ايڊيٽوريل

ايڊيٽوريل

قومي اسيمبلي اليڪشن ايڪٽ ۾ تشريحي ترميم منظور ڪري ورتي

اڱاري ڏينهن 06 آگسٽ 2024ع تي قومي اسيمبلي اليڪشن ايڪٽ 2017ع جو تشريحي ۽ ترميمي ايڪٽ ڪثرت راءِ سان منظور ڪري ورتو. اپوزيشن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ ايوان اندر سخت قسم جو احتجاج جاري رکيو، پر بل منظور ٿي ويو. پهرين کان موجود اليڪشن جي قانون جي وڌيڪ تشريح ڪرڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي هي بل پاس ڪيو آهي جيڪو بلال اظهر ۽ زيب جعفري قومي اسيمبليءَ اندر پيش ڪيو هو.

Read More
ايڊيٽوريل

ڪوٽا سسٽم مخالف تحريڪ حسينه واجد جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو

1971ع ۾ پاڪستان کان ٽٽي ڌار ٿيندڙ بنگلاديش جنهن جي معيشت ان وقت تمام گهڻي ڪمزور هئي، پر پهريون دفعو 1996ع ۾ چونڊجي آيل حسينه واجد 2009ع کان 2024ع تائين مسلسل وزيراعظم رهندڙ پنهنجي ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ عام ماڻهو کي روزگار ڏيارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس دور حڪومت ۾ اهڙيون پاليسيون ٺاهيون ويون جنهن سان بنگلاديش لڳاتار معاشي ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندو ايشيا جو هڪ مضبوط معاشي ملڪ بڻجي ويو. سندس دور ۾ غربت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پروگرام ٺاهيا ويا ۽ بنگلاديش ۾ ڪافي حد تائين غربت جو خاتمو ٿيو.

Read More
ايڊيٽوريل

عالمي اداري فچ جي موجوده حڪومت متعلق پيشنگوئي ۽ عوامي خدشا

عالمي اداري فچ موجوده سرڪار جي حقِ حڪمراني کي هڪ طرح سان ڄڻ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن انهيءَ چيو آهي ته موجوده سرڪار پنهنجي آئيني مدت 5 سال بدران 18 مهينا مس ڪڍي سگهندي. اها ڳالهه دلچسپ آهي ته ساڳئي اداري تقريبن 7 مهينن کانپوءِ پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ اسانجي ريٽنگ CCC مان وڌائي CCC+ ڪري ڇڏي آهي، پر ان اداري جي گذريل رپورٽ کي بجلي جي بلن جو بحران، جماعت اسلامي جو ڌرڻو ۽ سياسي عدم استحڪام هڪ طرح سان سچ ثابت ڪري رهيو آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

پئرس اولمپڪس 2024

اونهاري واريون پئرس اولمپڪس 2024 جنهن کي فرانس جي شهر پئرس ۾ منعقد ڪيو ويو آهي. پئرس جيئن ته ميزبان شهر آهي، جنهن جون وڌيڪ رانديون فرانس جي 16 ٻين شهرن ۾ به ٿي رهيون آهن. اولمپڪس دنيا ۾ راندين جو هڪ وڏو موقعو آهي، جيڪو هر چوٿين سال ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ منعقد ٿيندو آهي. هن دفعي پئرس اولمپڪس جون رانديون فرانس ۾ ٿي رهيون آهن.

Read More
ايڊيٽوريل

ملڪ جي کنيل قرضن جي ري پروفائلنگ لاءِ وزيراعظم جي درخواست

جيئن ته وزيراعظم ميان شهباز شريف چين کي خط لکي قرضن جي ري پروفائلنگ جي درخواست ڪئي آهي. وزيراعظم پاڻ جمعي واري ڏينهن ٻڌايو ته هن چين جي حڪومت کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي لاءِ قرضن جي ٻيهر پروفائلنگ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جيئن بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان ايندڙ مهيني 7 ارب ڊالرن جي اقتصادي بيل آئوٽ پئڪيج جي منظوري حاصل ڪري سگهي.

