ادب

ادبخاصشاعرينئون

شاعري

گلڙا ۽ گلزاري هوندي،
چوڏس باغ بهاري هوندي،
خوشبوءِ خوشبوءِ مهڪي پوندي،
رنگ برنگي پوپٽ هوندا،
هٿ ۾ ڊنگهري،
پاڻ ڀنڀورين پويان ڊوڙي،
ٽهڪ وکيري جڳ سمورو،
خوشبوئن سان واسينداسين،
پير پير ۾ پائينداسين،

Read More
ادبخاصنئون

ڊائري جا ورق

دل چاهيندي آهي ته لکان، لکڻ باقاعدا شروع ڪريان. مضمون، تبصره، ڪهاڻيون، ڊراما وغيره. ان لاءِ ڪيئي موضوع ذهن ۾ ايندا آهن، پر لکڻ جو وقت بلڪل نه ٿو ملي. ڪاروبار ۾ اهڙو ڦاٿل آهيان جو لکڻ لاءِ ٽائيم نٿو بچي. حالانڪه مونکي انتهائي گهڻو شوق آهي، لکڻ جو ۽ پوءِ جڏهن لکي نه سگهندو آهيان.

Read More
ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: آرسيءَ ۾ عڪس

هوءَ بستري تي ليٽل ھئي. ڪمري جا سڀ بلب بند ھئڻ سبب اونداهي پکڙيل ھئي. ڪمري ۾ ايتري ماٺار ڇانيل هئي جو ڀت تي لڳل گهڙيال جي سيڪنڊ واري ڪانٽي جي چُرپُر جو آواز به ڪمري ۾ ٻڌڻ ۾ پئي آيو. سندس دل جو ڌڙڪو ۽ گهڙيال جي ڪانٽي جو آواز پاڻ ۾ گڏجي ويا هئا.

Read More
ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ڏهه جريب

پاڻهي پيئي سُئي سڳي کي سوريندي، ڳالهه پڌري پٽ ٿي پوندي، “هون” وڃ ۽ ور، کن مان پل نه ٿئي. هو به حڪم سڻندي واھ مينھن ٿي ويو ڪچڙي منجهند ٽاڻو ھو، ڪمري ۾ وڇايل کٽ، جنهن جا پاوا رڱيل ھئا، ويٺي سرڪاري ڪاغذ اُٿلايائين، ماڻس به موڙو سوري اچي ڀر ۾ ويهي رهيس. ابا ھيڪي ڳالھه ڪئيان جي ڇڙٻين نه ته؟

Read More
ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: قتل جو مقدمو

پهريان ته هوءَ چپ چاپ ويهي هن جون ڳالهيون ٻڌندي رهي، پر پوءِ هن جي اکين ۾ بيزاري ۽ بوريت محسوس ٿيڻ لڳي. هن چيو بس ڪر، ڇڏ انهن ڪهاڻين کي، ڇا تون ڪهاڻيون لکي لکي ٿڪجين نٿو؟ جن پنن تي تون اهي ڪهاڻيون لکين ٿو اهي پنا سواءِ لفافه ٺاهڻ جي ٻئي ڪنهن به ڪم نٿا اچن. تون هڪ قابل رحم ماڻهو آهين، پر مان توتي رحم به نٿي کائي سگهان.

Read More
ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: پوپري

ملهار جي نظر جيستائين وئي ٿي، اوستائين فقط پاڻي ئي پاڻي هو. هُن جي سڄي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو هو. اهوئي سمنڊ جيڪو سدائين سنڌوءَ جي ڇولين سان پيو ڌڪبو هو، اڄ ڪنهن چور وانگر اُن ملهار جي زمين چورائي ورتي هئي. سمنڊ کي هو چور سمجهندو هو، بلڪه وڏو ڌاڙيل هو، جنهن سندس آباد زمين تي ڌاڙو هنيو هو. لوڻياٺي ٿي ويل زمين هاڻ ڪنهن ڪم جي ڪونه رهي هئي.

Read More