ايڊيٽوريل

ايڊيٽوريل

عالمي اداري فچ جي موجوده حڪومت متعلق پيشنگوئي ۽ عوامي خدشا

موجوده هلندڙ حڪومت آمريڪا جي هڪ ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي جي رپورٽ مطابق ايندڙ ارڙهن مهينن تائين برقرار رهندي ۽ چيو وڃي ٿو ته ان ايجنسيءَ جا تجزيا، تجويزون ۽ پيشنگويون گهڻو ڪري درست ثابت ٿينديون رهيون آهن. فچ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ موجوده حڪومت جي مدي متعلق ڳالهه ڪندي ٻيون به ڳالهيون ڪيون،

Read More
ايڊيٽوريل

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو. آءِ ايم ايف اعلاميو جاري ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 37 مهينن تي مشتمل قرض واري پروگرام تي آماده ٿي ويو آهي، نئين قرض پروگرام جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو.

Read More
ايڊيٽوريل

سنڌ جي عوام لاءِ پيپلز پارٽي جو تحفو 20 لک 20 هزار ايڪڙ زمين ڪمپنيءَ حوالي

سنڌ جي ضلعي خيرپور جي تعلقي نارا ۾ موجود سنڌ صوبي جي سرڪاري زمين مان 20 لک ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو لميٽيڊ ڪمپنيءَ کي زرعي مقصدن جي لاءِ ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه ضلعي ڄامشوري اندر غريب ۽ بيواهه عورتن کي مليل 20 هزار ايڪڙ زمين پڻ ساڳي ڪمپنيءَ جي حوالي ڪرڻ جي لاءِ سنڌ سرڪار قانوني ڪارروائي ڪري رهي آهي. اهڙو انڪشاف سنڌ جي هڪ نالي واري اخبار ۾ ڪيو ويو آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

ملڪ جي سياسي شطرنج تي (ن) ليگ هڪ پيادي وانگر

سياست ڪرڻ سولو ڪم نه آهي، اهو ڪم پنهنجي ملڪ ۾ اڃان به وڌيڪ ڏکيو آهي. جيتوڻيڪ پوري دنيا ۾ سياست اندر اخلاقي اصول نه هوندا آهن، پر پوءِ به ڪنهن حد تائين سياسي اصول ضرور هوندا آهن ۽ انهيءَ ۾ ڪجهه اخلاقيات جو عمل دخل پڻ هوندو آهي، پر اسان وٽ سياست ۾ ڪوبه اصول نه هوندو آهي، ڪابه اخلاقيات نه هوندي آهي. سياست صرف جائز يا ناجائز طاقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندي آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ حوالي سپريم ڪورٽ جو فيصلو، آئيني يا مقبوليت وارو!

سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ مخصوص ۽ اقليتي سيٽن جو فيصلو پنجن جي مقابلي ۾ اٺن ججن جي تناسب سان ٻڌايو ويو آهي. جنهن فيصلي تحت مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ جي حوالي ڪيون ويون آهن. جڏهن چونڊون ٿيون ته ان وقت پي ٽي آءِ جا اميدوار آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهيا هئا.

Read More
ايڊيٽوريل

ڌاڙيلن کي سزا ڏيو زميندار نه بڻايو

سنڌ سرڪار جو وزير داخلا جيڪو وزير قانون پڻ آهي، ان چيو آهي ته سنڌ سرڪار هڪ اهم فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن جي مطابق ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ انهن ڌاڙيلن کي في ماڻهو پنجاهه ايڪڙ سرڪاري زمين ڏني ويندي ته جيئن هو دهشتگردي ڇڏي آبادگار بڻجي وڃي. سندس اهو بيان اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي.

Read More
ايڊيٽوريل

ڇا سنڌ به ڪڏهن روشن ٿيندي؟

وسيلن جي حساب سان ملڪ جي چئني صوبن تي نظر ڦيرائجي ته سنڌ صوبو پهرين نمبر تي نظر اچي ٿو. قدرتي وسيلن سان مالا مال هي صوبو تقريبن پوري ملڪ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو بيٺو آهي. ٽيڪس ڪليڪشن هجي، بندرگاهن جي ڳالهه ڪجي، معدنيات جي ڳالهه ڪجي، گئس جي ذخيرن جي ڳالهه ڪجي، هاڻي ڪوئلي تي پيدا ٿيندڙ بجليءَ جي ڳالهه ڪجي.

Read More
ايڊيٽوريل

سنڌ ۾ زنده دفن ٿيل نياڻيءَ جو ڪيس ڪنهن تي داخل ڪجي؟

خبر آهي ته نوشهروفيروز لڳ ٺارو شاهه جي پاسي ۾ هڪ ظالم، پاڳل، جاهل پيءُ پنهنجي تازي ڄاول نياڻي جنهن جي عمر صرف 15 ڏينهن هئي ان کي ٻوريءَ ۾ بند ڪري قبرستان ۾ کڏ کوٽي جيئرو دفن ڪري ڇڏيو. سبب اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته ان ظالم شخص جيڪو پيءُ چورائڻ جي قابل نه آهي، کيس ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هن ٻارڙيءَ ۾ خون جي ڪمي واري بيماري ٿيليسيميا جي هجڻ جو انديشو آهي، ان ڪري هن ٻارڙيءَ کي علاج جي لاءِ حيدرآباد کڻي وڃو.

Read More
ايڊيٽوريل

بجليءَ جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ

وفاقي وزير توانائي بجليءَ جي اگهه جي واڌ جي سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو چيو ته بجليءَ جي قيمتن ۾ هاڻوڪو اضافو معمولي آهي. وفاقي وزير توانائي ڇاڪاڻ جو وزير آهي کيس ڪابه پرواهه ڪونهي، ان ڪري ان کي بجليءَ جو اضافو معمولي لڳي ٿو، پر سندس اهو بيان ملڪ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. بجليءَ جي بلن عام ماڻهوءَ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي.

Read More