نئون

بلاگنئون

ٻوڏ جي صورتحال مان صوبا نڪتا ئي ناهن

2023 جي بارشن ۾ ملڪ جو ٽيون حصو خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان پاڻي هيٺ رهيو، 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، ان سان گڏوگڏ سندن گهر گهاٽ ڊهي پٽ پئجي ويا، روڊ، ريلوي ٽريڪ، پُليون تباھ ٿي ويون، سندن بيٺل فصل، چوپايا مال ٻڏي ويا ۽ سندن معيشتون تباھ ٿي ويون،

Read More
بلاگخاصنئون

شھيد راڻي بينظير ڀٽو جو مبارڪن ڀريو جنم ڏينهن

سنڌ پنهنجن داناءَ شخصيتن، ڏاھپ ڌڻين، گهڻو پڙھيل ڪيترن سياستدانن، نامور علمي ادبي ھستين طور به مشھور ۽ بلند ڏسجي ٿي. ھتي جي گھڻن تعليم يافتا سياستدانن مان ڳڙھي خدا بخش/رتوديرو، لاڙڪاڻو جو “ڀٽو” خاندان پنهنجي وضعداري، راڄ ڀاڳ، برادري، زمينداري، سرداري، تعليمي لياقتن، سياست، نياز نوڙت، محبتن ۽ سماج ۾ پنهنجي خاص حيثيت طور مشھوري سڃاڻپ ۽ اھميت رکي ٿو.

Read More
بلاگنئون

پنھنجي تَڪن جي مالڪي ڪريو..!

ھن وقت سڄي مُلڪ ۾ وفاقي بجيٽ ۽ صوبائي بجيٽ بحث هيٺ آھي. ھرڪو ماڻھو پريشان ۽ مايوس آھي. مُلڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري عام آھي. ھر طبقو پريشان آھي. اسين جيڪي سنڌ واسي آھيون اھي صرف سڄي ملڪ جي نااھل ۽ جي حضوري نمائندن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل آھيون.

Read More
بلاگنئون

قربانيءَ واري عيد ۽ شهرن جي صفائي

خير سان عيد به ٿي گذري عيد جون به مبارڪون، پر گندگي به مبارڪ، جتي قرباني فرض آهي اتي صفائي به نصف ايمان آهي ان ڪري هر مومن مسلمان تي فرض آهي ته هو ٻئي فرض ۽ واجب دل سان نڀائي، توڙي جو اسان وٽ اڃان تائين اها روايت برقرار آهي ته ڪارو ٻڪر (ڇيلو) جي در جي چائنٺ تي ڪهبو ۽ قربان ڪبو ته ڌڻي پرچي پوندو

Read More
بلاگنئون

ڦل جي مٽيءَ جو ماٺيڻو ماڻهو

دنيا اندر دوستي جيترو خوبصورت لفظ آهي ايترو ئي احساسن جو خوبصورت رشتو، قرب ۽ محبت جو رشتو، نازڪ جذبن جو رشتو، پنهنجائپ جو رشتو، ڀائپي ۽ برادريءَ جو رشتو هوندو آهي. مطلب ته دنيا ۾ دوست زندگيءَ ۾ نه بلڪه دوستن سان ئي زندگي آهي ۽ سنجيده دوست ملڻ ڏينهون ڏينهن محال ٿيندا پيا وڃن.

Read More
بلاگنئون

ڪالم ڪهاڻي: اڳ جو ڪاڻو هاڻ سياڻو، سائين…

1994ع جو زمانو هو، مان وزيراعليٰ جو اسپيشل اسسٽنٽ هئس ۽ هو منهنجو اسسٽنٽ. ماري ڇڏيندو هو جڏهن ڪو سوال ڪندو هو، مان نه ڏيندو هئس، هو جواب ڏيئي ڇڏيندو هو. منهنجو اسپيشل اسسٽنٽ جو هو. مون کان گهٽ پڙهيل هو جيئن سائين وزيراعليٰ کان مان گهٽ پڙهيل هئس. هئس ته مان به الائي ته ڇا ڇا، پر هو مون کان به مٿي هو.

Read More
بلاگنئون

اُتر سنڌ مان رت جي راند ڪير بند ڪرائي امن امان بحال ڪرائيندو؟

چونڊون ٿيون ٻيهر سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي، پر اُتر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي، جنهن سبب عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ روز سوين وارداتون ٿين ٿيون لاڙڪاڻي، سکر، ڊويزنن جي مختلف ضلعن ڪنڌڪوٽ ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، دادو، ميهڙ قمبر شهداڪوٽ، نوابشاھ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به باهه ٻريل آهي.

Read More
بلاگنئون

عوامي هيرو اياز علي

جمعو 14 جون 2024ع، پاڪستان جي سڀ کان معياري اخبار ڊان DAWN جي ميٽرو سائوٿ جي پھرين صفحي تي ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سنڌ رپورٽ سان گڏ ھڪ خبر شايع ٿي آھي جنھن جي سرخي آھي: ھڪ سپاھي پاران 16 لک رپيا رشوت وٺڻ کان انڪار ڪرڻ تي جج کيس ساراهيو.

Read More