ايڊيٽوريل

ايڊيٽوريل

بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي نئين لهر ۽ حڪومتي پاليسي

پنهنجي ملڪ جي امن امان جي مجموعي صورتحال بهتر نه رهي آهي. خاص طور تي بلوچستان صوبي اندر بدامني جو جن قابو ۾ اچڻ جو نالو نٿو وٺي. گذريل رات پڻ بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ دهشتگردي جي ظالماڻي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 23 معصوم ۽ بيگناهه ماڻهو بسن ۽ ٽرڪن مان لاهي انهن جي نشاندهي ڪري ته انهن جو تعلق پنجاب صوبي سان آهي انهن کي شهيد ڪيو ويو، قلات ضلعي ۾ سيڪيورٽي جي عملي تي حملو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ سب انسپيڪٽر پوليس جو، ليويز جا اهلڪار ۽ ڪجهه سويلين ماڻهو مجموعي طور تي 10 ماڻهو مارجي ويا. ريلوي ٽريڪ کي پڻ دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو. بم بلاسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ بولان جي علائقي ۾ ريلوي پل جو هڪ حصو تباهه ٿي ويو جنهن جي ڪري ڪوئيٽا جو ريلوي ذريعي ملڪ سان ڳانڍاپو ختم ٿي ويو.

Read More
ايڊيٽوريل

حيدرآباد ۾ ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق

لاڳيتو پوليو جي خاتمي تي هلايل مهمن جي باوجود حيدرآباد شهر ۾ اڍائي سالن جي ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. اسان وٽ جيئن ته پوليو جي خاتمي لاءِ هڪ مڪمل نظام ڪم ڪري رهيو آهي. وفاقي ۽ صوبائي صحت کاتا انهيءَ سلسلي ۾ لاڳيتو ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن پوليو جي پکيڙ کي روڪي سگهجي. وزيراعظم آفيس ۾ پوليو جي خاتمي واري فوڪل پرسن عائشه رضا فاروقي جو چوڻ آهي ته پوليو وائرس جو وجود ڪٿي به هجي هر ٻار لاءِ خطرو آهي. انهيءَ لاءِ صوبن سان مشاورت جاري آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل دهشتگردي

اڪثر ايجادون سٺي مقصد لاءِ هونديون آهن، پر غلط سوچ رکڻ وارا ماڻهو اهڙين ايجادن جو غلط استعمال ڪري ان ايجاد کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ ان جو صحيح استعمال ڪندڙ ماڻهن لاءِ به پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويندا آهن. ايئن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي ايجاد به انسان جي ڀلائي لاءِ ئي ڪئي وئي آهي، پر ٿيو ايئن آهي ته انهن ٻنهي ايجادن ۽ اوزارن کي فساد ۽ دهشتگرديءَ لاءِ به استعمال ڪيو پيو وڃي.

Read More
ايڊيٽوريل

سپريم ڪورٽ پاڪستان ملڪ ۽ قوم کي انتشار کان بچائي ورتو

سپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ هڪ شخص نالي مبارڪ ثاني جي ضمانت جي حوالي سان ٿيندڙ فيصلن جي ڪري ملڪ اندر انتشار جو ماحول جڙي رهيو هو. مذهبي عالم ۽ مذهبي اڳواڻ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندڙ انهيءَ فيصلي جي شديد مخالفت ڪري رهيا هئا. هڪ سياسي پارٽي پڻ ان سڄي صورتحال مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته ڪهڙي به نموني سندن ڪاوڙ جيڪا چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان آهي اها ٻاهر نڪري.

Read More
ايڊيٽوريل

وفاقي حڪومت ۽ ملڪ جي ادارن ۾ هم آهنگي

وزيراعظم ميان شهباز شريف قومي يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي تمام اهم ڳالهيون ڪيون آهن، جن جو ملڪي ۽ بين الاقوامي معاملن سان سڌو تعلق آهي. هو جڏهن نوجوانن سان ڳالهائي رهيو هو ته هن ڄڻ پنهنجي حڪومت جي پاليسيءَ کي واضح ڪيو.

Read More
ايڊيٽوريل

ايران جي شهر يزد ۾ زائرين جي بس سان دل ڏاريندڙ حادثو

لاڙڪاڻي کان ڪربلا (عراق) ويندڙ زائرين جي بس ايران جي شهر يزد لڳ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 35 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا ويا، ڪيترائي زائرين زخمي ٿيا آهن جن مان گهڻن جي حالت تشويشناڪ آهي، انهن کي يزد شهر جي اسپتال ۾ علاج مهيا ڪيو پيو وڃي.

Read More
ايڊيٽوريل

غزه ۾ جنگ بنديءَ لاءِ مذاڪرات

قطر جي گاديءَ واري شهر دوحه ۾ فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بنديءَ متعلق مذاڪرات ٿي رهيا آهن. انهن ڳالهين ٻولهين ۾ آمريڪا، قطر ۽ مصر ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ بندي ٿي سگهي ۽ غزه جي الميي جو ڪو حل نڪري سگهي.

Read More
ايڊيٽوريل

سيپرا (SEPRA) جو قيام سنڌ حڪومت جو هڪ انقلابي قدم

ميڊيا جو ڪم حڪومتي ڪاروهنوار تي نظر رکڻ هوندو آهي. جيڪڏهن حڪومت عوام جي مفاد ۾ ڪم نٿي ڪري ته ان تي بلا شڪ سخت تنقيد ٿيڻ گهرجي، پر جيڪڏهن حڪومت جو ڪو قدم بهتر هجي ته انهيءَ جي ساراهه ڪرڻ به ميڊيا جو فرض آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

سنڌ جي اسڪولن ۾ ست هزار استاد غيرحاضر آهن، ذميدار ڪير؟

چوندا آهن ته ڪنهن گهر جي خوشحالي جانچڻي هجي ته ان جي رڌڻي ۾ ٿيندڙ رڌ پچاءُ کي ڏسجي ته ڪيترا ۽ ڪهڙا طعام روز رڌجن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪنهن گهر جي صفائي جانچڻي هجي ته ان گهر جا واش روم ڏسجن ۽ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ جو اندازو لڳائڻو هجي ته اتان جي تعليمي ادارن کي ڏسجي ته اتي استاد ڪيئن پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهن، ڇو ته تعليم پوري سماج جو بنياد رکي ٿي.

Read More