NICVD وڌيڪ 10 سينٽر کوليندو
NICVD جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم قمر چيو آهي ته سنڌ اندرNICVD جا 10 نوان چيسٽ پين سينٽر کوليا ويندا. ڊاڪٽر نديم وڌيڪ چيو ته هن سال جي آخر تائين صرف ڪراچي اندرNICVD جا 17 سينٽر ٿي ويندا. ڊاڪٽر نديم هي ڳالهيون ورلڊ فارماسٽس ڊي جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ ڪيون. هن تقريب ۾ ڊاڪٽرن، آيل ماڻهن کي بيماري ۾ دوا جي استعمال بابت آگاهي ڏني. ڊاڪٽر نديم چيو ته نوان سينٽر کلڻ سان مين سينٽر تي مريضن جو بار گهٽجي ويندو ۽ انهن کي بهتر علاج ملي سگهندو. هن وقت سينٽرن ذريعي 5 لک مريضن کي مفت دوائون ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب ملڪ ۾ هن وقت هڪ NICVD ئي اهڙو ادارو آهي جيڪو مريضن کي مفت دوائون ڏئي رهيو آهي.

