ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اهڙو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کي صرف واڌ چوڻ نه، پر عوام تي معاشي حملو چوڻ وڌيڪ مناسب لڳي ٿو. تازو جاري ٿيل سرڪاري اعلان موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 335.86 رپيا في ليٽر مان سڌي طرح وڌائي 520.35 رپيا ڪئي وئي آهي، يعني هڪ ئي ڀيري 184.49 رپيا في ليٽر جو واڌارو. ساڳئي طرح پيٽرول جي قيمت 321.17 رپيا مان وڌائي 458.41 رپيا ڪئي وئي آهي، يعني 137.24 رپيا في ليٽر جو اضافو. اهي انگ اکر رڳو عدد نه آهن، پر عوام جي زندگيءَ تي سڌو اثر وجهندڙ حقيقتون آهن. ٿورو سوچيو جيڪو ماڻهو روزانو 5 ليٽر پيٽرول استعمال ڪندو هو، اهو اڳ تقريبن 1600 رپيا خرچ ڪندو هو، هاڻي اهو ئي خرچ وڌي 2300 رپين کان مٿي ٿي ويو آهي، مهيني جي حساب سان اهو اضافو هزارين رپين تائين پهچي ٿو، جيڪو عام ماڻهو لاءِ برداشت کان ٻاهر آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 184 رپين کان وڌيڪ اضافو خاص ڪري زراعت ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ وڏو ڌڪ آهي. سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ جتي اڳ ئي هاري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اتي هاڻي ٽريڪٽر هلائڻ، ٽيوب ويل هلائڻ ۽ فصل جي پوکي لاءِ خرچ ٻيڻو ٿي ويو آهي. نتيجي طور فصل مهانگو ٿيندو، اناج مهانگو ٿيندو ۽ آخرڪار ماني جو ڳاٽو به مهانگو ٿيندو.
ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ به هي اضافو سڌي طرح اثر انداز ٿيندو بس، وين، ٽرڪ ۽ رڪشائن جا ڀاڙا وڌندا، جنهن سان روزانو سفر ڪندڙ مزدور، شاگرد ۽ سرڪاري ملازم سڀ متاثر ٿيندا. هڪ استاد جيڪو روزانو 50 يا 100 ڪلو ميٽر سفر ڪري اسڪول وڃي ٿو، ان لاءِ هاڻي اسڪول وڃڻ به مالي بار بڻجي ويندو. مهانگائي جي زنجير ۾ هي اضافو هڪ نئين ڪڙي آهي، جڏهن پيٽرول مهانگو ٿئي ٿو ته ان سان گڏ ڀاڄيون، ميوا، کير، اٽو، هر شيءِ مهانگي ٿي وڃي ٿي. ڇو ته هر شيءِ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٽرانسپورٽ سان جڙيل آهي. مطلب ته هي صرف پيٽرول جي واڌ ناهي، پر سڄي مارڪيٽ جي قيمتن ۾ باهه لڳائڻ برابر آهي. حڪومت جو موقف آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه وڌي رهيا آهن، تنهنڪري مقامي سطح تي به اضافو ضروري آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت وٽ عوام کي بچائڻ لاءِ ڪو منصوبو آهي؟ ڇا ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي؟ ڇا ڪو سبسڊي پيڪيج ڏنو ويو؟ يا صرف اضافو ڪري ذميواري پوري ڪئي وئي؟ اسان جي ملڪ ۾ اڳ ئي بيروزگاري وڌي رهي آهي، پگهارون ساڳيون آهن، پر خرچ روز وڌي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ هي غير معمولي واڌ عام ماڻهو کي معاشي بحران ۾ ڌڪي رهي آهي. ماڻهو پنهنجا خرچ گهٽائڻ لاءِ مجبور ٿي رهيا آهن، تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادي ضرورتن تي به سمجهوتو ڪرڻو پوي ٿو.
خاص طور تي سنڌ جي علائقن جهڙوڪ: سيوهڻ، ڀان، جهانگارا جهڙن ٻين ڳوٺن ۾، جتي ماڻهو اڳ ئي محدود وسيلن سان زندگي گذاري رهيا آهن، اتي هيءَ مهانگائي زندگي کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي رهي آهي. روزگار جا موقعا گهٽجن ٿا، ڪاروبار سست ٿي وڃي ٿو ۽ غربت ۾ اضافو ٿئي ٿو. حڪومت صرف انگن اکرن جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ بدران عوام جي حالت کي به ڏسي، جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌن ٿا ته ان جو سڄو بار عوام تي وجهڻ انصاف ناهي. حڪومت کي گهرجي ته ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪري، ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪري ۽ متبادل توانائي جي ذريعن تي ڌيان ڏئي، جيئن عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهي. آخر ۾ اهو چوڻ ضروري آهي ته پيٽرول جي هيءَ واڌ رڳو هڪ اقتصادي فيصلو ناهي، پر سماجي اثر رکندڙ قدم آهي. جيڪڏهن هن کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ بيچيني وڌندي ويندي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ سٺي نشاني ناهي. ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سان هاري جو خواب ٽٽي ويو، پيٽرول جي باهه ۾ غريب جو هر آسرو سڙي ويو. هي وقت آزمائش جو آهي، جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته حالتون وڌيڪ بگڙي وينديون.