جرمن فلسفي فريڊرڪ نطشي جو هڪ قول آهي ته “پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪيو ۽ هيءَ توهان جي سڀ کان عظيم تخليق هوندي.” ھر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن وقت اهڙو لمحو ضرور اچي ٿو، جنهن وقت اسان پنهنجي موجوده حالت مان خوش يا مطمئن نظر ناهيون ايندا. اهو وقت هوندو آهي جڏهن اسان محسوس ڪندا آهيون ته اسان پنهنجي مڪمل صلاحيتن جو استعمال نه ڪري رهيا آهيون يا اسان جي زندگي ۾ ڪنهن تبديلي جي ضرورت آهي. اهڙي وقت ۾ “پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪرڻ” هڪ اهم عمل ٿي ويندو آهي. هي عمل صرف نئين زندگي شروع ڪرڻ جي ڳالھه ناهي، بلڪه هي هڪ اندروني تبديلي جي طرف اشارو ڪري ٿو. ھڪ انگريز فلاسفر جم رون جو چوڻ آهي ته “جيستائين توهان پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو نٿا ڪريو، تيستائين توهان جي زندگيءَ ۾ تبديلي ناممڪن آهي” ان مان ظاهر ٿيو ته اصل تبديلي ٻاهران نه، پر اندر کان ايندي آهي. جيستائين اسان پنهنجي خيالن، روين ۽ سوچن جو انداز تبديل نٿا ڪريون تيستائين اسان جي دنيا بدلجڻ جا ڪي به امڪان نه آهن. اها حقيقت آهي ته پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪرڻ جو مطلب آهي پنهنجي سوچ ۽ روين کي بهتر بڻائڻ. انسان مخلوق ۾ اشرف ان ڪري آهي جو کيس ٻين جاندارن کان وڌيڪ عقل آهي. هو برائي ۽ ڀلائيءَ کي سمجهي پرکي ۽ ان تي عمل پيرا ٿئي ٿو. اهو اسان جي ذاتي ترقي جو رستو آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجن خوفن، ڪمزورين ۽ ناڪامين کان سکون ٿا ۽ زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. هي اهو بهترين لمحو هوندو آهي جڏهن اسان پنهنجون غلطيون تسليم ڪندا آهيون ۽ انهن مان سکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. امام علي عليه السلام جو فرمان مبارڪ آهي ته “غلطيون انسان کي بهتر بڻائينديون آهن، شرط اهو آهي ته انهن مان سبق سکي” حضرت عمر فاروق رضه جو پڻ قول آهي ته “جنهن پنهنجي غلطين کي سڃاڻي ورتو، اهو اڌ سڌري ويو.” انهن قولن جي روشنيءَ ۾ مان اسان کي پنهنجون غلطيون تسليم ڪرڻ، انهن مان سکڻ ۽ پاڻ کي تبديل ڪرڻ يعني “ٻيهر تخليق ڪرڻ” جو سبق ملي ٿو. اسان کي ٻيهر تخليق ڪرڻ جو عمل صرف مادي ڪاميابي جو ناهي، بلڪه ان ۾ روحانيت، اخلاقيات ۽ ذهني سڪون به شامل آهي. اهو هڪ مسلسل سفر آهي، جيڪو اسان کي خودي جي گهراين ۾ وٺي ويندو آهي. ان سفر ۾ سڀ لاءِ اهم ڳالھه اها آهي ته اسان پنهنجي زندگي جي مقصد کي سمجهون ۽ ان مطابق پنهنجا فيصلا ڪريون.