ايڊيٽوريل

ايڊيٽوريل

ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران قرض جي منظوري ۽ معاشي لاها چاڙها

ملڪ جون مالي حالتون بهتر ٿيندي محسوس ٿي رهيون آهن، لڳي ٿو ته عالمي مالياتي ادارن جو اسان تي اعتماد وڌي رهيو آهي. ملڪ جي خزاني ۽ مالي معاملن جي پاليسي ڪامياب ٿي رهي آهي ۽ ضروري اصلاحات جيڪي عالمي ادارن کي گهربل هيون اهي اسان ڪري ورتا آهن.

Read More
ايڊيٽوريل

سپريم ڪورٽ جو ماحولياتي آلودگي جي خلاف حڪم

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ماحولياتي آلودگيءَ جو سبب بڻجڻ واري اسٽون ڪرشنگ پلانٽس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ 11 جولاءِ تي ٿيل ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامون جاري ڪيو آهي، جنهن کي محترم جسٽس منصور علي شاهه تحرير ڪيو آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

سينيٽ جي قائمه ڪميٽي براءِ توانائي آءِ پي پيز جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو

عوام پنهنجي حقن جي لاءِ جڏهن به پاڻ ۾ گڏجي هڪ آواز ٿي پنهنجي ڏکن جو اظهار ڪيو آهي ته پوءِ انهيءَ آواز جي سامهون طاغوتي طاقتن گوڏا کوڙيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته اهي طاقتون عوام کي پنهنجن ڏکن تي دانهون ڪرڻ لاءِ گڏجڻ نه ڏينديون آهن

Read More
ايڊيٽوريل

انسانيت کان پري ٿيندڙ سنڌ جو سماج

انسان کي سماجي جانور پڻ چيو وڃي ٿو، ڇو ته انسان جون ضرورتون، جبلتون ۽ ڪيتريون ئي خاصيتون جانورن سان ملن ٿيون، پر انسان سکڻ جي عمل ۽ سوچ کان علاوه ٻين ڪيترين ئي ڳالهين جي ڪري جانورن کان اتم آهي. ان انسان ٻين انسانن سان گڏجي هڪ پرامن ۽ پيار ڪرڻ وارو سماج ٺاهيو آهي، جنهن ۾ هر انسان چاهي ڪمزور هجي يا ڏاڍو، علم وارو هجي يا لاعلم، عورت هجي يا مرد، ٻار هجي يا پوڙهو سڀ گڏجي انهيءَ ٺهيل انساني سماج ۾ آرام واري زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
جڏهن اسان سنڌ جي سماج کي ماضيءَ ۾ ڏسون ٿا ته ان سماج اندر انهن ڳالهين جي اپٽار اسان کي ٻين سماجن کان بهتر نظر اچي ٿي.

Read More
ايڊيٽوريل

پاڪ- افغان بارڊر تي ويزا پاليسي برقرار

جنهن وقت آءِ ايس پي آر جو ميجر جنرل احمد شريف ملڪ جي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي اهو چئي رهيو هو ته پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ هر غير ملڪي ڀلي اهو افغاني ڇو نه هجي ان کي پاڪستان ۾ اچڻ جي لاءِ ويزا وٺڻي پوندي. ڇو ته ڪنهن به ملڪ کي اهو حق آهي ته غير ملڪي ماڻهو کي بغير اجازت جي پنهنجي ملڪ اندر اچڻ کان روڪي.

Read More
ايڊيٽوريل

پاڪستاني قونصل خاني تي حملو قابل مذمت عمل آهي

جرمني ۾ افغان شهرين جو پاڪستان جي قونصل خاني تي حملو پاڪستان جي عوام لاءِ ناقابل قبول آهي ۽ پاڪستان جو عوام اهڙي عمل جي مذمت ڪري ٿو. حڪومت پاڪستان قونصل خاني تي حملي ۾ شامل فردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

بنون واقعي جي حساسيت کي سمجهڻ ملڪي سلامتي لاءِ اهم آهي

طاقتور ادارا جڏهن به آئين کان مٿانهيون پاليسيون ٺاهين ٿا، انهن پاليسين جي ڪري ملڪ ۽ قوم کي هميشه نقصان ڀوڳڻو پيو آهي، پر بجاءِ سبق سکڻ جي طاقتور ڌرين هڪٻئي جي پويان مسلسل غلطيون ڪندي ملڪ جي امن کي اڄ جي صورتحال تائين پهچائي ڇڏيو آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

سنڌ سرڪار کي اسڪولن ۾ هنري تعليم شروع ڪرڻ گهرجي

غربت جو سڌو سنئون تعلق بيروزگاريءَ سان هوندو آهي پنهنجي ملڪ ۾ بيروزگاري جي ڪري ملڪي عوام جو 45 سيڪڙو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿو. سبب اهو ئي آهي ته بيروزگاري ۾ ڏينهون ڏينهن بجاءِ گهٽتائي ٿيڻ جي اضافو ٿي رهيو آهي. صرف 2024ع جي لاءِ پيشنگوئي ٿي آهي ته ان ۾ تقريبن 66 لک ماڻهو وڌيڪ بيروزگار ٿيندا. ملڪ جي ڪل آدمشماريءَ جو صرف 52 سيڪڙو ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي طرح سان ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان واڳيل آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

ڊجيٽل آدمشماريءَ جا نتيجا سنڌ جي ماڻهن لاءِ ناقابل قبول آهن

وفاقي حڪومت گذريل سال جي ٿيل ڊجيٽل آدمشماريءَ جا جيڪي انگ اکر ظاهر ڪيا آهن ان ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي هٿ وٺي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. سنڌ جو سنڌي ڳالهائيندڙ ڪوشش ڪندو آهي ته سندس طرفان مذهب يا ٻوليءَ جي بنياد تي نفرت جو اظهار نه ٿئي. ان جو سبب آهي ته سنڌ جو اصل رهاڪو سنڌي ڳالهائيندڙ جي اندر ۾ هڪ صوفي ۽ انسان دوست ماڻهو رهي ٿو،

Read More