ايڊيٽوريل

ايڊيٽوريل

فيض حميد جو ڪورٽ مارشل هڪ خاموش انقلاب جي شروعات

دنيا جي تاريخ ۾ اهڙو ڪوبه مثال نٿو ملي ته ڪنهن ملڪ جي ڳجهي اداري جي سربراهه کي گرفتار ڪيو ويو هجي. اهڙو مثال قائم ٿيو آهي سو به پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾. انهيءَ ڪري اهو چيو ٿو وڃي ته اسان وٽ هڪ اڻ ٿيڻي ٿي آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

روس-يوڪرين جنگ جو بدلجندڙ منظر نامو

يوڪرين جي سربراهه زيلنسڪي اهو چئي سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ته يوڪرين روس جي اندر پنهنجي قبضي کي مستحڪم بڻائي رهيو آهي. يوڪرين جي پاران اهو به چيو ويو ته ان جي فوج ٻي جنگ عظيم کانپوءِ روس ۾ سڀني کان وڏي فتح حاصل ڪئي آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

پيٽرول جي اگهه ۾ ايندڙ پندرهن ڏينهن جي لاءِ لاٿ

وفاقي سرڪار ايندڙ پندرهن ڏينهن جي لاءِ اوگرا جي سفارش تي پيٽروليم جي شين جي اگهه ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق پيٽرول 8 رپيا 67 پئسا ۽ ڊيزل تقريبن 7 رپيا سستو ٿي ويو آهي. وفاقي سرڪار انهيءَ لاٿ کي پاڪستان جي عوام جي لاءِ 14 آگسٽ جو تحفو چئي رهي آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

14 آگسٽ، آئين پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو

اڄ اسين ملڪ جي تاريخ جو 77 هون آزاديءَ جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. پوري پاڪستان جي عوام کي آزاديءَ جون واڌايون. يقينن آزادي نعمت آهي، پر ڇا ان نعمت مان پوري پاڪستان جي عوام کي فائدو ٿيو آهي؟ اهو سوال اسان ملڪ ۾ حڪومت اندر ويٺل ماڻهن ۽ رياستي ادارن جي اهم عهديدارن لاءِ رکون ٿا.

Read More
ايڊيٽوريل

نئين اقتصادي منصوبي جي آجيان ڪجي ٿي

توقع آهي ته ملڪ جو وزيراعظم شهباز شريف 14 آگسٽ تي هڪ نئين اقتصادي منصوبي جو اعلان ڪندو، جنهن ۾ برآمدات جي لاءِ بنيادي اصول طئي ڪيا ويا آهن ۽ ڏهاڪن کان پراڻي اقتصادي رڪاوٽن کي دور ڪري واپار ۽ صنعت کي آزاديءَ وارو ماحول فراهم ڪيو ويندو.

Read More
ايڊيٽوريل

عالمي مالياتي ماحول جا اسان جي ملڪ تي پوندڙ اثر

دنيا ۾ گذريل ڪجهه سالن کان ڪاروباري ۽ مالياتي معاملن ۾ هيٺانهيون مٿانهيون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن، انهن جا واضح سبب آهن، پر تازو آمريڪي اسٽاڪ ايڪسچينج وال اسٽريٽ ۾ ٿيل ڪاروبار ۾ ڪساد بازاري جا نشان نظر اچي رهيا آهن. وال اسٽريٽ ۾ جيڪڏهن ڪجهه به ٿيندو ته پوءِ عالمي مالياتي مارڪيٽ به هيٺانهين مٿانهين جو شڪار ٿي وينديون آهن.

Read More
ايڊيٽوريل

ملڪ ۾ مهانگائي، عام ماڻهو جي زندگي عذاب ۾

اسان جي معاشري جنهن ۾ گهڻائي مسئلا آهن، پر سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي جيڪو ڪجهه سالن کان ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي انهيءَ مسئلي جيڪو اضطراب ماڻهن جي ذهنن ۾ پيدا ڪيو آهي انهيءَ جو حل صرف سرڪار وٽ آهي جنهن کي اهو حل ڪڍڻ گهرجي. هن وقت اسان جي معاشري ۾ سفيد پوش ماڻهن جو ڀرم ٽٽي رهيو آهي. تازو هڪ سروي انهيءَ ڏکوئيندڙ صورتحال کي بيان ڪيو آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

ارشد نديم جو گولڊ ميڊل ۽ بلاول ڀٽو جون پارليامينٽ ۾ تجويزون

راندين جي صنعت هڪ تمام وڏي شاندار صنعت آهي، جنهن ۾ تمام گهڻو پئسو موجود آهي. دنيا جا ڪيترائي ملڪ صرف راندين جا مقابلا ڪرائي راندين جا ميدان ٺهرائي ۽ رانديگر پيدا ڪري پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪري رهيا آهن، پر ڏک جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي نوجوان آباديءَ جو انگ 60 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي، پر حڪومت انهن لاءِ اهڙا ڪي به ادارا نه جوڙيا آهن جتي اهي مختلف رانديون کيڏي ميرٽ تي اڳيان اچي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ۽ ملڪ لاءِ وڏا وڏا ٽائيٽل کٽي سگهن.

Read More
ايڊيٽوريل

دوست ملڪن جو پاڪستان جي مالياتي شعبي ۾ تعاون

پاڪستان، چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کان رهيل قرضن جي مدي ۾ واڌ جي پڪ حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 7 ارب ڊالر قرض جي پروگرام لاءِ انهيءَ پروفائلنگ جي ضرورت هئي. ملڪ جي خزاني واري وزارت چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ قرضن ۾ حاصل ٿيل سهولتن جو اقرار ڪيو آهي ۽ انهيءَ سڄي عمل کان عالمي مالياتي اداري انٽرنيشنل مالياتي فنڊ کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

Read More