Read More
ايڊيٽوريل

عالمي اداري فچ جي موجوده حڪومت متعلق پيشنگوئي ۽ عوامي خدشا

عالمي اداري فچ موجوده سرڪار جي حقِ حڪمراني کي هڪ طرح سان ڄڻ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن انهيءَ چيو آهي ته موجوده سرڪار پنهنجي آئيني مدت 5 سال بدران 18 مهينا مس ڪڍي سگهندي. اها ڳالهه دلچسپ آهي ته ساڳئي اداري تقريبن 7 مهينن کانپوءِ پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ اسانجي ريٽنگCCC مان وڌائيCCC+ ڪري ڇڏي آهي، پر ان اداري جي گذريل رپورٽ کي بجلي جي بلن جو بحران، جماعت اسلامي جو ڌرڻو ۽ سياسي عدم استحڪام هڪ طرح سان سچ ثابت ڪري رهيو آهي. چيو وڃي ٿو ته ان ايجنسيءَ جا تجزيا، تجويزون ۽ پيشنگويون گهڻو ڪري درست ثابت ٿينديون رهيون آهن.

Read More
ايڊيٽوريل

حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن طرفان 2024-2025 جو ترقياتي بجيٽ منظور

سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر حيدرآباد جيڪو ڪنهن وقت ۾ هڪ صاف سٿرو ۽ خوبصورت شهر هو، ان جي سال 2024-2025 جي لاءِ ميونسپل ڪارپوريشن پنج ارب 65 ڪروڙ جي بجيٽ منظور ڪئي آهي. بجيٽ اجلاس ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ڪجهه هٿن جو استعمال به ٿيو.

Read More
ايڊيٽوريل

اسرائيل هٿان حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه تهران ۾ قتل

31 جولاءِ 2024ع تي تهران ۾ اسرائيل اسماعيل هانيه کي جيڪو اتي نئين چونڊيل صدر مسعود پيزشڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هو ان کي ميزائل حملي سان شهيد ڪري ڇڏيو. اسرائيل جي دهشتگردي هاڻي ڪنهن به ملڪ کان لڪل ناهي رهي جو هن 7 آڪٽوبر 2023ع تي حماس جي حملي کانپوءِ مسلسل غزا تي حملا ڪري 92 هزار کان وڌيڪ بيگناهه مردن، عورتن ۽ ٻارن کي شهيد ڪري چڪو آهي. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ غزه جي پٽيءَ ۾ موجود زنده ماڻهو پڻ مئلن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سندس دهشتگردي جي انتها اها آهي جو هاڻي هو اها جنگ غزا ۽ اسرائيل جي حدن کان ٻاهر ڪڍي ٻين اسلامي ملڪن تائين پهچي چڪو آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

توانائي بحران تي قابو پائڻ لاءِ مستقل حل گهرجي

ملڪ جو بجلي جو شعبو ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. بجلي جيئن ته ماڻهوءَ جي بنيادي ضرورت آهي ۽ انهيءَ ضرورت کي ڏينهون ڏينهن ماڻهوءَ جي پهچ کان پري ڪيو پيو وڃي. ڳرا بل آهن، جيڪي ماڻهن کان وصول ڪيا پيا وڃن. توانائي جو شعبو جيئن چاهي ٿو تيئن قيمتون مقرر ڪري ٿو. گذريل پنجن سالن ۾ ماڻهن کان بجلي جي بلن جي صورت ۾ 6 کرب روپيا وصول ڪيا ويا آهن.

Read More
ايڊيٽوريل

تعليم يافته ۽ باشعور عورت ئي سماج جي وحشت کان پنهنجو بچاءُ ڪري سگهي ٿي

عورت جو قتلِ عام ۽ گهريلو تشدد هاڻي ڪا نئين خبر يا ڳالهه نه رهي آهي. روزانو اخبارن ۾، سوشل ميڊيا تي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهڙيون خبرون هلنديون رهن ٿيون ته پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي سندن مائٽن قتل ڪري ڇڏيو، سئوٽ سان شاديءَ کان انڪار ڪرڻ تي سئوٽ ڇوڪريءَ کي ننڊ ۾ قتل ڪري ڇڏيو.

Read More