ادب

ڪتاب تي تبصرونئون

ڪتاب تي تبصرو: سوکيءَ سنگھاريون

سنڌ ۾ جتي ليکڪ ذاتي تعلق کانسواءِ ڪنهن به اديب جو نالو کڻڻ جي زحمت نٿا ڪن، اتي ڪنهن لسانيات جي ماهر جي ڪتاب تي بنا واسطي يا دوستي جي لکڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ غير روايتي ڪم ضرور ليکي سگهجي ٿو. مان سمجهان ٿو ته جيڪو ليکڪ ڪتاب جي اعزازي ڪاپي هٿ ۾ ڏئي ان تي ٻه لفظ ضرور لکڻ کپن. خود منهنجي ٻن ڪتابن کي 14 سال گذري ويا آهن، پر سواءِ ذاتي دوستن جي ڪنهن به نامور اديب طرفان ٻه لفظ لکڻ جي زحمت نه ڪئي وئي آهي، تازو هڪ ڪتاب “ھمعصر سياست ۽ ادب” پڌرو ٿيو، جنهن جون 40 ڪاپيون نامور اديبن کي هٿو هٿ ڏنيون ويون، پر ڪنهن هڪ ليکڪ کي به ٻه لفظ لکڻ جي اخلاقي جرئت نه ٿي سگهي آهي. ان جي باوجود هي لکيل تبصرو سنڌي ادب ۾ هڪ نئين روايت جو سنگ بنياد ثابت ٿي سگهي ٿو. مارڪيٽ ۾ ايندڙ ڪتابن تي اڪابر اديبن طرفان راءِ نه ڏيڻ سان سنڌي ادب جو نقصان ٿي رهيو آهي.

Read More
ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ڪول جو چڪ

ڪار ھن ايندي ئي ڪاوڙ ۾ دڙڪو ڏيندي چيو ته ڪاٿي ھئين معتبر سڄو ڏينهن عيد مبارڪ به ڪونه چئي اٿي ڇو؟
چيم پرائيويٽ ڊيوٽي آھي مصروف ھئس آفيسر تمام ڏنگو ماڻھو آھي موبائل ھلائڻ ناھي ڏيندو ان ڪري عيد مبارڪ ڪونه چئي سگھيس معذرت ڪيان ٿو.

Read More
ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ساحر صاحب (حصو ٻيون)

همراهه پيگ پورو ڪيو ۽ ڇڏيل ڪهاڻي کي اڳيان وڌايائين:
هو بيڊ تي ليٽي عورتن جي دُن بابت سوچڻ لڳو. هن سوچيو انسان جو دُن سان گهرو ڳانڍاپو ٿيندو آهي تڏهن ته جڏهن هو ما جي پيٽان نڪرندو آهي ته ناڙي جي ڪري دُن سان ئي جڙيل هوندو آهي. هو جڏهن يونيورسٽي ۾ فلسفي جو شاگرد هو ته هن دُن جي حوالي سان هڪ عجيب ڳالهه پڙهي هئي. اها مستقبل ۾ ٿيندڙ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ انسان جي بقا جي حوالي سان هئي. انسان دُن بنا انسان ئي نه هجي ها، اهو دُن آهي جيڪو انسان کي اهو بڻائي ٿو جيڪو هو آهي. يونيورسٽي جي انهن ئي ڏينهن ۾ هن جي ذهن ۾ هڪ سوال طوفان جيان اڀريو هو:

Read More
ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: زينو

ڪار جي دري جو شيشو لاٿم ته ٿڌي برف جهڙي هوا اندر لنگهي آئي، سيءُ پاسيرين مان سيسراٽ پئي ڪڍيا، ڊرائيور کي گاڏي بيهارڻ لاءِ چيم جو سامهون ننڍڙي دڪان تي سائي ڀاڄي تي نظر پيم، بهه، سرنهن ۽ پليءَ جو ساڳ، گلابي گوگڙو، ڳاڙهن ٽماٽن جي رنگ پري کان ئي تازگي جو احساس ڏياريو، واڌو واهه جي ڪپر تي ڊرائيور گاڏي کي سلو ڪري ايٿوپين ٽيڪ ۽ نم جي وڻن جي قطار هيٺ گاڏي کي بيهاريو، کيس بهه سرنهن جو ساڳ، سائي ٿوم ۽ گوگڙو جي خريداري لاءِ پئسا ڏنم، منهنجي نگاهه روڊ کان هيٺ ميدان ۾ جهوپڙين، تي پئي، عارضي گهر ڦاٽل رلين سان جڙيل اتر جي ٿڌي هوا کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل هئا، تازو لڏو لٿو هو، مرد جهوپڙين اڳيان ڪي اندر ستل هئا ۽ ٻاهر ٻار پئي نظر آيا، ٻار انگ اگهاڙا، هڪ ٻئي پٺيان پئي ڊوڙيا هڪ ٻئي سان کيچل پئي ڪيائون، مرد گدلا ۽ سست پئي نظر آيا،

