شاعري
تصويرُن، سان تصويرُن جون، ڳالهيون آهن،
خاموشين، جي جاگيرُن، جون ڳالھيون آھن.
ساھ هوا ۾ ڳولين ٿا، ڏس خوشبُو جا،
پاڻيءَ سان ڪُجھ، تحريرُن جون ڳالھيون آھن.
هن وقت منهنجي سامهون جيڪو ڪتاب آهي، اُهو اُنهيءَ شخص جو آهي. جنهن وٽ احساسن جو خزانو آهي. بي حس سماج ۾ حساس هجڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. سو، هي شخص به اِهي عذاب ڀوڳيندو رهي ٿو. اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون سائين آصف جمالي صاحب جو ۽ سندس تازو شايع ٿيل ڪتاب “شهر ڪٿا” جو، جنهن ۾ تلهار شهر جي تاريخ غير روايتي انداز ۾ لکيل آهي.
Read Moreعيني؟ ھون،
تون ڇا ٿي سمجھين ته آئون توسان دوکو ڪري رھيو آھيان فريب ڪري رھيو آھيان..!؟
“مون ته ائين ڪونه چيو” عيني منھن تي آيل وارن جون چڳون هٽائيندي چيو. پوءِ ھيءَ ھيڏي وٿي ڇو؟ عيني ڇو؟ ھيءَ ھيڏي وڏي فيصلي تي به تون ماٺ ڇو. مون روئڻهارڪي آواز مان عيني کان پڇيو.
اڄ صبح کان وٺي، ٽيون دفعو ايئن ٿيو ھو جو پرس مان ڪجھ ڪڍندي، سندس پوئين گهر جي چاٻي ھٿ ۾ چڙهي پئي آئي… سڌير جي گهر جي.
سڌير کي ڇڏئي، سال ٿيڻ وارو ھئس يا ٿي ويو ھئس. ليڪن اڃان تائين به پرس جي کٽ کوٽ ڪندي، اگر اھا چاٻي سندس ھٿ کي لڳندي آهي ته سندس دل چوندي آھي ته ٽيڪسيءَ جو رخ، اوڏانھن ڦيرائي ڇڏي. چئي ڇڏي ٽيڪسيءَ واري کي ته؛ “ايڏانھن نه، ھيڏانھن ھل! مون ھاڻي ھاڻي، مڙس مٽي ڇڏيو آھي.”
ڪراچيءَ جي هڪ پوش علائقي جي هڪ مشهور ڪلب جي ڪشادي هال جي ڪنڊائتي ٽيبل ڏانهن چاليهه سالن جو ساحر احمد هلندو آيو ۽ ڪاري رنگ جي گول ڪرسي ڇڪي ان تي ويهي ٽيبل جي چمڪندڙ شيشي ۾ پنهنجو منهن ڏسڻ لڳو. هن پنهنجي شيو ٿيل منهن جو عڪس ڏٺو ته منهن تي مرڪ اچي ويس. خبر ناهي اهو ڪمال هال ۾ چمڪندڙ لائيٽن جو هو يا سچ به هن جي منهن ۾ هوريان هوريان نور موٽي رهيو هو. گذريل ٻن سالن کان جڏهن کان هو ڪلب جو ميمبر ٿيو هو هن ئي ڪنڊائتي ٽيبل تي ئي ويهڻ لڳو هو ۽ هاڻي اسٽاف اها ٽيبل هن لا ريزرو ڪري ڇڏي هئي.
Read Moreڪوٽ راڌا ڪرشن جي ڳوٺ چڪ نمبر اوڻونجاهه جون هوائون هميشه جيان دونهاٽيل، دونهاٽيل هيون، هو کٽ تي ليٽيل هو ڳڻتي ۾ ورتل، هيسيل، بت بخار ۾ ورتل ان ڏينهن جيان جنهن ڏينهن تي شمي ۽ شهزاد کان سڀ جدا ڪيا ويا، اهو منظر سندس اکين ۾ پيل ڪک هو، ان ڏينهن به ڳڻتي ڳارو ۽ مٿان واري جي بخار کيس نيستو ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري بٺي تي ڪين ويو هو، بٺو گهر کان سڏ پنڌ تي هو، ان ڪرت ۾ سڀ گهر ڀاتي ڀاڱيوار هئا، گهر جو هر هڪ ڀاتي قرضي هو، هن پاسو ورايو بدن مان سور جا ٽڙڪاٽ نڪري ويس، اکيون بند هئس، اکين ۾ ڪک چڀڻ لڳس، اوچتو رڙين تي اک کلي پيس، شمي جي ماءُ فقيري ڏي وڌندي ٿي آئي منهن ۽ مٿي کي ڌڪ هڻندي دانهن ڪئي، اُٿ فقيرا ٺيڪيدار ۽ ان جا ساٿي شمي ۽ شهزاد کي باهه ۾ جيئرو ساڙڻ لاءِ کوري ڏانهن وٺي پيا وڃن،
Read Moreڪي ڏينھن سندس دل اداس رھي ھئي، ھو خاموش رھجي ويو ھو. ماريه سمجهي رھي ھئي ته، کيس بي اولاديءَ جو غم آھي، جيڪو کيس کائي رھيو آھي، پر کيس پنھنجي صحت جي پريشانيءَ سان پکين جو به الڪو ھو.
Read Moreشيرين مون کي ان دستاويز جو نقل موڪليو هو- اڃان تائين مون وٽ موجود آهي ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن ان کي دل وندرائڻ جي لاءِ ڏسندو آهيان- ان ۾ لڳ ڀڳ 40 کن مردن ۽ عورتن کي ترڪي، جاپاني ۽ آسٽرين لباس پاتل ڪنهن باغ ۾ وڻن جي هيٺان وڇايل غاليچن تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي- تصوير جي ان حصي ۾ جنهن تي سڀ کان پهرين نظر ٿي پوي ان ۾ موسيو نائوس نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي اڇي ڏاڙهي ۽ ڪجهه اڇن ۽ ڪارن وارن جي کچڙي ٿيل مُڇِن ۾ هو سڀن کان ڌار ۽ ممتاز نظر اچي رهيو آهي ايترو جو ڪوبه آسانيءَ سان کيس پرهيزگار مذهبي پيشوا چئي سگهي ٿو- تصوير جي پٺيان شيرين لکيو هو: “ايترن گهڻن ڏوهن کانپوءِ به سزا کان بچيل، معمولي ڏوهه تي شرعي سزا يافتا-”
Read Moreهوءَ مسلسل کڙڪيءَ ڀر سان بيٺي هئي۔ بلڪل اداس ۽ ملول۔ اک آسمان ۾ کُتل هُئس. ڄڻ پروردگار سان خاموش شڪايت ڪندي هجي۔ ڄڻ آسمان تي ڪا مبهم تحرير پڙهندي هجي، پر آسمان تي ته ستارن جي تحرير لکيل هئي۔ تارن جي ڪڙيءَ ۾ تقدير جي تحرير کي ڪيئن ٿو پڙهي سگھجي۔ ڪاتب تقدير ته جيڪو لکيو آهي سو ته لوح قلم ۾ محفوظ آهي۔ جنھن کي نه پڙھي سگھجي ٿو نه ئي ان تحرير کي مٽائي سگھجي ٿو۔ هوءَ جيڪا تحرير آهي سا ته پٿر تي لڪير آھي، اٽل آهي، اڻٽر آهي۔
Read More