اڄ سنڌ جي اهڙي شخصيت جو پروفائل لکي رهيو آهيان، جيڪو سنڌي ادب جو من موجي شخصيت آهي، سندس ذاتي زندگي ۾ سائين جن سمنڊ جيان پنهنجن موجن ۾ خاموشي ۽ پنهنجن جلون سان وهندو ۽ پنهنجن موجن ۾ رهندو آهي، انتهائي سادي ۽ سلڇڻي طبيعت جو مالڪ عزت ۽ ادب سان پيش ايندڙ، نرم مزاجي سندس طبيعت ۾ شامل، ڪچهرين جو ڪوڏيو، کلندو ته سالن جون سانڍيل ڳالهيون ائين کولي رکندو آهي ڄڻ دل ۾ يادگيرين جون هڙون ٻڌل هجنس، اهڙو ئي سائين ادب جي دنيا جو بي تاج بادشاهه آهي، جيڪو سنڌ جو نالي وارو ۽ بهترين ڪهاڻيڪار آهي جيڪو “پير عبيد شاهه راشدي” جي نالي سان بهترين ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ جڳ مشهور آهي. سنڌ جي پراڻي مشهور حويلين واري ڳوٺ پير جهنڊو شريف تعلقي نيو سعيد آباد ضلعي مٽياري جي مشهور گادي نشينى ۽ روحاني شخصيت پنهنجي تر جي وڏي ۽ مشهور زميندار (جيڪي اڃان تائين آهن) “پير سعدالله شاهه راشدي” جي وڏي حويلي ۾ 01 جون 1957 تي ٻن ڀائرن کانپوءِ ٽين نمبر تي وري هڪ پٽڙو جنم وٺي ٿو جنهن جو نالو “عبيدالرحمان شاهه راشدي” رکيو ٿو وڃي، جيڪو اڳتي هلي پنهنجي ادبي نالي “پير عبيد راشدي” جي نالي سان سنڌ ۾ مشهور ٿي ٿو وڃي. پنج ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ جي وچ ۾ ٽيون نمبر سائين پير سعدالزمان شاهه راشدي جو اولاد پير عبيد راشدي به ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جي چار اولادن جو والد صاحب آهي، جيڪي سڀ اعليٰ تعليم يافتا آهن. پير عبيد شاهه راشدي جي تعليم تي نظر وجهجي ته هن پنهنجي پرائمري توڙي سيڪنڊري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ پسگردائي جي اسڪولن مان حاصل ڪئي. جڏهن ته بيچلرز ۽ ماسٽرز جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيون ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان هن انگلش ۽ فرينچ ٻولين ۾ ڊپلوما ڪئي. سائين عبيد راشدي پنهنجن وڏن جي زمينن سان لاڳاپيل رهيو آهي، پر هن ڪجھ وقت لاءِ نئين روشني پروجيڪٽ ۾ SDO جي نوڪري به ڪئي، پر گهڻو عرصو نوڪري نه ڪري سگهيو. پيري مرشدي وارو ڳانڍاپو به راشدي خاندان سان هميشه رهيو آهي ۽ سنڌ جي روحاني درگاهه پير سائين پاڳاري جي گادي نشيني سان وابسته رهيا آهن.