column

بلاگنئون

سرڪار ﷺ جي آمد مرحبا

الله رب العالمين عز و جل جا ڪروڙ ها ڪروڙ بيشمار احسانات جو انهيءَ اسان کي اهڙي آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جو امتي بڻايو آهي. جنهن جي لاءِ تمام انبياءَ ڪرام، رسولن، پيغمبرن امتي ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪندي فخر محسوس ڪيو ۽ انهيءَ عظيم هستيءَ جي پوئلڳي ۾ پنهنجي دائمي عافيت سمجهندي هر وقت درود و سلام جي ڪثرت ڪري الله جو راضپو حاصل ڪيو. هونئن ته پوري دنيا ۾ هر هنڌ تي بيشمار انسان ته انسان پر پرنده چرندا، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، هر خشڪ و تر الله عز و جل جي پياري حبيب رئوف رحيم حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جي نعت خواني ڪرڻ لاءِ مختلف انداز ۾ ثنا خواني ڪندا رهن ٿا.

Read More
بلاگنئون

ڀٽائي هڪ مفڪر، محقق ۽ جديد دور جو فلسفي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن جديد دور جي فلسفياڻي علم جو پروفيسر اعظم، فلڪيات جو زبردست ڄاڻون، سائنسي دور جو نقاد، مشاهداتي علم جو عظيم محقق، فرقا پرستي جو سخت مخالف، انسانيت جي پيروڪار ۽ علمبردار سان گڏوگڏ هن جديد دور جو زبردست سياستدان به آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن مان جيڪا ڄاڻ ملي ٿي، جيڪڏھن انهن شعرن تي تحقيق ڪجي ته دنيا جو تمام علم انهن شعرن ۽ بيتن ۾ سمايل نظر ايندو، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تعصبي بنياد پرست علمي، ادبي اڪابرين شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڏنل علم تي تحقيق بجاءِ کين مسلسل نظر انداز ڪندا پيا اچن. هن دنيا جي عظيم ڏاهي پروفيسر جي علمي خزاني کي مزار تي چادرون چاڙھي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ٻئي طرف دنيا جا محقق شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڪائناتي يونيورسٽي جي عظيم پروفيسر جي خطاب سان نوازي رهيا آهن پر بدقسمتي سان اسان شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي پير چئي چادرون چاڙھي ان جي علم ۽ شعور کي سمجهڻ کان هميشه قاصر آهيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن مان ڪل ڪائنات جي لاءِ فڪرمندي جو درس ملي ٿو، آئون يقين سان چئي سگهان ٿو ته شاهه صاحب انسانيت جو علمبردار ۽ روحاني حڪيم سان گڏوگڏ اعليٰ درجي جو عاشق يڪتا پرست نظر اچي ٿو.

Read More
بلاگنئون

تحريڪ طالبان جي اڀرڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جي تاريخ

اها ٻي ڳالھ آهي ته طالبان کي سڀ کان وڌيڪ چندا، امدادون ۽ پئسا عرب ملڪن مان مليا ۽ پوءِ افغانستان اندر ڪڏهن مجاهد، طالبان ۽ ڪڏهن افغان نيم فوجي جوان بڻجي وڙهيا. انهن مجاهدن ۾ ايشيائي ملڪن جا ويڙهاڪ به شامل رهيا، جن کي گهربل تربيت ڏئي جنگي ميدان ۾ موڪليو ويندو هو، جن جي جوش جي اها حد هئي ته ”اهي جهاد في سبيل الله ۾ حصو وٺڻ آيا آهن“ جن جي رجسٽريشن ۽ داخلا پاڪستاني بارڊر تي ٿيندي هئي ۽ تصديقي عمل کانپوءِ انهن کي جهادين ۾ شامل ڪيو ويندو هو. اهو به واضح هو ته انهن سڀني جهادي تنظيمن جا مالي مددگار عرب ملڪ هوندا هئا، پاڪستاني احمدي رشيد (صحافي) جي ڊيٽا جي مطابق 1982 کان 1992 تائين 35 هزار جهادي تنظيمون يا شخص ان ڪار خير ۾ شامل رهيا،