Read More
ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: شرڌا جا گل

پلّويءَ جو ايندڙ وقت آڪاش سان ايترو ته گنڍجي ويو هو جو ھوءَ ڪلپنائن ۾ به پنھنجي وجود کي ھُن کان جدا نٿي ڪري سگھي۔ ھوءَ اُنھن يادگيرين جو ڇا ڪندي؟ اُهي واعدا جيڪي هنن ٻنھي ھڪٻئي سان پنھنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ ڪيا هُئا؟ اُنھن يادگيرين جو درد پَل پَل سندس ساهه ۾ ڌڙڪن وانگر اچي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته چڀيل ڪوڪي وانگر ڦاٿل ئي رھندو هو۔ ھوءَ ڄاڻي ٿي ته ھن ڄار مان ٻاهر نڪرڻ ناممڪن ۽ بيڪار آھي۔ ھن تڙپ ۽ ناقابل برداشت درد مان نجات حاصل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي، ھوءَ پنھنجي پيار جي راھ تي هر قدم تي ناڪامين کي منھن ڏئي رھي ھئي۔ شايد سندس قسمت ۾ اِھو ئي لکيل هو۔

Read More
ڪهاڻيوننئون

چاچي شھزورَ جو ڪارنامو (ٻارن لاءِ وندرائيندڙ ڪھاڻي)

دڪان آڏو بيٺل موٽرسائيڪل سڃاڻي، فھد سمجهي ويو ته چاچا شهزور، سندس پيءُ سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ آيو آھي.
چاچو شهزور پوليس کاتي ۾ ڪم ڪندو ھو. توڙي جو ھو فھد جي پيءُ اعجاز احمد کان ڄمار ۾ گهڻو وڏو ھو پر پوءِ به ھنن ٻنهي جي پراڻي ۽ گهاٽي دوستي ھئي. چاچي جي بدلي جڏھن به ھِنَ شھرَ ۾ ٿيندي ھئي ته ھڪ نه ٻئي ڏينھن ڪچھريءَ لاءِ اعجاز جي ريزڪي سامان واري دڪان تي ضرور ايندو ھو.

Read More
خاصنئونناول

سمرقند (قسط ڇٽيهين)

اوڀر جي بيداري جي موقعي تي اتي موجود هجڻ هڪ اعزاز هو- اهي شديد جذبا، گرم جوشي ۽ شڪ جا لمحا هئا- ڪهڙا خيال، تابناڪ ۽ شيطان صفت ٻئي، ان جي ننڊاکڙي ذهن ۾ پيدا ٿي سگهيا ٿي؟ هو جاڳڻ کانپوءِ ڪهڙو عمل ڪندو؟ ڇا هو انهن ماڻهن تي جن کيس لوڏي ڇڏيو هو انهن مٿان هو سخت حملو ڪرڻ وارو هو؟ مون کي پڙهندڙ جا خط ملي رهيا هئا جن ۾ مستقبل جي پيشنگوئين جون تڪليف ڏيندڙ درخواستون هيون- کين 1900ع ۾ پيڪنگ جي “باڪسر بغاوت” اڃان تائين ياد هئي، غير ملڪي ڊپلوميٽ جن کي يرغمال ڪري پڪڙيو ويو هو اهي تڪليفون جيڪي حملا آور فوج کي عمر رسيده ملڪه، هيبتناڪ “دختر سماءَ” کي منهن ڏيندي پيش آيون، ۽ اهي ايشيا کان ڊنل هئا- ڇا ايران ان کان مختلف هوندو؟ مون ان جو جواب ڏاڍي تاڪيد سان “ها” ۾ ڏنو، اڀرندڙ جمهوريت تي اعتماد ڪندي- حقيقت ۾ هڪ “دستور” هاڻي هاڻي لاڳو ڪيو ويو هو، گڏوگڏ شهرين جي حقن جو دستورِ عمل هو- روز نوان نوان ڪلب وجود ۾ اچي رهيا هئا، اخبار به- هڪ مهيني جي اندر اندر نوي روزانه ۽ هفتيوار اخبارون جاري ٿيون هيون-

Read More
ڪتاب تي تبصرونئون

ليلا رام جي ڪتاب مِٽي خوشبو- ماڻھو خوشبو تي ويچار…

شاعريءَ جي وسيع خوشبودار ميدان تي روز شاعرن جي شاعريءَ جا شھپارہ ڇپجي پڌرا ٿيڻ جو سلسلو جاري رھندو اچي انھيءَ وڻندڙ مھڪدار چمن ۾ شاعر سائين ليلا رام به پنهنجو تازو خوشبودار گل شامل ڪري سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ شاھوڪار ڪرڻ تي جس لھي ٿو. ڀلي ليلا رام پاڻ کي وڏو شاعر نٿو سمجهي، پر ھو گهڻ پاسائين صلاحيتون رکندڙ سنڌ ڌرتيءَ جو موچارو ماڻھو ضرور آھي جنھن مان سدا بھار جي خوشبو چمن کي چوڏس گھڻو معطر ڪري ڇڏي ٿي.

Read More