شاهه لطيف جي شارح الحاج رسول بخش ڏيري جو جنم فيبروري 1901ع ڌاري فريد آباد تعلقي ميهڙ ۾ نواز خان ڏيري جي گهر ۾ ٿيو. زمينداري گهر سان واسطو هئس، سندس ننڍپڻ ۾ ئي والد فوت ٿي ويو، مدرسن ۽ اسڪولن مان ڪجهه تعليم پرائي هن پوءِ زمين سنڀالي. زراعت سان گڏ علم ۽ ادب جو شوق هئس، عالمن ۽ اڪابرن جي صحبت ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو، خاص لطيف سرڪار جي ڪلام سان رغبت هيس، سندس وفات 28 جولاءِ 1982ع تي ٿي. جامع مسجد فريد آباد جي ويجهو مدفن آهي، ڏيري رسول بخش جا لطيف شناسي تي لکيل پنج ڪتاب ملن ٿا، جي هن ريت آهن: نئين شرح لطيف: (سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ) لطيف پبليڪشن فريدآباد 1973ع ۾ 593 صفحن تي 2000 ڪاپين تي مشتمل ڳاڙهي رنگ جي خوبصورت ٽائيٽل سان شايع ڪيو، جنهن جو 1995ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور ٻيو ڇاپو شايع ڪيو ۽ پوءِ ٻيا ڌار ڌار ڇاپا ڇپيا آهن. شاهه جو شان: 151 صفحن تي لطيف پبليڪيشن فريد آباد 1980ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جا تعارفي نوٽ فقير امداد علي سرائي، محمد خان مجيدي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق ميمڻ لکيا آهن، (هڪ هزار ڪاپين تي مشتمل هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي تي قيمت ڏهه رپيا لکيل آهي) رسول بخش ڏيري ڀٽ ڌڻيءَ جي رسالي جي خدمت کي دين ۽ دنيا جي ڀلائي سڏيو آهي، سندس موجب ته، ”قومي ۽ عظيم شاعر جو اهم شان آهي ته سندس ڪلام جي فڪر کي اوج ملي سوچ کي واٽ ملي“ هن ڪتاب لکڻ وقت ليکڪ جي عمر تقريبن 80 سال هئي (بحواله فقير امداد علي سرائي) هڪ ڪمزور، نحيف، ضعيف العمر انسان جو لطيفي لنئون جو جذبو صادق هو جو هو آخر تائين هن ڏِسَ ۾ ڪم ڪندو ويو ۽ هو شاهه جي شاعريءَ جي اڻ کٽ ڀنڊار مان هدايت، روحانيت ۽ انسانيت جا سبق چونڊي قرآن پاڪ، حديثِ نبوي ۽ تصوف جي تارازيءَ ۾ توري پيش ڪندو ويو، شاهه جو شان ۾ ٽي مضمون مولانا ثناءُ الله ثنائيءَ جا آهن جن ۾ حافظ شيرازي، امراء القيس ۽ مولانا روميءَ جي ڪلام سان ڀٽائي جي ڪلام جي ڀيٽ ڪيل آهي، هڪ مضمون، ”بوعلي قلندر ۽ ڀٽ جو گهوٽ “، رسول بخش ڏيري جو آهي ۽ ان کانپوءِ ڏيري صاحب جي سر مومل راڻي جي بيتن جي ڪيل شرح صفحي 81 کان 151 تائين آهي، جنهن ۾ ترتيب سان 29 بيت سر مومل راڻي جا آهن ۽ آخر ۾ ڪجهه متفرقه بيتن جي شرح پڻ ساڳئي سر مان ڏنل آهي، ڪيترن لفظن جون مثالن سان سهڻيون معنائون ڏنل آهن، جن سان پڙهندڙ ۽ سمجهندڙ ضرورت متفق ٿيندو. نئين شرح لطيف: (سر آسا) جو پهريون ڇاپو زيب ادبي مرڪز، 412 صفحن تي 1994ع ۾ شايع ڪيو. شرح سر آسا ۽ مومل راڻو: پهريون ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 540 صفحن تي 2011ع ۾ شايع ڪيو، هن ۾ مٿئين سر آسا سان گڏ سر مومل راڻو جي مٿين شرح شامل آهي. عشق جو الاهي مقام: 2021ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ڇپايو جنهن ۾ لطيف سرڪار جي سر آسا جي روحاني رازن ۽ عشق جي حقيقتن بابت سمجهاڻيون آهن، ان کانسواءِ ليکڪ ”سر سريراڳ“ جي شرح ۽ ڪتاب ”سوداگر سمونڊ جا“ پڻ لکيو. هيٺ نئين شرح لطيفي جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو. نئين شرح لطيفي: سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جا الڳ الڳ ڇاپا پڻ ڇپيا آهن. (مون وٽ 1973ع وارو ڪتاب موجود آهي) انهيءَ مطابق سر ڪلياڻ جا ٽي فصل ۽ يمن ڪلياڻ جا ٻه فصل آهن، پهرين ۾ 31 بيت ۽ ٻه وايون ۽ ٻئي ۾ 32 بيت ۽ ٻه وايون ۽ ٽين ۾ 23 بيت ۽ هڪ وائي ۽ ٻئي فصل ۾ 20 بيت ۽ هڪ وائي موجود آهن، هن شرح ۾ شاهه جي بيتن جا روحاني راز، قرآني آيتن، حديثن ۽ تصوف جي حوالي سان تشريح ڪيا ويا آهن، هر هڪ بيت جا عقلي مثال شارح پاران موجود آهن، هر هڪ مشڪل لفظ جي معنيٰ لفظ به لفظ ڏنل آهي، بيتن جو ربط ۽ ڳانڍاپو صالحن جي قولن، اسلامي واقعن ۽ حڪايتن سان ڏيئي موضوع جي اوک ڊوک ڪيل آهي.