Read More
بلاگنئون

سنڌي ادب جو سرموڙ شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو

عبدالڪريم سومرو/ادل سومرو، محمد صالح سومرو جي گهر 15 آگسٽ 1955ع تي سکر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد هنرمند هو. گهرو ماحول ادبي نه هئس، پر حالتن مطابق سندس اندر جو تخليقڪار اڀري سامهون آيو. ننڍپڻ ۾ ٻاراڻي ادب سان لکڻ ڄي شروعات ڪيائين. سندس ادبي اوسر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو وڏو هٿ رهيو. رشيد ڀٽيءَ جي معرفت سندس ملاقاتون شيخ اياز، تنوير عباسي، فتاح ملڪ ۽ ٻين ڪيترن اديبن ۽ عالمن سان ٿيون. کيس مطالعي جو جهجهو شوق رهيو آهي. علمي طور ايم اي اڪانامڪس ۾ ڪرڻ بعد هن سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي ڪئي ۽ ان کان پوءِ پي ايڇ ڊي ڪيائين. جنهن جو موضوع ”سنڌي ادبي سنگت: تاريخ ۽ ڪردار آهي“. جا ڊگري ڊاڪٽر ادل صاحب 1999ع ۾ ورتي. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ ڪم ڪيائين. جتي سنڌي شعبي جو چيئرمين رهيو ته شيخ اياز چيئر پڻ سنڀاليائين.

Read More
ڪتاب تي تبصرونئون

ليلا رام جي ڪتاب مِٽي خوشبو- ماڻھو خوشبو تي ويچار…

شاعريءَ جي وسيع خوشبودار ميدان تي روز شاعرن جي شاعريءَ جا شھپارہ ڇپجي پڌرا ٿيڻ جو سلسلو جاري رھندو اچي انھيءَ وڻندڙ مھڪدار چمن ۾ شاعر سائين ليلا رام به پنهنجو تازو خوشبودار گل شامل ڪري سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ شاھوڪار ڪرڻ تي جس لھي ٿو. ڀلي ليلا رام پاڻ کي وڏو شاعر نٿو سمجهي، پر ھو گهڻ پاسائين صلاحيتون رکندڙ سنڌ ڌرتيءَ جو موچارو ماڻھو ضرور آھي جنھن مان سدا بھار جي خوشبو چمن کي چوڏس گھڻو معطر ڪري ڇڏي ٿي.

Read More
بلاگنئون

عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻندڙ حڪمران طبقي جو آخر احتساب ڪير ڪندو؟

عام چوڻي آهي ته محنت ۾ عظمت هوندي آهي، پر جنهن ملڪ ۾ اسين رهون ٿا ان ملڪ جي محنت ڪش ماڻهن جي ڪمائي ۾ ڪابه برڪت ئي نه آهي. يعني هاري، مزدور جيڪي ملڪ جي معيشت جا ڦيٿا سمجهيا ويندا آهن انهن ويچارن وٽ ٻه ويلا ماني کائڻ جي به وصيت نه هوندي آهي، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ هاري، مزدور جي اجرت پاڪستان جي سترهين گريڊ جي آفيسر جي برابر هوندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ بنيادي سڀ سهولتون به انهن کي ميسر هونديون آهن، سڌريل ملڪن جا هاري، مزدور پنهنجي خود ڪفيل زندگي بسر ڪري رهيا آهن، پر اسان جي ملڪ پاڪستان جي هاري، مزدور جي زندگي هميشه مفلسي ۽ پريشاني ۾ گذري رهي آهي، هن ملڪ ۾ هارين، مزدورن کان ٽيڪس ته ورتي وڃي ٿي، پر انهن کي بنيادي سهولتون جهڙوڪ: بيماري ۾ علاج جي سهولت، پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت، تعليم جي سهولت، نيڪاسي آب، روڊن رستن، بجلي ۽ گئس جي سهولت کان به محروم رکيو وڃي ٿو. جنهن ملڪ ۾ چورن ۽ لٽيرن جي بادشاھت هجي اتي غريب جي ڪابه حيثيت نه هوندي آهي.

Read More
بلاگنئون

حيدرآباد جي سدا بھار شاعر اڪرم بخارائي سان ڪچهري

حيدرآباد جي ويجھو بخاري سادات بزرگ ھستين جي وسندي ڳوٺ محمد خان باگراڻي “ديھ شاھ بخاري” جي صوفي رنگن سان ڀريل درويشي وڻندڙ ماحول ۾ 2 مارچ تي جنم وٺندڙ سدا بھار شاعر اڪرم بخارائي ھڪ يار ويس مولائي طبيعت رکندڙ دلبر شخص آھي.

Read More