خليج فارس کي بحرِ عمان ۽ پوءِ بحرِ عرب سان ملائي ٿو. ھاڻ جڏھن ايران نار واري رستي کي اعلان ڪري بند ڪري ڇڏيو آهي ته ھتان ڪوبه تيل جو جھاز گذرندو ته ان کي ختم ڪري ڇڏينداسين ته ھاڻ دنيا ۾ تيل جي کوٽ پيدا ٿيڻ شروع ٿئي وئي آهي. دنيا جي وڏي حصي کي تيل ۽ گئس جي فراهمي جي گذر گاھ نار وارو لڪ آهي، تنهنڪري جڏهن هن خطي ۾ جنگ جي ڪري ايران پابندي مڙھي ڇڏي آھي ته دنيا اندر معاشي توانائيءَ جو بحران وڏي تيزي سان پکڙجي رھيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون تيزي سان وڌي ويون آهن. اهڙي صورتحال ۾ اهي ملڪ جيڪي پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ ٻاهرين ملڪن تي ڀاڙين ٿا، انهن جي معيشت تي وڏو دٻاءُ پوي ٿو. پاڪستان به انهن ملڪن مان هڪ آهي جيڪي پنهنجي ضرورت جو وڏو حصو تيل ۽ پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪري ٿو. ملڪ اندر توانائي جا ڪجهه وسيلا ضرور موجود آهن، جهڙوڪ: گئس، ڪوئلو ۽ هائيڊرو پاور، پر اڃان تائين ٽرانسپورٽ ۽ ڪيترن صنعتي شعبن لاءِ تيل تي وڏو دارومدار آهي. تنهن ڪري جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿئي ٿو ته پاڪستان کي به وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي ۽ ان جو سڌو اثر ملڪ جي معيشت ۽ عوام جي زندگي تي پوي ٿو. تيل جديد دنيا جي ترقي جو بنيادي عنصر آهي. صنعتون، ڪارخانا، ٽرانسپورٽ، زراعت، مواصلات ۽ گهريلو استعمال سڀ ڪجهه تيل تي ڀاڙي ٿو. جيڪڏهن تيل مهانگو ٿي وڃي ته پيٽرول ڊيزل يا معيشت جا سڀئي شعبا متاثر ٿيندا آهن. پاڪستان لاءِ توانائي جي قيمتن ۾ واڌ هڪ وڏو مسئلو بڻجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هتي اڳ ئي معاشي استحڪام جي کوٽ، بيروزگاري، ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ مهانگائي جهڙا مسئلا موجود آهن.